18 Aug 2013

وطن دوستيءَ ۽ اسلام


وطن دوستيءَ ۽ اسلام
 
مولانا محمد طاسين رح

سنڌيڪار: افتخار علي چوهاڻ

حب الوطني متعلق اسلام جو جيڪو ورتاو آهي تنهن تي بحث ڪرڻ کان اڳ ،اهو عرض ڪرڻ مناسب رهندو ته جڏهن به هن موضوع تي گفتگو ٿئي ٿو ته چڱا ڀلا به هن جي تائيد ۾ يڪدم هڪ حديث ” حب الوطن من الايمان“ پيش ڪندا آهن، ناواقفيت ڪري هن کي نبي ڪريم ﷺ جي مسلمه حديث سمجهندا آهن حالانڪه محدثين وٽ اها حديث صحيح نه آهي بلڪه موضوع حديث آهي مطلب ڪنهن پاڻ ٺاهي رسول الله ﷺ ڏانهن منسوب ڪري ڇڏي آهي جو علامه صاغاني جي هن متعلق اها تحقيق آهي ۽ بعضن وٽ اهو سلف مان ڪنهن جو قول قرار ڏنل آهي جنهن کي غلطي سان حديث سمجهيو ويو آهي .
علامه سخاوي ۽ علامه زرڪشي هن بابت ” لم اقف عليه“ چئي ناوقفيت ۽ عدم آگٰهي واري ڇڏي جنهن جو مطلب ته هن جو ذڪر ڪنهن باقاعده سند سان روايت نه ڪيو ويو آهي ، بعضن ايتري تائين چيو ته هي حديث ئي نه آهي ۽ جيڪر آهي ته لفظ ” وطن“ جو مراد متعين ڪرڻ لاءِ گهڻا احتمال آهن. ٿي سگهي ٿو وطن مان مراد مڪه مڪرمه يا جنت يا صوفيه حضراتن جي مذاق (طريقي) ۾ رجوع الي الله هجي ، جيئن ته اهي ٽئي معنائون اهڙيون آهن جن جو محبت جزء ايمان بڻجي سگهن ٿيون ۽ تعارف ڪيل معنى ۾ وطن جي محبت ته ڪافر ۾ به لڌي وڃي ٿي تنهن ڪري ايمان ڪيئن ٿو ٿي سگهي ، بهرحال هن حديث مان عام حب الوطني جي تائيد لاءِ پيش ڪرڻ علماء حديث وٽ درست نه آهي ۽ وطن پرستي کي جزء ايمان قرار ڏيڻ لاءِ به هن کان استدلال وٺڻ درست نه آهي جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو .

اسلام ۾ وطن دوستي :

جيسيتائين وطن سان محبت ۽ دوستي جو تعلق آهي ،سو جزء ايمان هجڻ يا نه هجڻ جو بحث کان الگ ٿي اسلام جي نزديڪ هڪ درست جذبو آهي. علامه سخاوي ” مقاصد الحسنه“ ۽ ملا علي قاري “ موضوعات الڪبرى“ ۾ هن جي صحت تي قرآن ۽ حديث مان ڪي دليل ورتا آهن جن ۾ هڪ اها آيت به آهي :
آيت: قَالُوا وَمَا لَنَا أَلَّا نُقَاتِلَ فِي سَبِيلِ اللَّهِ وَقَدْ أُخْرِجْنَا مِن دِيَارِنَا وَأَبْنَائِنَا سورت بقره آيت 246
ترجمو: چيائون ته اسان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله جي واٽ ۾ اِنھيءَ ھوندي به نه وڙھنداسون جو (اسين) پنھنجن ديسن ۽ پنھنجن اولادن مان لوڌيا ويا آھيون
هن آيت ۾ وطن مان لوڌيو وڃڻ کي به دشمن سان وڙهڻ لاءِ هڪ جواز جو سبب ڄاڻايو ويو آهي ۽ اها ڳالھ ظاهر آهي ته ويڙه هن لاءِ ڪبي آهي جا ڳالھ عزيز ۽ محبوب هجي تنهن ڪري قرآن مان ثابت ٿئي ٿو ته وطن سان دوستي ۽ محبت هڪ سٺي ڳالھ آهي اهو استدلال درست آهي هن سلسلي ۾ هڪ آيت اها به پيش ڪجي ٿي :
آيت: لَّا يَنْهَاكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذِينَ لَمْ يُقَاتِلُوكُمْ فِي الدِّينِ وَلَمْ يُخْرِجُوكُم مِّن دِيَارِكُمْ أَن تَبَرُّوهُمْ وَتُقْسِطُوا إِلَيْهِمْ ۚ سورت الممتحنه آيت 8
ترجمو: الله اوھان کي انھن (سان ڳنڍڻ) کان نٿو جھلي جن اوھان سان دين (جي ڳالھ) ۾ نه جنگ ڪئي آھي ۽ نڪي اوھان جي گھرن مان اوھان کي (ٻاھر) ڪڍيو آھي (۽ ھن ڳالھ کان به نٿو جھلي) ته ساڻن احسان ڪريو ۽ سندن حق ۾ انصاف ڪريو،
هن آيت ۾ به وطن مان ڪڍيو وڃڻ کي ترڪ موالات جو مستقل سبب قرار ڏنو ويو آهي تنهن ڪري ان سان به اهو اندازو نڪري ٿو ته اسلام جي نظر ۾ وطن جي ڪيتري اهميت آهي ۽ هن سان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته وطن دوستي هڪ درست ڳالھ آهي .

رسول الله ﷺ جي وطن سان محبت:

هنن آيتن کان سواءِ وطن جي محبت جو درست ۽ پسنديده جذبو هجڻ متعلق هن حديث سان به استدلال ڪيو ويو آهي ، جنهن کي مفسر قرآن جي آيت إِنَّ ٱلَّذِى فَرَضَ عَلَيْكَ ٱلْقُرْءَانَ لَرَآدُّكَ إِلَىٰ مَعَادٍۢۚسورت القصص آيت 85 جي تفسير نقل ڪندا آيا آهن ، روح المعاني ۾ آهي ته ” روي عن غير واحد ان الآية نزلت بالجحفة ان خرج ﷺ من مڪة مهاجر واشتاق اليها .
ترجمو: ڪيترن ئي رواين کان روايت ڪئي وئي آهي ته اها آيت جحفه جاءِ ۾ هن وقت نازل ٿي جڏهن رسول الله ﷺ مڪي کان هجرت ڪري نڪتا ۽ اوهان جي دل مبارڪ ۾ مڪي جي طرف اشتياق ٿيو . يعني جڏهن پاڻ ڪريم مديني ويندي رستي ۾ جحفه واري هند پهتا ته دل جي اندر پيدائشي وطن مڪه مڪرمه طرف ڇڪ ۽ شديد اشتياق پيدا ٿيو ۽ وطن کان جدائي تي رنج پهتو تنهن وقت اها آيت سڳوري نازل ٿي جنهن جو ترجمو هي آهي . ترجمو: بيشڪ جنھن (الله) توتي قرآن نازل ڪيو سو موٽڻ جي جاءِ ڏانھن توکي ضرور موٽائڻ وارو آھي،
”معاد“ مان مراد مفسرين ذڪر ڪيل روايت جي پيش نظر مڪه معظمه مراد ورتو آهي ، ڄڻ هن آيت مان رسول الله ﷺ کي اطمينان ڏياريون ويو ته اڳتي هلي ڪري الله تعالى اهڙا حالات ڄوڙيندو جو اوهان پنهنجي وطن مڪي مڪرمه ڏانهن موٽندا غرض ته ذڪر ڪيل حديث ۽ تفسير مان صاف ظاهر آهي ته پنهنجي وطن سان انس ۽ محبت هجڻ هڪ درست ۽ سٺي ڳالھ آهي نه ته رسول الله ﷺ جي ۾ اها ڳالھ پيدا نه ٿئي ها ۽ الله تعالى ان جي تائيد ۽ رعايت نه فرمائن ها .
علامه سخاوي وغيره ه سلسلي ۾ هڪ حديث به پيش ڪئي آهي ، جنهن جا الفاظ هن طرح اهن.
عن زهري قال قدم اصيل الغفاري على رسول الله ﷺ من مڪة قبل ان يضرب الحجاب فقالت عائشة ڪيف ترڪت مڪة قال بطحاءها واعذق اذخرها وانتشر سلمها فقال رسول الله ﷺ حسبڪ يا اصيل لاتحزني وفا رواية تدع القلوب تقر .
ترجمو:زهري کان روايت آهي ته حضرت اصيل غفاري مڪي کان مديني آيا ، ان وقت حجاب (پردي) جو حڪم نازل نه ٿيو هو تنهن ڪري حضرت عائشه رضه هن کان پڇا ڪئي ته مڪي کي ڪهڙي حالت ۾ ڇڌي آيئن ؟ هن جواب ڏنو ته اهڙي حالت ۾ جڏهن هن جا وڻ ۽ ڀاجيون سبز ٿي رهيون هئيون ۽ ڪشادي پٿريلي زمين چمڪي رهي هئي ۽ ٻٻر جا وڻ ڦلجي رهيا هئا ، تنهن تي رسول اللهﷺ فرمايو ته اي اصيل بس ڪر مونکي رنج نه پهچاءِ ۽ دلين کي بي قرار نه ڪر
هن حديث جي آخري لفظن مان واضح ٿئي ٿو ته رسول الله کي پنهنجي پيدائشي وطن مڪي سان هڪ طرح جو الفت ۽ محبت هئي ۽ هن ئي سببان اهڙو رنج ٿيندو هو جڻ ڪنهن جو وڇڙيل محبوب جي ذڪر سان هڪ محبت ڪندڙ کي ٿيندو آهي هن مان ثابت ٿيو ته وطن سان محبت هڪ درست ۽ سٺي شي آهي .

وطن دوستي هڪ فطري تعلق:

تنهن کان سواءِ هڪ اڻٽر ڳالھ آهي ته هڪ انسان جنهن جاءِ زمين ۽ جنهن علائقي ۽ وطن ۾ پيدا ٿيندو آهي ، ۽ سندس نشونما ٿيندي آهي ۽ مختلف مرحلن مان گذرندو آهي ته هن جي هڪ هڪ شي سان هڪ طرح سان انس ۽ لڳاو پيدا ٿي ويندو آهي . ۽ ان ڪري جو ان ۾ وسندڙ ماڻهو ، هن جا طرز ، هن جي مخصوص ٻوليءَ ۽ ڳالھائڻ جو ڍنگ ، هن جي خاص خوراڪ ، هن جو لباس ۽ پوشاڪ ، ميل جول ، وضع قطع مان مانوس ٿيندو آهي بلڪه هن جي جغرافيائي ماحول ۽ طبعي حالتن ۽ خاص حيوانن ۽ پرندن تائين مانوس ٿي وڃي ٿو
شايد هن جو سبب اهو هجي جو دراصل هنن سڀني شين جو تحفظ ۽ بقا هن جي دماغ ۽ جسماني نشونما ۾ اڻ سڌو يا سڌو سئون ضرور عمل دخل ٿئي ٿو ۽ هو چوڌاريءَ سڀني شين تي شعوري يا لاشعوري طور مستفيد ٿيندو آهي ۽ ان جا اثرات هن جي دل ۽ دماغ ۽ تحت الشعور ۾ پختگي سان قائم ٿيندو آهي تنهن ڪري اها هڪ فطري ۽ طبعي ڳالھ آهي ته انسان پنهنجي تمدن ۽ طبعي ماحول سان انس ۽ محبت ڪري ٿو ۽ هن جي اصلاح ۽ تعمير جو خير خواهي ۽ ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪري ٿو.
اسلام جيئن ته هڪ فطري دين آهي ، هو انسان جي فطري تقاضائن کي مٽائي ۽ دٻائي نٿو ۽ نه ئي نظر انداز ڪري ٿو بلڪه هن جو تحفظ ۽ تسڪين لاءِ صحيح حد مقرر ڪري ٿو جئين ان ۾ ٽڪراو پيدا نه ٿئي ۽ اجتماعي اعتدال ۽ توازن بڳڙي نه وڃي .تنهن ڪري حب الوطني جي فطري جذبي ۽ هن جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ اهل وطن جي همدردي ۽ خير خواهي ضروري ڄاڻائي ٿو ، پر هن سان گڏ جيئن ته اسلام هڪ عالمگير مذهب آهي، هو پنهنجي تعليم ذريعي ڪنهن مخصوص وطن ۾ رهندڙ انسانن جي مفاد کي مدنظر نٿو رکي بلڪه دنيا ۾ رهندڙ سڀني انسانن جي مفاد کي اڳيان رکي ٿو ۽ سڀني جي ڀلائي ۽ بهتري گهري ٿو ، هو دنيا ۾ هڪ عالمگير انساني معاشري جي گهر ڪري ٿو جنهن جي هر فرد ٻئي فرد سان همدردي ۽ خيرخواهي ۽ هر فرد ٻئي فرد سان عدل ۽ احسان وارو ورتاو ڪري ڇو ته هن کان سواءِ ڪنهن فرد کي هن دنيا ۾ پائدار ۽ مسلسل امن ۽ اطمينان حاصل نٿو ٿي سگهي ، جنهن جو هر انسان جي فطري طور تي خواهش هوندي آهي ۽ جنهن جي حاصل ٿيڻ جو نالو ئي دراصل فرد جي جيت ۽ ڪاميابي آهي .

جارحانه وطن پرستي:

اسلام وطن پرستي جي جذبي ۽ هن جي تقاضائن کي رڳو هن حد تائين درست سمجهي ٿو جنهن جا حد عالمگير انساني معاشري جي راه ۾ رڪاوٽ نه بڻجن بلڪه هن لاءِ معاون ۽ ممدگار ثابت ٿين ، ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته اسلام ۾ وطن ۽ قوميت جو تصور بلڪل غلط ۽ باطل آهي جيڪو فرد کان اهو تقاضو ڪري ته هو رڳو پنهنجي ئي وطن ۽ پنهنجي ئي قوم جي مفاد کي حرف آخر سمجهي ۽ هن لاءِ پنهنجي سڄي توانائي وقف ڪري ڇڏي ۽ هر هن شي کي خير ۽ نيڪي سمجهي جيڪا هن جي قوم ۽ وطن لاءِ مفيد هجي هر هن شي کي شر ۽ بد سمجهي جيڪا هن جي قوم لاءِ مضر ۽ نقصانده هجي ۽ اهو به ته هن جو مقصد پنهنجي قوم ۽ وطن لاءِ برتري ۽ قوميت سڄي دنيا ته قائم ڪرڻو هجي ، ڇو ته وطنيت ۽ قوميت جي هن تصور جي روءَ سان هر اهي قدم جائز ۽ درست بڻجيون پون ٿيون جنهن سان پوءِ ڀلي ٻين قومن لاءِ ڪيترو ئي نقصان ڇو نه کڻڻو پوي .
ظاهر آهي هن منحوس تصور جي هوندي دنيا ۾ ڪڏهن به پائدار امن ۽ اطمينان جي فضا پيدا نٿو ٿي سگهي ۽ اسلام جي ته تقاضه آهي ته دنيا ۾ پائدار امن ۽ سلامتي جي خوشگوار فضا پيدا ٿئي ، هر انسان جي اهي سڀ صلاحيتون پوري طرح نروار ٿين جيڪا ان جي خلافت اسلاميه جو مستحق ٿيڻ لاءِ ضروري آهن.، تنهن ڪري وطنيت ۽ قوميت جي ذڪر ڪيل تصور کي بلڪل باطل ۽ غلط قرار ڏئي ٿو ڇو ته هن جو لازمي نتيجو جنگ ، خونريزي انساني صلاحيتن جو زيان ۽ انساني تباهي آهي جنهن جو علامه اقبال رح نئي تهذيب جو بت چئي هن جي پرستش کي مذهب جو ڪفر قرار ڏنو آهي .

ان تازه خدائوں میں بڑا سب سے وطن هے
پيرہن اس ڪا هے وه مذهب ڪا ڪفن هے ۔

وطن پرستي يا انسان دوستي :

خلاصو اهو نڪتو ته اسلام وطن دوستي جو قائل آهي ،پر وطن پرستي جو قائل نه آهي، اهو اهڙي حب الوطني جو روادار آهي جيڪي محدود هجي ۽ انسانيت دوستي جي ماتحت ۽ زير اثر هجي ۽ هن جي روادار نه آهي جنهن جو نتيجو ٻين وطنن سان نفرت ۽ دشمني جي صورت ۾ اڳيان اچي . هن جي ويجهي حق ۽ باطل ، خير ۽ شر جو معيار ڪنهن خاص وطن ۽ قوم جو محدود مفاد نه آهي بلڪه سڀني انسانن جو وسيع معيار آهي جنهن جو صحيح ترجمان اهو قانون الاهي آهي جيڪي قرآن مجيد ۽ پيغمبر اسلام ﷺ ذريعي دنيا کي ڏنو ويو آهي .
افسوس جو مقام آهي جو بدنصيبي سان اڄ قوميت ،وطنيت جي ملعون وبا ڦيلجي وئي آهي ۽ هر آئي ڏينهن زوروٺي پئي ۽ جيڪي اسلام جا دعويدار آهن نه رڳو اهو ته قيادت طرفان هن جو روڪٿام نه ٿي رهي آهي بلڪه حڪومتي ذريعن هن کي هتي ڏني پئي وڃي ۽ اها دعوى آهي ته اسين اسلامي معاشرو آڻڻ گهرون ٿا ، جيڪر اسان جي دعوى صحيح آهي ته اسان کي يڪدم هن غير اسلامي تصور کي ڦيلجڻ کان روڪڻو پوندو ، هن لاءِ سڀ کان ضروري آهي ته نصاب تعليم شروع کان وٺي آخر تائين اهڙو هجي جنهن جي پڙهڻ سان محدود حب الوطني ۽ قومپرستي سان گڏ عالمگير انسان دوستي جو جذبو به پيدا ٿئي اڳتي هلي ڪري عالمگير اسلامي معاشري جي تشڪيل ۾ مدد ڏئي سگهي جيڪو اسلام جو نصب العين آهي .

No comments: