16 May 2013

نيٺ انهن جي ڏوھ ڇا آهي ؟

نيٺ انهن جي ڏوھ ڇا آهي ؟ نه انهن وٽ افرادي قوت ، نه جديد تعليم ، نه ٽيڪنالوجي ، نه ايٽم بم  آخر ڇا جي ڪري دجال ۽ هن جي اتحادين کي اهي برداشت نٿا ٿين ، جو سڀئي دجالي طاقتون هنن خلاف اچي گڏ ٿيون آهن.

     ابليس جي سڀ کان وڏي دشمني  آقائي نامدار سرڪار دو جهان ، خليفه اعظم ، محسن انسانيت، رحمة العالمين ﷺ سان آهي . ابليس جي سڀ کان وڏي ڪوشش اها آهي ته دجال ۽ سندس اتحادي هر حال ۾ اهو معرڪو کٽي وڃن جئين امت محمديه کي الله تعالى جي نظرن ۾ ناڪام ثابت ڪري ڏيکاري سگهي ، ۽ اهو خير ۽ شر جو معرڪو جاري آهي . ابليس شر جي طاقتن ذريعي خير جو مڪمل خاتمو ڪرڻ گهري ٿو .


 ابليس ۽ سندس آله ڪار ۽ يهودين جي جنگ  مڪمل تقدير الاهي خلاف تڪبر ۽ هٽ ڌرمي تي ٻڌل آهي ، تنهن ڪري انهن جو خيال آهي ته هو هن جنگ کي  کٽڻ لاءِ پڇاڙي ۾ وڏي طاقت دجال (anti chirest) کي آڻيندو جيڪو سڄي دنيا ۾ خير جون پاڙون ڪڍي ڇڏيندو ۽ ابليس جو نظام قائم ڪندو .

       هن معرڪي ۾ الله تعالى پنهجن ٻانهن کي آزمائي رهيو آهي ته ڪير هن جي وعدي تي يقين رکي ٿو ۽ ڪير هن جي وعدن کي وساري ابليس جي ڌوکي ۾ اچي ٿو .

فرمان باري آهي ته “أَمْ حَسِبْتُمْ أَن تُتْرَكُوا۟ وَلَمَّا يَعْلَمِ ٱللَّهُ ٱلَّذِينَ جَهَدُوا۟ مِنكُمْ وَلَمْ يَتَّخِذُوا۟ مِن دُونِ ٱللَّهِ وَلَا رَسُولِهِۦ وَلَا ٱلْمُؤْمِنِينَ وَلِيجَةًۭ ۚ وَٱللَّهُ خَبِيرٌۢ بِمَا تَعْمَلُونَ. سورت توبه آيت 16

ترجمو: . ڀائيندا آھيو ڇا ته اوھان کي (جھاد جي تڪليف کان) ڇڏيو ويندو؟ حقيقت ڪري اوھان مان جن جھاد ڪيو ۽ نڪي الله ۽ نڪي پيغمبر ۽ نڪي مؤمنن کانسواءِ (ٻيو) ڪو ڳجھو دوست ورتو تن کي الله اڃا نه نکيڙيو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.



أَحَسِبَ ٱلنَّاسُ أَن يُتْرَكُوٓا۟ أَن يَقُولُوٓا۟ ءَامَنَّا وَهُمْ لَا يُفْتَنُونَ سورت العنڪبوت آيت 2

ترجمو: ماڻھن ڀانيو آھي ڇا ته سندن (رڳو ايتري) چوڻ تي ته ايمان آندوسون اُھي ڇڏي ڏبا ۽ اُھي نه آزمائبا؟





واضح رهي ته اها ڳالھ الله انهن ماڻهن بابت چئي پيو جيڪي پاڻ کي مسلمان چون ٿا ، ته هو اهو امتحان هر حال ۾ ڏيڻو پوندو تانته سچن ، ڪوڙن ، مومن ۽ منافق جو پتو پئجي وڃي ، جيئن ته حديث ۾ اچي ٿو ته اهو امتحان ڪلمي جي سچائي جو هوندو ته ڪلمي پڙهندڙن ان کي ڪيتري قدر نڀايو .

هاڻ هر مسلمان کي سوچڻ گهرجي ته اها جنگ اصل ڪنهن لاءِ آهي؟ اها جنگ آهي هن ڳاله جي ته شيطان ۽ ان جا ساٿاري دنيا مان محمد ﷺ جي دين کي مٽائڻ چاهن ٿا ، جڏهن ته هنن جي خلاف مجاهدين آهن جيڪي هنن کي ناڪام بڻائي ڪاري ڪملي واري ﷺ جي حرمت مٿان ڪٽجي  مرڻ چاهن ٿا . آمنه جي لعل ﷺ جي مشن ۾ پنهنجن جسمن جون ٻوٽيون ڪرائن پيا، پنهنجي پياري نبي ڪريم ﷺ مٿان سڀ ڪجه لٽائڻ جو عزم ڪري ويٺا آهن .

    سو اي مڪي ۽ مدني ﷺ جي چاهڻ وارو ! فيصلي جو وقت اچي چڪو آهي .... دجال کان اڳ جنهن به جنهن رستي کي چونڊي ڇڏيو دجال اچڻ وقت ان تي قائم رهندو. جو دجال اچڻ کان اڳ امام مهدي رضه جي لشڪر ۾ شامل ٿي ويو دجال هن کي ڪو به نقصان نه پهچائي سگهندو . الله تعالى کان دعا آهي ته اسان سڀني کي پنهنجي  امان ۾ رکي ۽ پنهنجي حبيب ﷺ جي دين لاءِ وڙهڻ وارن جي مدد فرمائي ۽ هنن ذريعي سڄي امت کي ڪافرن جي ظلم کان نجات عطا فرمائي ۽ ذلت مان ڪڍي عزت عطا فرمائي . اسان جون جانيون دين لاءِ قبول فرمائي . آمين

No comments: