25 Nov 2017

عظيم فلاسفر سلسلو 1 سقراط

👈عظيم فلاسفر سلسلو نمبر 1

🌺 سقراط 🌺

دنيا جو عظيم ڏاهو سقراط 470 قبل مسيح ۾ يونان جي شهر اٿينس ۾ پيدا ٿيو. سقراط ننڍڙي هوندي کان سوچڻ جو شوقين هوندو هو. سچ جو ڳاٽ اوچو ڪندڙ هن ڏاهي جي زندگي جا ڪجه سال فوجي حيثيت سان جنگ ڪندي گذريا، باقي سندس سڄي ڄمار "ڏاهپ" جي خدمت ڪندي گذري.

سندس طريقه ڪار اهو هوندو هو جو روزانه اچي شهر جي ڪنهن چوڪ تي ويهندو هو. ٿوري دير ۾ سندس ڪچهري ۾ اٿينس جي نوجوانن جا جٿا ائين ڪرند هئا جئين شمع تي پروانا. سقراط سڄو ڏينهن انهن سان ڪنهن نه ڪنهن مسئلي تي ڳالهائيندو هو ۽ انهن کان سوال ڀچندو هو. انهن نوجوانن ۾ افلاطون، ارسطو، فيننز، زينوفان ۽ اگيٿون سرفهرست هئا.
سندس گفتگو جا موضوع اڪثر ڪري، جمهوريت، سياست، رياست، سچ، عدل ۽ عقل وغيره هئا. انهن سڀني موضوعن تي سقراط کان اڳ ڪيترن فلاسفرن پنهنجا نظريا ٺاهي ورتا هئا. سقراط انهن سڀني نظرين کي رد ڪيو ۽ پنهنجي هڪ طريقه ڪار"مڪالمي"(Dialouge) ذريعي نيون وصفون ڏين جي ڪوشش ڪيائين. اهستي اهستي سقراط مشهور ٿيندو ويو. ان وقت يونان ۾ سوفسطائي فيلسوف هئا جيڪي ڏاها سمجهيا ويندا هئا. سقراط واري واري سان هر ڏاهي وٽ ويندو هو ۽ انهن کان سوال پڇندو هو سندس جواب مٿان وري سوال ڪندو هئو ايسيتائين جو انهن جي ڏاهپ جواب ڏئي ويندي هئي ۽ ڪاوڙ ۾ اچي سقراط کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳندا هئا.
سچائي تائين پهچڻ لاء سقراط پنهنجو طريقه ڪار ايجاد ڪيو تنهن کي مڪالمو dialouge  يا گفتگو چوندا آهن.
سقراط پنهنجي گفتگو جو مرڪز اخلاقي نقطن کي ٺاهيو. هن ڪوشش ڪئي ته تقوي، انصاف، همت ۽ بزدلي وغيره جي ڪا وصف واضح ڪجي. پنهنجي هن مقصد يعني سچائي، ڏاهپ ۽ اخلاقي قدرن جي ماهيت کي سمجهڻ لاء هو سوچ ويچار جي سلسلي کان علاوه خاص محفلون به جاري رکندو هو. جيڪي اڪثر ڪري هن جي شاگردن جي گهرن يا شهر جي چوڪن تي ٿينديون هيون.
سقراط جو اهو فلسفو حڪمران جي پنهنجي خلاف بغاوت سمجهيو ۽ پنهنجي حڪومت لاء خطرو محسوس ڪندي سندس خلاف سازشون سٽڻ لڳا.

👈مقدمو ۽ زهر جو پيالو

اٿينس شهر جي عدالت ۾ 500 شهري جيوري جي موجود گي ۽ ڪيترائي تماشاين آڏو  بحثيت جوابدار سقراط تي اهي الزام پيش ڪيا ويا.
1. هو يونان جي معروف خدائن کي نٿو مڃي ۽ نوان نوان ديوتا متعارف ڪرائي ٿو.
2. پنهنجي گفتگو ۽ ڪچهرين جي ذريعي نوجوانن جي اخلاق کي ٿو بڳاڙي.

500 ججن مان تقريبا 280 ججن سقراط کي موت جي سزا ٻڌائي. 220 ججن سزا جي مخالفت ڪئي. ان وقت رواج مطابق سقراط کان سزاء موت جي بجاء اختيار ڏنو ويو ته هو پنهنجي لاء ڪا سزا تجويز ڪري سگهي ٿو. آخر ججن 70 سالن جي پوڙهي کي هڪ مهيني کان پوء 399 ق م ۾ زهر جو پيالو پئيڻ جي سزا ٻڌائي.

👈بنيادي نظريات

⬅روح حقیقی مجرد آهي ۽ جسم کان جدا  آهي.

⬅جسم جو موت روح جو خاتمو نه بلڪه هن جي  آزادی جي هڪ واٽ آهي ، تنهن ڪري  موت کان ڏجڻ حماقت آهي۔

⬅جهالت جو مقابلو ڪرڻ گھرجي ، ۽ انفرادی مفاد کي اجتماعی مفاد جي پس منظر سان ڏسڻ گهرجي۔

⬅انسان کي  انصاف ۽ ظلم، ۽ سچ ۽ ڪوڙ ۾ تمیز رکڻ گهرجي۔

⬅حکمت ۽ ڏاهپ لاعلمی جي ادراک ۾ لڪيل آهي۔

⬅ڄاڻ ٻن  قسم جو هوندو آهي۔ هڪڙو رايو ٻيو علم ۔ عام ماڻهو  فقط رايو رکندو آهي ۽ هن تي عمل ڪري ٿو جڏهن ته ٻيو رڳو حڪمت واري کي مليل هوندي آهي.

⬅نيڪي  علم آهي هن ڪري تنهن جي تعليم ٿي سگهي ٿي۔ خیر ۽ شر  جا اصول عقلی طور تي ماڻهن کي سمجهائي سگهجي ٿو.

⬅بدی ڪرڻ جي  بعد سزا پائڻ کان بنسبت  بچي نڪرڻ بهتر آهي۔

⬅سچو ماڻهو موت کان نه بلڪه بد اعمالی گهبرائيندو آهي۔

⬅نيڪي عقل آهي ۽  بدی جهالت.

📝تحرير: افتخار علي

No comments: