15 Nov 2013

(ڪلمه طيبه جون شرطون .)

(ڪلمه طيبه جون شرطون .)

شيخ حافظ حڪمي پنهنجي نظم ”سلم الوصول“ ۾ چيو آهي ته : علم ۽ يقين قبول ۽ انقياد (فرمابرداري) جيڪي آءُ چئي رهيو آهيان ڄاڻي وٺ ، صدق (سچ) ۽ اخلاص ۽ محبت جنهن کي الله پسند ڪري ٿو توکي توفيق ڏي .
پهريون شرط : علم آهي جنهن جي مراد نفي ۽ اثبات آهي جيڪا جهالت جي ابتڙ آهي . الله تعالى جو فرمان آهي :

” اوهان ڄاڻي وٺو ته الله تعالى کان سوا ڪو معبود برحق نه آهي“ ۽ فرمان باري آهي : ”پر اهي جيڪي حق جو اقرار ڪن ۽ انهن کي علم به هجي “ يعني لا اله الا الله جو اقرار ڪن ۽ پنهنجي دلين سان ان جو معنى به ڄٺاڻيندا هجن جيڪا انهن جي زبان چئي رهي هجي .
صحيح بخاري ۾ عثمان رضه الله عنه کان حديث روايت ڪيل آهي ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو : (جيڪو شخص هن حالت ۾ موءَ جو ان کي لا اله الا الله جو علم هجي ته اهو جنت ۾ داخل ٿيندو)
ٻيو شرط: (يقين) اهو هن چوڻ واري جنهن تي اهو ڪلمي دلالت ڪري ٿو هن تي پختو يقين هجڻ گهرجي ڇو ته ايمان ۾ اهڙو علم جيڪو ظني هجي ڪافي نه آهي بلڪه اهڙو ايمان هجي جو يقيني علم تي مبني هجي ته جيڪر هن ۾ شڪ يعني ظن داخل ٿي ويو ته هن جو ڇا حال ٿيندو؟ الله جو فرمان آهي :
” مومن ته اهو آهي جيڪو الله تعالى ۽ ان جي رسول تي (پختو) ايمان آڻي پوءِ شڪ شبه نه ڪري ۽ پنهنجي مال ۽ جانن سان الله جي راه ۾ جهاد ڪندا رهن ته اهي سچا مومن آهن“.
ته هن آيت ۾ الله تعالى ۽ ان جي رسول تي تصديق ايمان لاءِ شرط آهي ته هو شڪ شبهي جي گنجائش نه رکن ، جنهن کي شڪ شبهو هوندو آهي اهو منافق آهي.
صحيح بخاري ۾ ابو هريرة رضه کان حديث روايت ڪيل آهي ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو: (جنهن اها شهادت ڏني ته الله کان سواءِ ڪو معبود برحق نه آهي ۽ آءُ الله تعالى جو رسول آهيان جيڪر اهو ٻانهو هن ۾ شڪ نه ڪندي پنهنجي رب سان ملندو ته هو جنت ۾ داخل ٿيندو).
۽ ٻي روايت ۾ اچي ٿو ته : ( ٻنهن تي شڪ نه ڪرڻ وارو الله سان ملندو ته تنهن کان جنت نه لڪائي ويندي )
۽ هڪ حديث ۾ آهي ته نبي ڪريم ﷺ پنهنجا جوتا ڏئي موڪليو ۽ چيائون ته جيڪو به هن باغ ٻاهران ملي ۽ اهو لا اله الا الله جي گواهي پنهنجي دل سان ڏيندو هجي ته هن کي جنت جي بشارت ڏي )
ته جنت ۾ داخل ٿيڻ جي شرط اها لڳائي وئي آه ته جيڪو هن کي دل جي يقين سان پڙهندو هجي ۽ هن ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ ۽ شبهو نه رکندو هجي ، جو جڏهن شرط نه لڌي ويندي ته پوءِ مشروط به نه ٿيندي .
ٽيون شرط: (قبول) اهو ڪلمو جنهن شي جو تقاضو ڪري ٿو هن کي دل ۽ زبان سان قبول ڪرڻ ،الله تعالى پوين امتن جا قصه بيان ڪندي انهن ماڻهن جي نجات جو بيان ڪيو جن هن کي قبول ڪيو ۽ جن هن کي رد ڪيو هنن جي سزا جو بيان به ڪيو آهي . فرمان باري آهي ته :
” هنن ماڻهن جن ظلم ڪيو ۽ انهن جي ساٿارين کي به ۽ انهن کي به جن جن جي اهي الله کان سواءِ پوڄا ڪندا هئا انهن سڀني کي گڏ ڪري انهن کي جهنم جي راه ڏيکاريو ۽ انهن ٻيهاريو (هن ڪري جو)انهن کان سوال ڪيا ويندا ) الله تعالى جي هن فرمان تائين “ اِهي اُهي ماڻهو آهن جڏهن انهن کي چيو ويندو هو ته الله تعالى کان سواءِ معبود برحق ڪونهي ته اهي سرڪشي ۽ تڪبر ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته اسين هڪ ديواني شاعر جي ڳالھين ڪري پنهنجن معبودن کي ڇڏي ڏينداسون؟“.
ته الله تعالى هنن جي عذاب جي علت هن جو سبب اهو بيان ڪيو آهي ته لا اله الا الله کان تڪبر ڪندا ۽ هن کي جيڪو اهو ڪلمو کڻي آيو ڪوڙو ڄاڻايو ۽ ان شي جي نفي ڪيائون جنهن جو ان ڪلمي نفي ڪئي ۽ نه ئي ان کي ثابت ڪندا جنهن جي اهو ڪلمو اثبات ڪندو آهي بلڪه انهن هن کان انڪار ۽ تڪبر ۽ سرڪشي ڪندي چيو ته :
” ڇا هن ايترن معبودن کي هڪ معبود بڻائي ڇڏيو واقعي اها عجيب ڳالھ آهي ، انهن جا سردار اهو چوندي اٿي ويا ته هليا هلو ۽ پنهنجن معبودن تي ڄميا رهو يقينن هن ڳالھ مان ڪي اغراض آهن، اسين اها ڳالھ ته پوين دينن ۾ نه ٻڌي آهي ڪجه به نه آهي اهي ته هت ٺوڪي ڳالھيون آهن “.
ته الله تعالى انهن کي ڪوڙو قرار ڏيندي ۽ انهن جو رد ڪندي پنهنجي نبي جي زبان تان اهو فرمايو :
نه نه بلڪه (نبي) ته حق (سچو دين) آندو آهي ۽ سڀني پيغمبرن کي سچو ڄاڻي ٿو “. پوءِ هن کان بعد ان جو شان بيان ڪندي فرمايو ته ماڻهن ڪلمي کي قبول نه ڪيو :
” پر الله تعالى جي خالص ۽ نيڪ ٻانهن انهن لاءِ ئي رزق مقرر ڪيل آهي ۽ هر قسم جا ميوه آهن ۽ اهي باعزت هوندا نعمت واري جنتن ۾ “.
۽ صحيح بخاري ۾ ابو موسى رضه کان حديث روايت ڪيل آهي ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو: (هن هدايت ۽ علم جو مثال ائين آهي ته جيئن الله تعالى مونکي موڪليو آهي، هن مثال جيان جيئن لڳاتار وسندڙ مينهن آهي جيڪو اهڙي زمين تي وسندو آهي جيڪا صاف آهي ۽ صاف پاڻي قبول ڪرڻ کان پوءِ ساوڪ ۽ ڇٻڙ ڏي . ائين ٻيو زمين جو ٽڪڙو اهڙو آهي جتا مينهن وسي ته نه اهو پاڻي روڪي نه ئي ان ۾ ساوڪ ۽ ڇٻڙ پيدا ٿئي ، ته اهائي مثال هن جي آهي جيڪو الله جو دين جو سمجه رکندڙ هجي ۽ اها شي ان کي نفعو ڏيندي آهي جنهن کي الله تعالى مونکي ڏئي موڪليو آهي هن کي هو پاڻ سکندو آهي ۽ ٻين کي به سيکاريندو آهي ۽ اهو جيڪو هن تي ڳاٽو کڻي ڏسي ٿو ۽ سوچ ويچار نٿو ڪري ۽ نه ئي الله تعالى جي هن هدايت کي جيڪو مون کي ڏئي موڪليو ويو آهي قبول ڪري ٿو .
چوٿون شرط : (انقياد) فرمابردار هجڻ : جيڪو ان جي ابتڙ هجڻ تي دلالت ڪري ان کي ڇڏي ڏيڻ ضروري آهي . فرمان باري آهي :
” ۽ جيڪو شخص پنهنجي پاڻ کي الله جي تابع ٿو ڪري ۽ اهو هجي احسان ڪندڙ ته يقينن هن مضبوظ رسي کي پڪڙي ورتو ۽ سڀني ڪمن جو انجام الله ڏانهن لوٽي ٿو“. يعني جنهن لا اله الا الله جي رسي کي ورتو ۽ احسان ڪندڙ : هن جو اهو مطلب آهي ته الله جو فرمابردار ۽ هن جي تابع هجي ۽ پوءِ موحد به هجي .
۽ جيڪو پنهنجي رب جو فرمابردار ۽ تابع نه آهي هن مضبوط رسي کي نه ورتو ۽ الله تعالى جي هن قول جي معنى به اها ئي آهي :
” اوهان ڪافرن جي ڪفر تي ڏک نه ڪيو آخر انهن سڀني کي مون ڏانهن ورڻو آهي پوءِ اسين انهن کي ٻڌائنداسون جيڪي انهن ڪيو “.
صحيح حديث ۾ نبي ڪريم ﷺ جو فرمان ثابت آهي ته اوهان فرمايو : ( اوهان مان ڪو به هن وقت تائين مومن نٿو ٿي سگهي جيسيتائين اهو پنهنجي خواهشن کي ان جي تابع نه ڪري جيڪي مون آندو آهي . ته اهائي مڪمل ۽ انتهائي تابعداري ۽ پيروي آهي .
پنجون شرط: (صدق) جيڪو ڪوڙ جي ابتڙ آهي اهو هن طرح جو هن ڪلمي کي صدق دل سان چوڻ گهرجي ۽ هن جو دل هن جي زبان کان جو ڪجه نڪري هن ۾ هن تي هلي . فرمان باري آهي :
” الم ، ڇا ماڻهن اهو گمان ڪيو آهي ته انهن جي هن چوڻ ڪري ته اسين ايمان آندو آهي اسان هن کي بنا ازمائي ڇڏي ڏينداسون هن کان اڳ وارن کي به اسان ازمايوسين ۽ هنن کي به ڄاڻي وٺنداين جن سچ چيو ۽ انهن کي به جيڪي ڪوڙا آهن“ .
۽ منافقن ۽ ڪوڙن بابت ارشاد فرمايو :
” ۽ ڪي ماڻهو چوندا آهن ته اسان الله تعالى ۽ قيامت روز تي ايمان رکندا آهيون ، پر حقيقت ۾ اهي ايمان وارا نه آهن ، اهي الله ۽ ايمان وارن کي ڏوڪو ڏين ٿا پر حقيقت ۾ اهي پاڻ کي
ڌوڪو ڏيڻ ٿا پر سمجهن نٿا .،انهن جي دلين ۾ بيماري آهي الله تعالى ويتر انهن جي بيماري کي وڏائي ڇڏيو ۽ انهن جي ڪوڙ چوڻ ڪري وڏو عذاب آهي “.
بخاري ۽ مسلم ۾ معاذ بن جبل رضه کان حديث روايت ڪيل آهي ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو (جيڪو به سچي دل سان لا اله الا الله چوندو ۽ هن جي گواهي ڏيندو ته محمد ﷺ هن جو ٻانهو ۽ رسول آهي ته الله تعالى هن مٿان باه کي حرام ڪري ٿو ڇڏي .

ڇهون شرط: (اخلاص ) اخلاص اهو آهي ته پنهنجا سڀ عمل شرڪ کان پاڪ صاف رکيو وڃي . الله تعالى جو فرمان آهي :
” خبردار! الله تعالى لاءِ خالص عبادت ڪرڻي آهي ”. ۽ فرمان رباني آهي : ” چئي ڏيو ! ته آءُ ته خالص رڳو پنهنجي رب جي عبادت ٿو ڪريان ”،
صحيح بخاري ۾ ابو هريرة رضه کان حديث روايت ڪيل آهي ته نبي ڪريم ﷺفرمايو: ( ماڻهن ۾ اهو شخص منهنجي شفاعت جو حقدار آهي جنهن لا اله الا الله سچي دل وجان سان سان پڙهيو “.
ستون شرط: (محبت) هن ڪلمي ۽ ان جي تقاضن ۽ جن شين تي اهو دلالت ڪري ٿو هن سان محبت هجڻ گهرجي ۽ هنئي طرح هن تي ۽ هن جي شرطن تي عمل ڪندڙن سان محبت ۽ هن جي نواقص سان بغض هجڻ گهرجي . الله جو فرمان آهي ته :
” ۽ ڪي ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جيڪي الله سان گڏ شريڪ بڻائي انهن سان اهڙي محبت رکندا آهن جيئن الله سان محبت هجڻ گهرجي ۽ ايمان وارا الله تعالى جي محبت ۾ وڌيڪ سخت هوندا آهن “.
ته الله تعالى اهو بيان ڪيو آهي ته مومنن جي محبت الله تعالى سان وڌيڪ هوندي آهي ۽ هن جو سبب اهو آهي ته انهن هن جي محبت ۾ ڪنهن کي شريڪ نه ڪيو آهي جهڙي نموني مشرڪن محبت جي دعوى ڪئي ، الله سان شريڪ ڪري انهن سان به الله تعالى جيان محبت ڪندا آهن .
صحيح بخاري ۽ مسلم ۾ انس رضى کان روايت ڪيل آهي ته رسول الله ﷺفرمايو: اوهان مان ڪو هن وقت تائين مومن نٿو ٿي سگهي جيسيتائين هو مونکي پنهنجي پٽ ۽ پيءُ ۽ سڀني کان وڌيڪ محبت نه ڪري .
والله اعلم .
الشيخ محمد بن صالح المنجد

No comments: