فرقه ناجيه اهل سنت والجماعت جو پس منظر ۽ تعارف
نبي ڪريم جو فرمان آهي ته ’’تفترق امتی علی ثلث و سبعین فرقۃ“ منهنجي امت ٽيهتر فرقن ۾ تقسيم ٿيندي. (ترمذي )
هڪ ٻي جاءِ تي روايت ۾ اچي ٿو ته ’’کلھم فی النار الا ملۃ واحدۃ۔“ اهي سڀ فرقه جهنم ۾ ويندا سواءِ هڪ فرقي جي. (ترمذی و کذا فی المستدرک(
هڪ ٻي روايت ۾ هن فرقه ناجيه بابت نبي ڪريم ﷺ جو فرمان اچي ٿو ته ’’ما انا علیہ و اصحابی...۔
جنهن تي آءُ (ﷺ)۽ منهنجا اصحاب آهن. (ترمذي)
هن فرقه ناجيه کي اهل سنت والجماعت ڪوٺيو ويندو آهي .اهل : هتي اهل مان مراد اتباع ، مقلدين اشخاص آهي .
سنت : ھن جي معنى ته” رستي“ جي ايندي آهي ۽ ” طرز عمل“ کي به چئبو آهي جيئن قرآن مجيد ۾ اچي ٿو ته ’’.... وَلَنْ تَجِدَ لِسُنَّتِ اللہ تَحْوِيلًا .... ۽ الله جي سنت ۾ تون تبديلي نه لڀندي ۽ ديني اصطلاح ۾ لفظ سنت رسول الله ﷺ جي طرز زندگي ۽ عملي طريقي کي چئبو آهي .
جماعت : هن جي معنى گروه آهي ، هت جماعت مان مراد صحابه رضه آهن.
اهل سنت والجماعت جو مطلب ۽ مفهوم بابت علامه سليمان ندوي رح فرمائن ٿا ته ” هن فرقي جو اطلاق اهڙن اشخاص تي ٿيندو جن جا اعتقادات ، اعمال ۽ مسائلن جو محور نبي ڪريم ﷺ جي سنت صحيحه ۽ صحابه ڪرام رض جو اثر مبارڪ هجن ، يا ايئن کڻي چئجي ته جنهن پنهنجا عقيده ۽ اصولِ حيات ۾ اهڙي واٽ کي پسند ڪيو جنهن تي پاڻ ڪريم ﷺسڄي جمار هلندا رهيا ۽ پاڻ ڪريم ﷺجي وفات بعد صحابه ڪرام رضه هلي منزل مقصود تي پهتا .
’’یوم تبیضُّ وجوہٌ“ قيامت روز بعض چهرا خوبصورت هوندا . هن جي تفسير ۾ حضرت عبدالله بن عمر رضه ۽ حضرت ابو سعيد خذري رضه جهڙا صحابه فرمائن ٿا ته هن مان مراد اهل سنت والجماعت آهن .( در المنثور(
۽ پوءِ اهل سنت والجماعت سڀ کان پهرين نبي ڪريم ﷺ کي پنهنجو رهبر سمجهي ٿي ۽ تنهن کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جو پنهنجو ارشاد مبارڪ آهي ته ’’ما انا علیہ و اصحابی“ پوءِ صحابه سڳورن کي به معيار حق سمجهون ٿا ، خاص ڪري خلفاء راشدين جن بابت پاڻ ڪريم ﷺ جوارشاد مبارڪ آهي ته ’’علیکم بسنتی و سنۃ الخلفاء الراشدین المھدیین تمسکوا بھا و عضوا علیھا بالنواجذ ‘‘۔(ابوادؤد، ترمذی، ابن ماجہ، دارمی، مسند احمد(
ترجمو: منهنجي سنت کي لازم وٺجو ۽ خلافاء راشدين جي سنت کي جيڪي هدايت يافته آهن انهن کي ڏندڻ جي مضبوطي سان وٺجو “.۽ هن کان پوءِ اهل سنت والجماعت ائمه اربعه يعني امام ابو حنيفه ، امام شافعي ، امام مالڪ ۽ امام احمد رحمهم الله کي حق تي هجڻ تسليم ڪري، ڪنهن هڪ جي اتباع ضروري سمجهي ٿي ۽ اهل سنت والجماعت وٽ ادله شرعيه چار آهن ، انهن چارن کي مڃيندا آهن . (1) قرآن (2) حديث (3) اجماع امت (جنهن تي اتفاق ٿي ويو هجي) (4) قياس ( جو بعض فقهي مسئلن جا حل موجود نه آهن پوءِ جنهن جا حل موجود آهن هن جي علت ڏسي ان تي به ساڳيو حڪم لڳائبو آهي .
علامه ابن تيميه رح فرائن ٿا.
’’فان اھل السنۃ تتضمن النص و الجماعۃ تتضمن الاجماع فاھل السنۃ والجماعۃ ھم المتبعون للنص و الاجماع‘‘۔(منہاج السنۃ(
ترجمو: يعني اهل سنت ۾ سنت مان مراد نص آهي يعني ڪتاب ۽ سنت آهي ۽ جماعت مان مراد اجماع آهي ، ته پوءِ اهل سنت والجماعت نص ۽ اجماع جي اتباع (پوئواري) ڪندڙ ٿيا .
ائمه اربعه جو اتفاق صحابه ڪرامن رضه جي اتفاق تي مبني آهي ۽ ائمه اربعه جو اختلاف صحابن ڪرامن رضه جي اختلاف تي مبني آهي، ۽ جنهن مسئلن ۾ صحابه ڪرام رضه ۾ اختلاف آهي هن ۾ نئون اختلاف به اجماع جي خلاف آهي ۽ جيڪي ان کان ٻاهر آهن سو اهل سنت والجماعت کان خارج آهن . (عقد الجيد)
هن ئي کي بعض روايتن ۾ سوادِ اعظم چيو ويو آهي ۽ هنئي سوادِ اعظم جي اتباع جو حڪم ڏنو ويو آهيجيئن حضرت عبدالله بن عمر رضه جي روايت مان معلوم ٿئي ٿو.
1: عن ابن عمرؓ قال قال النبی ﷺ لا یجمع ھذہ الامۃ علی الضلالۃ ابداً و یدُ اللہ علی الجماعۃ فاتبعوا السواد الاعظم فانہ من شذ شذ فی النار۔
)الحاکم فی المستدرک(
ترجمو: حضرت عبدالله بن عمر رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ ارشاد فرمايو آهي ته الله تعالى هن امت کي ڪڏهن به گمراهي تي گڏ نه ڪندو ۽ فرمايو ته الله تعالى جي مدد جماعت سان گڏ هوندي آهي ، تنهن ڪري اوهان امت جي سوادِ اعظم جو (يعني وڏي جماعت) جو اتباع ڪجو ۽ جيڪو هن کان ڌار ٿيندو تنهن کي الڳ ڪري جهنم ۾ وڌو ويندو.
2: حدثنا معتمر بن سلیمان قال قال ابوسفیان سلیمان بن سفیان المدنی عنر عمرو بن دینار عن ابن عمرؓ ان النبی ﷺ قال : لا یجمع اللہ امتی علی ضلالۃ ابدا و ید اللہ علی الجماعۃ ھکذا فاتبعوا السواد الاعظم فانہ من شذ شذ فی النار ۔
)الحاکم فی المستدرک)
ترجمو: حضرت ابنِ عمر رضه کان روايت آهي ته نبي ڪريم ﷺ ارشاد فرمايو آهي ته الله تعالى منهنجي امت کي ڪڏهن به گمراهي تي گڏ نه ڪندو ۽ الله جي مدد هنئي جماعت تي ايندي رهندي ، تنهنڪري اوهان سوادِ اعظم (وڏي جماعت) جو اتباع ڪجو ، جيڪو هن کان ڌار ٿيندو تنهن کي الڳ ڪري جنهم ۾ وڌو ويندو .
3: عن ابن عمرؓ قال قال رسول اللہ ﷺ لا یجمع ھذہ الامۃ او قال امتی علی الضلالۃ ابداً اتبعوا السواد الاعظم فانہ من شذ شذ فی النار۔(المستدرک للحاکم)
ترجمو: حضرت ابن عمر رضه فرمايو ته رسول الله ﷺ ارشاد فرمائن ٿا ته الله تعالى هن امت کي يا اهو فرمايو ته منهنجي امت کي گمراهي تي ڪڏهن به گڏ نه ڪندو ۽ اوهان سڀ کان وڏي جماعت (سوادِ اعظم) جي اتباع ڪجو ، جيڪو هن کان ڌار ٿيندو الڳ ڪري جهنم ۾ وڌو ويندو
4: عن انس بن مالکؓ یقول سمعت رسول اللہ ﷺ یقول ان امتی لا تجتمع علی الضلالۃ فاذا رأیتم اختلافاً فعلیکم بالسواد الاعظم۔
(ابن ماجہ:)
ترجمو: حضرت انس بن مالڪ رضه کان روايت آهي ته مون نبي ڪريم ﷺ ارشاد فرمائيندي ٻڌو ته منهنجي امت گمراهي تي گڏ نه ٿيندي ، جڏهن اوهان اختلاف ڏسو ته پنهنجي پاڻ کي سوادِ اعظم سان گڏ لازم ڪري ڇڏجو.
فرقه ناجيه بابت حضرت شاه ولي الله محدث دهولي رح جو فرمان آهي ته، اقول: الفرقۃ الناجیۃ ھم الاٰخذون فی العقیدۃ و العمل بما ظھر من الکتاب والسنۃ و جریٰ علیہ جمھور الصحابۃ و التابعین ..... الخ۔(حجۃ اللہ البالغہ)
ترجمو: آءُ چوان ٿو ته نجات حاصل ڪرڻ وارو فرقو اهوئي هوندو جيڪو عقيدي ۽ عمل ۾ هن شي کي کڻندو آهي جا ڪتاب ۽ سنت کان ظاهر هجي ۽ جمهور صحابن ڪرامن رضه ۽ تابعين جو هن تي عمل هجي .
و غیر الناجیۃ کل فرقۃ انحلت عقیدۃ خلاف عقیدۃ السلف او عملا دون اعمالھم ..... الخ۔(حجۃ اللہ البالغہ)
ترجمو: ۽ غير ناجيه فرقو اهو آهي جنهن سلف يعني صحابه ڪرام ۽ تابعين جي عقيدي ۽ انهن جي عمل جي خلاف ڪو عقيدو يا عمل اپنايو هجي .هنئي طرح شرح عقائد ۾ آهي ته :
قال فی شرح العقائد النسفیۃ فبھت الجبائی و ترک الاشعری مذھبہ فاشتغل ھو و من تبعہ بابطال رأی المعتزلۃ و اثبات ما ورد بہ السنۃ و مضیٰ علیہ الجماعۃ۔(حاشیۃ الخیالی علی شرح العقائد)
ترجمو: شرح عقائد ۾ آهي ته “ ۽ جبائي(معتزلي) لاجواب ٿي ويو ۽ اشعري رح(جيڪو جبائي جو شاگرد هو ) هن جي مذهب کي ڇڏي ڏنو ، پوءِ هو ۽ ان جو پوئلڳ ، معتزله جي راءِ کي باطل ڪرڻ ۾ ۽ پنهنجي عقيدي کي ثابت ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويا ، جنهن تي سنت وارد ٿيل آهي ۽ جنهن تي صحابه ڪرام رضه هليا .خلاصو اهو وڃي نڪتو ته فرقه ناجيه اها آهي جيڪو عقائد ۾ صحابه ڪرام رضه جي مسلڪ تي هجن ۽ قرآن سان گڏ سنت نبويه کي به صحيح مڃيندا هجن ۽ هن تي عمل ڪندا هجن
No comments:
Post a Comment