15 Nov 2013

(شهيد ڪربلا حضرت حسين رضه الله عنه)

(شهيد ڪربلا حضرت حسين رضه الله عنه)
حضرت حسين رضه پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ ئي هئا ته حضرت حارث جي صاحبزادي خواب ڏٺو ته ڪنهن رسول الله ﷺ جي جسد مبارڪ جو هڪ ٽڪڙو مبارڪ ڪٽي ڪري هن جي جهولي ۾ وڌو .هن عرض ڪيو ته اي الله جا رسول ﷺ ڪيئن آءُ عجيب و غريب خواب بابت ٻڌايان جيڪو ناقابل بيان آهي . پاڻ ﷺفرمايائون ته آخر اهو ڪهڙو خواب آهي ؟ رسول الله ﷺجي زور ڏيڻ تي ان خواب ٻڌايو ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته نهايت مبارڪ خواب آهي. حضرت فاطمه رضه کي پٽ ڄمندو ۽ تون هن کي جهولي ۾ کڻندي . (مستدرڪ حاڪم)

ڪجه ڏينهن کان پوءِ ان خواب جي تعبير پوري ٿي . حضرت حسين رضه 4 شعبان 4 هجري مديني ۾ ڄاوا. رسول الله ﷺ تشريف فرما ٿي فرمائڻ لڳا ته ٻار کي ڏيکاريو ۽ ، ڇا نالو رکيو اٿو؟ ٻار کي گهرائي هن جي ڪن ۾ آذان ڏنائون، پوءِ حضرت فاطمه کي عقيقو ڪرڻ ۽ ٻار جي وارن برابر چاندي خيرات ڪرڻ جو حڪم ڏنائون . والدين نالو حرب رکيو پاڻ ڪريم ﷺکي نالو پسند نه آيو ۽حضرت حسين نالو رکيائون ڇو ته اوهان حسن ۽ جمال ۾ باڪمال هئا .(مستدر حاڪم ،اسد الغابه)
اوهان رضه جي ڪنيت ابو عبدالله ۽ القاب سيد شبير، شهيد، سبط، اصغر، ريحانة النبي مشهور آهن .
هيٺ ڪجه خصوصيتون ذڪر ڪجن ٿيون جيڪي مختلف ڪتابن تان کنيل آهن.
1. رسول الله ﷺجن فرمايو ته حسن ۽ حسين جنت جي جوانن جا سردار آهن.
2. پاڻ ﷺ جن فرمايو ته اي الله آءُ انهن ٻنهن (حضرت حسن ۽ حضرت حسين رضه) سان محبت ڪريان ٿو تون به انهن سان محبت فرماءِ ۽ جيڪو به انهن سان محبت رکندو ان کي پنهنجو محبوب بڻائي .
3. رسول الله ﷺفرمايو ته حسين مون مان آهي ۽ آءُ حسين مان آهيان . جيڪو حسين سان محبت رکندو الله ان سان محبت رکندو.
4. پاڻ ﷺ فرمايائون ته آءُ حسين سان محبت رکان ٿو تون به ان سان محبت رکجاءِ .
5. پاڻ ﷺجن فرمايو ته منهنجو پٽ (حسين) عراق ۾ قتل ٿيندو . اوهان مان جيڪو به هت موجود هجي ان کي گهرجي ته سندس مدد ڪري
6. پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته جنهن کي اها ڳالھ وڻي ته هو جنتي کي ڏسي ته هن کي گهرجي ته حضرت حسين ابن علي رضه الله عنهم کي ڏسي وٺي.
7. پاڻ ڪريم ﷺجن فرمايو ته جنهن هنن ٻنهن کي (حضرت حسن ۽ حضرت حسين رضه الله عنهم ) سان محبت ڪئي هن مونسان محبت ڪئي ۽جن هن کي ناراض ڪيو هن مونکي ناراض ڪيو .(ابن ماجه، ترمذي، مستدرڪ حاڪم، بخاري، مسلم)

حضرت حسين رضه جو ننڍپڻ
حضرت حسين رضه جي ننڍپڻ جا حالات صرف نبي ڪريم ﷺجي محبت بابت ملن ٿا . نبي ڪريم ﷺتقريبن روزانو حضرت فاطمه جي گهر ويندا هئا . حضرت حسن رضه ۽ حضرت حسين رضه شڪل ۽ صورت ۾ نبي ڪريم ﷺ ۽ حضرت علي رضه سان مشابهت رکندا هئا . حضرت حسين رضه جي عمر 7 سال هئي ته سندن نانا نبي ڪريم ﷺ جن وفات ڪري ويا .
حضرت حسين رضه ۽ خليفه اول حضرت ابو بڪر رضه
حضرت ابو بڪر رضه حضرت حسين رضه جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا . ننڍپڻ ۾ جڏهن پهريون ڀيرو حضرت حسين رضه کي آندو ويو ته حضرت ابو بڪر رضه فرمايو ته (ابن لعلي شبها لنبي) پٽ علي رضه جو آهي ۽ مشابه نبي ﷺ جو آهي. حضرت ابو بڪر جڏهن خليفه ٿيا ته حيره جي جنگ فتح ٿيڻ بعد مال غنيمت ۾ هڪ قيمتي چادر هئي جا حضرت حسين ڏانهن هديوموڪليائون جا پاڻ رضه قبول فرمائي (فتوح البلدان )
حضرت حسين رضه ۽ خلافه دوئم حضرت عمر رضه
حضرت عمر رضه حضرت حسين رضه ۽ حضرت حسن رضه لاءِ 505 درهم وظيفو مقرر فرمايو جا انهن جي والد ۽ بدري اصحاب جي برابر هئي . (شرح معاني الاثار)
حضرت عمر رضه فتوحات مدائن جي مال غنيمت ۾ هڪ ڇوڪريءَ شاه جهان جنهن جو بعد ۾ شهربانو نالو پيو حضرت حسين کي عطيو ڏنو جنهن مان زين العابدين پيدا ٿيو . (شيعن جو ڪتاب ناسخ التواريخ)
حضرت حسين رضه ۽ خليفه سوئم حضرت عثمان رضه
خاندان بني هاشم سان حضرت عثمان رضه سان ڪيترائي رشته قائم ٿيا ”طبقات ابن سعد مطابق “ حضرت حسين جي صاحبزادي فاطمه جو نڪاح حضرت عثمان جي پوٽي عبدالله بن عمرو بن عثمان رضه سان ٿيو . حضرت حسين جي صاحبزادي جو نڪاح حضرت عثمان جي پوٽي زيد بن عمرو بن عثمان رضه سان ٿيو.
اهل سنت والجماعت جو موقف
اهلسنت والجماعت وارن تي عام طور تي الزام لڳايو ٿو وڃي ته اُهي اهل بيت کي نه مڃيندا آهن ، جڏهن ته اسان جو هڪ اک صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين آهن ته ٻي اک اهل بيت رضوان الله عليهم اجمعين آهن.
اِهي هستيون اسان جا امام ۽ پيشوا ۽ رهبر آهن . اسان جو عقيدو آهي ته اهل بيت رضوان الله عليهم اجمعين سان محبت بغير ايمان ڪامل ٿي نٿو سگهي اهڙي طرح صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين سان محبت بغير ايمان ڪامل ٿي نٿو سگهي.

حضرت حسين رضه جون شاديون ۽ اولاد
حضرت حسين رضه گهڻي شاديون ڪيون جن مان بيبي ليلى ، حباب، حرار ، غزاله شامل آهن.
هنن مان ڪيترائي اولاد ٿيا جن مان علي اڪبر، عبدالله ، ۽ هڪ ننڍو صاحبزادو ڪربلا ۾ شهيد ٿيو ، سيدنا امام زين العابيدين حيات هئا جن مان اڳتي نسل وڌي. صاحبزادين مان سڪينه، زينب ، فاطمه رحمهم الله هيون .

حضرت حسين جي شهادت ۽ ڪربلا جا شهيد
پاڻ رضه 10 محرم 61هجري ۾ شهادت ماڻي. حضرت حسين رضه سان 72 ڄڻا شهيد ٿيا. جن مان 20 خاندان بني هاشم مان هئا جن جا نالا هي آهن
حسين بن علي ، محمد بن علي، ابو بڪر بن علي، علي بن حسين بن علي (علي اڪبر) عبدالله بن حسين، ابو بڪر بن حسين ، عبدالله بن حسن ، قاسم بن حسن ، عون بن عبدالله بن جعفر طيار محمد بن عبدالله بن جعفر طيار، جعفر بن عقيل بن ابي طالب، عبدالرحمان بن عقيل ، عبدالله بن عقيل ، مسلم بن عقيل ، عبدالله بن مسلم بن عقيل، محمد بن ابي سعيد بن عقيل رحمهم الله تعالى اهل بيت مان زين العابدين ، حسن بن حسين ، عمرو بن حسن، ۽ ڪي ننڍا ٻار بچيا هئا . زين العابدين بيماري ڪري ۽ ٻيا کير پياڪ ڪري ڇڏيا ويا.
واقعه ڪربلا دغابازي ، بي وفائي ، غداري جي داستان آهي
ڪوفه وارن حضرت حسين رضه کي خط لکي گهرايو. پوءِ مصيبت جي گهڙي ۾ اڪيلو ڇڏي ويا. حضرت مسلم رضه ۽ سندس ٻن پٽن جي شهادت سان هٿ رنگن انهن غداري بي وفائي جي گهناوني تاريخ آهي . جن جي اکر اکر مان مڪر ۽ فرين نظر ٿو اچي.
. الله تعالى کان دعا آهي ته اسان کي شهداء ڪربلا جي شهيدن جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرماءِ . آمين!

No comments: