25 Nov 2017

عظيم فلاسفر سلسلو 2 افلاطون

👈عظيم فلاسفر سلسلو نمبر 2

📚 افلاطون 📚

هي عظيم مفڪر سن 428 ق م ۾ اٿينس ۾ پيدا ٿيو سندس  خاندان جا سقراط سان گهرا لاڳاپا هئا. جنهن سبب افلاطون کي ننڍي هوندي کان ئي سقراط جهڙي مها ڏاهي جي صحبت نصيب ٿي. افلاطون جو گهراڻو هڪ سياسي گهراڻو هو، جنهن سبب افلاطون به ڪجه وقت سياست ڏانهن راغب ٿيو. ليڪن جلد سياست مان بيزار ٿي ويو ۽ انهيء نتيجي تي پهتو ته "هڪ باضمير انسان لاء عملي سياست ۾ ڪابه جاء نه آهي".
سندس 28 سالن جي ڄمار ۾ وڏو حادثو ٿيو جنهن ان جي زندگي تي وڏو اثر وڌو اهو حادثو هو سندس استاد سقراط جو زهر جو پيالو پيڻ ۽ سندس وفات.

افلاطون ان جي ڪري پنهنجي عوام ۽ حڪومت کان سخت نفرت ڪاڌي ۽ اٽلي جو سفر اختيار ڪيائين هت ان جمهوريت بابت بحث مباحثه ڪيا. تنهن کان پوء مصر قيروان در در ڀٽڪندو رهيو. سندس بي چين روح سڪون جي تلاش ۾ هئي. هو مختلف مذهبن، فيلسوفن سان ملندو رهيو. هو هر انهيء ماڻهو وٽ ويو جتان کيس علم ۽ عقل جي خوشبو آئي.
40 سالن جي پخته عمر ۾ پنهنجي وطن واپس ٿيا.
هت هڪ ادارو قائم ڪيائين جنهن جو نالو" اڪيڊمي “ رکيائين.
افلاطون جي هي اڪيڊمي اڳتي هلي هڪ قديم يونيورسٽي جي روپ ۾ بدلجي وئي. جتي رياضي ۽ قانون کان وٺي سائنس به پڙهائي ويندي هئي. پنهنجي باقي پوري زندگي اڪيڊمي ۾ پڙهائيندي ۽ علم ۽ ڏاهپ تي بحث مباحثا ڪندي گذاري.سندس شاگرد ارسطو به هن اڪيڊمي ۾ تعليم پرائي. هي اڪيڊمي تقريبا 9 سو سال تائين هلندي رهي.
اڪيڊمي ۾ افلاطون درس وتدريس کان علاوه مختلف موضوعن تي مڪالمي dialouge جي صورت ۾ ڪيترائي ڪتاب لکي پنهنجي استاد جي ياد تازو رکيو. انهن مڪالمن ۾ سڀني کان زياده "رياست" (The Republic) هڪ اهم ڪتاب آهي. ان کان علاوه هن36 کن ڪتاب لکيا اٿس جن ۾ هي هيٺيان ڪتاب شامل آهن.
1.apology
2.crito
3.enthy phron
4.prota goras
5.chasmides
6.lysid
7.gorgias
8.meno
9.euthy demus
10.hippias 1.2
11.cratylus
12.menexenu
13.politicus
14.symposium
15.laws and empinomis

افلاطون جا ڪجه مشهور اقوال:🌹

👈هڪ ڪلاڪ جي راند کان اوهان ڪنهن شخص بابت هڪ سال جي گفتگو ۾ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا.

👈 طاقتور اهو آهي جيڪو ڪاوڙ وقت پرسڪون رهي.

👈گهڻو نقصان ماڻهو کي ان ڪري ٿئي ٿو جو هو ماڻهن کان مشورو نٿو وٺي


👈جڏهن تون ڪنهنجي طبيعت جو اندازو ڪرڻ چاهين ته ان کان ڪن ڳالهين جو مشورو وٺ توکي ان بابت حق ناحق خير ۽ شر بابت ٿورا اشاره ملي ويندا.

هن ڏاهي فلاسفر 80 سالن جي ڄمار ۾ وفات ٿي.

📝تحرير: افتخار علي

No comments: