1 Sept 2017

قرباني ۽ ان جا مسئله

قرباني ۽ ان جا مسئله
عيد الاضى جا احڪام
نبي ڪريم ﷺ فرمايو آهي ته عبادت جي لاء عشره ذي الحجة کان بهتر ڪابه رات ناهي.
ان ۾ هڪ ڏينهن جو روزو هڪ سال برابر آهي ۽ هر رات جي عبادت شب قدر جي عبادت برابر آهي . (ترمذي ،ابن ماجه)
قرآن مجيد ، سورت الفجر ۾ الله تعالى  ڏهن راتين جو قسم کنيو آهي ،اهي راتيون جمهور جي قول مطابق اهي ئي عشره ذي الحجة جون راتيون آهن.خاص ڪري نائين رات يعني يوم عرفه ۽ عيد جي درمياني رات ، انهن تمام راتين ۾ به خاص فضيلت رکي ٿي. عرفه يعني نائين ذي الحج جو روزو رکڻ گذريل هڪ سال ۽ ايندڙ هڪ سال جو ڪفارو ادا ڪري ٿو ۽ عيد جي رات ڄاڳي عبادت ڪرڻ وڏي فضيلت ۽ ثواب جو ڪارڻ آهي .
تڪبير تشريق :
الله اڪبر الله اڪبر لا اله الا الله والله اڪبر الله اڪبر ولله الحمد 
عرفه جي نائين تاريخ جي صبح کان تيرهن تاريخ جي عصر نماز تائين هر فرض نماز کان پوءِ بلند آواز سان هڪ مرتبو اها تڪبير پڙهڻ واجب آهي ، فتوى انهي تي آهي ته باجماعت ۽ اڪيلي نماز پڙهڻ واري هن ۾ برابر آهن .هنئي نموني مرد ۽ عورت تي واجب آهي البت عورت تڪبير تشريق هوريان پڙهندي (شامي)
تنبيه: هن تڪبير کي وچولي آواز سان پڙهڻ ضروري آهي گهڻا ان ۾ غفلت کان ڪم وٺن ٿا يا ته پڙهندا ئي نه آهن يا وري هوريان پڙِهندا آهن هن جي اصلاح ضروري آهي .

 عيد جي نماز :
عيد الاضحى جي ڏينهن جون سنتون هي آهن
صبح سويري اٿي غسل ڪرڻ ، مسواڪ ڪرڻ، سٺا ڪپڙا پائڻ  جيڪو هن وٽ ميسر هجي ،خوشبو لڳائڻ عيد نماز کان اڳ  ڪجه به نه کائڻ ، عيد گاه ويندي تڪبير تشريق بلند آواز سان پڙهڻ .
عيد جي نماز ٻه رڪعتون آهن جيئڻ ٻين نمازن ۾ آهي ، فرق ايترو آهي ته هن ۾  هر رڪعت جي اندر ٽي ٽي زائده تڪبيرون  آهن. پهرين رڪعت ۾ سبحانڪ اللهم  پڙهڻ بعد قرآئت کان اڳ ۽ ٻي رڪعت ۾  قرائت کان پوءِ رڪوع کان اڳ انهن زائده تڪبيرن تي هت مٿي کڻبا آهن .
پهرين رڪعت ۾ ٻن تڪبيرن ۾ هت ڇڏڻا آهن ۽ ٽئين تڪبير بعد هت ٻڌڻا آهن . ٻئي رڪعت ۾ ٽنهي تڪبيرن کان پوءِ هت ڇڌڻا آهن چوٿين تڪبير بعد رڪوع ۾ وجڻو هوندو آهي . عيد نماز کان پوءِ خطبو ٻڌڻ واجب آهي .
قرباني :
قرباني هڪ اهم عبادت ۽ اسلام جي شعائرن مان آهي زمانه جاهليت ۾ به ان کي عبادت سمجهيو ويندو هو پر بتن جي نالي تي قرباني ڪندا هئا هن ئي نموني اڄ ٻين مذهبن ۾ مذهبي رسم ادا ڪئي ويندي آهي ، بتن جي نالي تي ، مسيح جي نالي تي قرباني ڪندا آهن . سورت انا اعطيناڪ  ۾ الله تعالى پنهنجي رسول ﷺ کي حڪم ڏنو ته  جهڙي طرح نماز الله تعالى کان سواءِ نٿي ٿي سگهي قرباني به انهيءِ نالي تي ٿيڻ گهرجي ، فصل لربڪ وانحر  جو اهوئي مفهوم آهي .
ٻي آيت  ۾ هن مفهوم کي  ٻي نموني هن طرح بيان ڪيو ويو آهي 
ان صلوتي ونسخي و محياي و مماتي لله رب العالمين 
رسول الله ﷺ هجرت کان پوءِ ڏه سال مديني ۾ قيام فرمايو ، هر سال برابر قرباني ڪندا رهيا جنهن مان معلوم ٿيو ته قرباني رڳو مڪي مڪرمه لاءِ مخصوص ناهي بلڪه هر شخص ، هر جاءِ بعض شرطن جي تحقيق جي واجب آهي (ترمذي) ۽ مسلمانن کي ان جي تاڪيد فرمائيندا هئا انهيءِ ڪري جمهور اسلام وٽ قرباني واجب آهي(شامي)
قرباني ڪنهن تي واجب  آهي؟
قرباني هر مسلمان ، عاقل ، بالغ مقيم تي واجب آهي، جنهن وٽ ساڍه ٻاونجاه توله چاندي يا ان جي قيمت جو مال  ان جي اصلي حاجت  کان وڌيڪ  هجي اهو مال چاهي سون جي صورت ۾ هجي يا هن زيورات جي يا تجارتي مال يا ضرورت کان زائد گهريلو سامان يا جنهن گهر ۾ رهي ٿو ان کان علاوه ڪو مڪان هجي  .(شامي)
قرباني جي معاملي ۾ سال گذرڻ جو شرط ناهي ، ٻار يا چرئي جي ملڪيت ۾ جيڪر ايترو مال هجي ته هن تي يا ان جي ولي تي قرباني واجب ناهي ، اهڙي طرح جيڪو شخص شرعي قاعدي موافق مسافر هجي ان تي به قرباني لازم نٿي ٿئي .(شامي)
مسئلو : جنهن شخص تي قرباني واجب نه هئي هن قرباني جي نيت سان جانور ورتو ته پوءِ ان تي قرباني واجب ٿي ويندي. (شامي)
قرباني جا ڏينهن :
قرباني جي عبادت رڳو ٽي ڏينهن مخصوص آهي ، ٻين ڏينهن ۾ قرباني جي ڪابه عبادت نه آهي ، قرباني جا ڏينهن ذوالحجه جي ڏهين ، يارنهن  ۽ ٻارنهن تاريخون آهن ان ۾ جهڙي ڏينهن چاهي قرباني ڪري سگهي ٿو ، البت پهريون ڏينهن افضل آهي .
قرباني جي بدران صدقو يا خيرات:
جيڪر قرباني جا ڏينهن گذري ويا ناواقفيت يا وري غفلت يا ڪنهن عذر ڪري قرباني نه ڪري سگهيو ته پوءِ قرباني جي قيمت غريب فقراء تي صدقو ڪرڻ واجب آهي . پر قرباني جي ٽن ڏينهن ۾ جانور جي قيمت صدقو ڪرڻ سان اهو واجب ادا نه ٿيندو ، سدائين گنهگار رهندو ڇو ته قرباني هڪ مستقل عبادت آهي .
جئين نماز پڙهڻ سان روزو ۽ روزو رکڻ سان نماز ادا ناهي ٿيندي ، زڪواة ادا ڪرڻ سان حج  ادا ناهي ٿيندي اهڙي طرح صدقو ۽ خيرات ڪرڻ سان قرباني ادا نه ٿيندي آهي ، رسول الله ﷺ  جي ارشادات ۽ صحابن جو تعامل ان تي شاهد آهن.
جن ڳوٺن ، شهرن ۾ جمعي جي ۽ عيدين جي نماز جائز آهي اتي عيد نماز کان پهرين قرباني جائز نه آهي، جيڪر ڪنهن نماز کان اڳ قرباني ڪئي ان تي ٻيهر قرباني لازم ٿيندي . البت ننڍن ڳوٺن ۾ جتي جمعي ۽ عيدين جي نماز نه ٿيندي هجي پوءِ هتي جا ماڻهو ڏهين جي صبح صادق کان پوءِ قرباني ڪري ٿا سگهن اهڙي نموني ڪنهن عذر جي سبب عيد نماز پهرين ڏينهن نه ٿي سگهي ته پوءِ عيد نماز جي وقت گذرڻ کان پوءِ قرباني درست ٿي ويندي .
مسئلو : قرباني رات جو به جائز آهي پر ايئن ڪرڻ بهتر ناهي (شامي)
قرباني جو جانور:
ٻڪرو ، رڍ جو هڪ ئي شخص جي طرف قرباني ٿي سگهي ٿي ، ڱئون ، ڍڳو، مينهن ، اٺ ۾ ست ماڻهو جي طرفان هڪ ڪافي آهي شرط اهو ته نيت ثواب جي هجي رڳو گوشت کائڻ جي نيت نه هجي .
مسئلو :ٻڪرو ، ٻڪري هڪ سال جو هجڻ ضروري آهي ، رڍ جيڪر ٿلهو متارو هجي جو ڏسڻ ۾ سال جيترو لڳي پوءِ قرباني جائز آهي ڱئون ، ڍڳو، مينهن ٻن سالن ۽ اٺ پنج سالن جو هجڻ ضروري آهي . ان کان گهٽ عمر ۾ قرباني جائز نه ٿيندي.
مسئلو : جيڪر جانور فروخت ڪرڻ وارو عمر پوري ٿو ٻڌائي ۽ ظاهري طرح سان ان جي ڳالھ ڪوڙي نه لڳي ته ان تي اعتماد ڪرڻ جائز آهي
مسئلو : جنهن جانور جو سنڱ پيدائشي طور کان نه هجن يا وچ ۾ ٽٽي پيو هجي ان جي قرباني جائز آهي ، هان البت پاڙ کان اکڙي ويو هجي ته جنهن جو اثر دماغ تي هجڻ لازم آهي ان جي قرباني جائز ناهي .(شامي)
مسئلو: خصي ڪيل ٻڪرو قرباني ڪرڻ جائز بلڪه افضل آهي .(شامي)
مسئلو: انڌي، ڪاڻي ،لنڳڙي جانورن جي قرباني درست ناهي ، اهڙي طرح ڪزور جيڪو قرباني ڪرڻ واري جاءِ تي پنهنجي پيرن سان نه پهچي سگهي اهڙي جانور جي قرباني جائز ناهي.(درمختار)
مسئلو: جنهن جانور جو ٽن حصن کان وڌيڪ ڪن، پڇ وغيره ڪٽيل هجي ان جي قرباني جائز ناهي .(شامي)
جنهن جانور جا ڏند بالڪل نه هجن يا گهڻا نه هجن ان جي قرباني جائز ناهي.(شامي) (درمختار) اهڙي طرح ڪنهن جانور جا ڪن پيدائشي طور کان نه هجن ان جي قرباني درست ناهي.
مسئلو: جيڪر ڪنهن جانور صحيح خريد ڪيو پوءِ ان ۾ اهڙو عيب ٿي ويو جنهن جي ڪري قرباني نه ٿي سگهندي هجي پوءِ جيڪر خريد ڪرڻ وارو صاحب نصاب ناهي ته انهيءَ عيب دار جانور جي قرباني جائز آهي ۽ جيڪر اهو شخص صاحب نصاب ۽ غني آهي ته پوءِ ان تي لازم آهي ته ان جانور جي بدلي ٻيو جانور جي قرباني ڪري (درمختار)
قرباني جو مسنون طريقو: 
پنهنجي قرباني واري جانور جي پاڻ ذبح ڪرڻ افضل آهي ، جيڪر پاڻ نٿو ڄاڻ رکي ته پوءِ ٻين کان ذبح ڪرائي سگهي ٿو پر افضل اهو آهي ته پاڻ ذبح ڪري .
مسئلو: پنهنجي قرباني ڪرڻ وقت دل ۾ نيت ڪرڻ ڪافي آهي ، زبان سان ڪجه چوڻ جي ضرورت ناهي البت ذبح ڪرڻ وقت بسم الله الله اڪبر چوڻ ضروري آهي ، سنت آهي ته جڏهن جانور ذبح ڪجي ته قبلي طرف جانور کي ليٽائي اها دعا پڙهجي 
اني وجهت وجهي للذي فطر السماوات والارض وما انا من المشرڪين، ان صلوتي ونسڪي ومحياي ومماتي لله رب العالمين
اور ذبح ڪرڻ بعد اها دعا پڙهي 
اللهم تقبله مني ڪما تقبلت من حبيبڪ محمد وخليلڪ  ابراهيم عليهما السلام
قرباني جو گوشت:
1 . جنهن جانور ۾ گهڻا حصي دار هجن ته پوءِ گوشت کي وزن ڪري تقسيم ڪجي اندازي سان تقسيم نه ڪجي.
2.  افضل اهو آهي ته قرباني جي گوشت کي ٽن حصن ۾ ڪري هڪ حصو گهروارن لاءِ رکي هڪ حصو دوست ۽ احباب لاءِ رکي ۽ هڪ حصو فقراء ۽ مسڪينن لاءِ ڪڍيو وڃي .۽ جيڪر ڪنهن جو اهل و عيال گهڻو آهي ته سب گوشت پاڻ به رکي ٿو سگهي .
3. قرباني جو گوشت وڪڻن حرام آهي .
4. ذبح ڪرڻ واري کي اجرت طور گوشت ۽ کل ڏيڻ جائز ناهي ، اجرت ڌار ڏيڻ گهرجي .
قرباني جي کل :
 قرباني جي کل کي پنهنجي استعمال ۾ آڻن جهڙوڪ مصلو ٺاهڻ يا چمڙي جي ڪا ٻي شيءَ ٺاهڻ جائز آهي پر ان کي وڪڻي قيمت پنهنجي خرچ لاءِ رکڻ جائز ناهي بلڪه صدقو ڪرڻ ان تي واجب آهي ۽ قرباني جي کل بغير صدقي ڪرڻ جي نيت سان وڪڻن جائز به ناهي (عالمگيري)
2: قرباني جي کل ڪنهن جي خدمت جي معاوضي ۾ ڏيڻ به جائز ناهي ، هن ڪري مسجد جي موذن يا امام وغيره کي خدمت ڪرڻ جي طور تي کل ڏيڻ درست ناهي .
3. مدارس اسلاميه جي غريب ۽ نادار طالب ان جا بهترين مصرف آهن، ته ان ۾ صدقي جو ثواب به آهي ۽ دين جي علم جي جياپي جي خدمت به پر مدرسين ۽ ملازمن جي تنخواه ان مان ڏيڻ جائز ناهي .
ولله الموفق والمعين.
مفتي محمد شفيع رح 
ترجمو: افتخار علي

No comments: