17 May 2013

جهاد ڇا آهي ؟ قسط 2

جنگ احد کان موٽندي ابو سفيان ۽ قريش جي ڪافر هتي ٻيهر گڏ ٿيا هئا ، آنحضرت 300 صحابن کي وٺي مقابلي لاءِ نڪتا ، پر الله تعالى ابو سفيان ۽ هن جي لشڪر جي دلين ۾ رعب وجهي ڇڏيو ، تنهنڪري ابو سفيان ۽ سندس لشڪر واپس مڪي ڏانهن هليا ويا ، ۽ مقابلو نه ٿي سگهي 3 ڏينهن نبي ڪريم هتي ترسي پوءِ مديني ڏانهن واپس موٽيا
.
(سن 4 هجري)
13 غزوه بن نضير :

هن سال ربيع الاول ۾ رسول الله غزوه بني نضير لاءِ نڪتا ، شامي پنهنجي سيرت ۾ لکي ٿو ته ۽ اهو ئي قول درست آهي . ٻيو قول آهي ته بنو نضير 3 هجري ۾ غزوه بدر کان پوءِ واقع ٿيو .
بنو نضير : يهودين جو هڪ وڏو قبيلو هو ، انهن جي آبادي مسجد قبا کان وٺي عوالي ڏانهن مديني کان 6 ميلن تائين هئي . آنحضرت 20 ڏينهن تائين انهن جو محاصرو ڪيو ، جيئن هو جلاوطني لاءِ راضي ٿي وڃن ، مديني ۾ پاڻ ڪريم ابن ام مڪتوم کي عامل ڪري ويا هئا .

14 غزوه بدر صغرى :

هن ئي سال شعبان ۾ ۽ بعضن بقول ذي القعده ۾ غزوه بدر موعد لاءِ تشريف وٺي ويا . هن کي بدر ميعاد ، بدر صغرى ، بدر ثالثه ۽ بدر اخيره به چيو ويندو آهي .
هن غزوه ۾ آنحضرت ابو سفيان ۽ ٻين قريش مڪه جي مقابلي ۾ نڪتا هئا ، ڇو ته ابو سفيان وارن غزوه احد جي واپسي تي رسول الله سان وعدو ڪري ويا هئا ته ايندڙ سال ٻيهر مقابلو ٿيندو ، انهيءَ مناسبت سان هن کي غزوه بدر موعد (وعدي وارو مقابو) به چيو وڃي ٿو .
بهرحال آنحضرت عبدالله بن رواحه کي مديني ۾ جانشين بڻايو ۽ پاڻ ڪريم 100 صحابن کي وٺي نڪتا ، لشڪر ۾ رڳو ڏھ گهوڙا هئا ، آنحضرت غزوه بدر ۽ الصفراء کان اڳتي مجنه تائين ويا .
هوڏانهن مشرڪين ۽ ابو سفيان مڪي کان نڪري مر الظهران تائين پهتا ، پر الله تعالى هنن جي دلين ۾ رعب وجهي ڇڏيو ، تنهن ڪري واپس مڪي ڏانهن وريا ، مقابلي جو نوبت پيش نه آئي رسول الله به مديني ڏانهن واپس آيا .
(سن 5 هجري )
15 . غزوه دومة الجندل :

هن سال غزوه دومة الجندل پيش آيو . دومة الجندل شام ويجهي هڪ شهر آهي ، مديني کان 15 يا سورهن ڏينهن جي مسافت ۽ دمشق کان 5 ڏينهن جي مفاصلي تي آهي .
آنحضرت 1000 صحابن سڳورن سان گڏ 24 ربيع الاول ۾ روانا ٿيا . سباع بن عرفطه کي مديني ۾ جانشين بنايو ، مشرڪين اٺ ۽ ٻڪريون ڇڏي وٺي ڀڳا ، پاڻ ڪريم ان کي مال غنيمت بڻايو ۽ پنهنجن ساٿين ۾ تقسيم ڪيو . 20 ربيع الثاني تي مديني ڏانهن واپس وريا ۽ مقابلي جي نوبت پيش نه ٿي.

16 غزوه بنو مصطلق :

هن ئي سال شعبان ۾ صحيح قول مطابق غزوه خندق کان اڳ 2 شعبان ۾ نبي ڪريم 700 صحابن سان گڏ روانا ٿيا .حضرت ام سلمه رضه به ساڻ هئن . مديني ۾ زيد بن حارثه ۽ بقول بعض ابو ذر غفاري رضه کي خليفو بڻايائون . مشرڪين کي شڪست نصيب ٿي ، هنن جا 10 ماڻهو قتل ٿيا ۽ 700 کان وڌيڪ قيدي بڻيا . پاڻ ڪريم مويشين ۽ ٻڪرين تي قبضو ڪيو ، عورتن ۽ ٻارن کي قيد ڪيو ، هنن قيدين ۾ حارث بن ابي ضرار المصطقي جي صاحبزادي جويريه به هئي ، مسلمانن مان هڪ صحابي شهيد ٿيو ، آنحضرت 28 يا پهرين رمضان ۾ مديني واپس ٿيا .
بنو مصطلق :قبيله خزاعه جي هڪ شاخ آهي .

17 : غزوه خندق :

هن ئي سال شوال ۽ بقول بعض ذي القعده ۾ غزوه خندق پيش آيو . جنهن کي غزوه احزاب به چيو وڃي ٿو . بعضن جو قول آهي ته غزوه خندق 4 هجري ۾ واقع ٿيو هو . شامي فرماين ٿا 5 هجري جو قول زياده صحيح ۽ معتمد آهي . بلڪه اهو قول قطعي آهي . آنحضڙت 8 شوال يا ذي القعده تي خندق ڏانهن روانا ٿيا ، هن غزوه ۾ مسلمانن مان 3 هزار افراد شريڪ ٿيا . ۽ مشرڪين 10 يا 12 هزار ۽ بقول بعض 15 هزار هئا ، جيڪي قريش ، غطفان ، قريظه ، نضير ۽ ديگر قبيلن کان اچي گڏ ٿيا هئا . آنحضرت ميدني ۾ ابن ام مڪتوم رضه کي جانشين بڻايو ، هن غزوه ۾ 6 صحابه شهيد ۽ 4 مشرڪ قتل ٿيا.

18 غزوه بني قريظه :

هن ئي سال غزوه خندق کان پوءِ ترت غزوه بني قريظه پيش آيو . بنو قريظه يهودي هئا ، جيڪي مديني جي ويجهي آباد هئا . انهن بد عهدي ۽ حلف کي ٽوڙيو هو. آنحضرت خندق مان تشريف وٺي آيا ۽ پنهنجا هٿيار لاٿا ۽ سفر جو گردغبار لاهڻ لاءِ غسل ڪيو ۽ ظهر نماز مس پڙهي ته حضرت جبريل عليه السلام تشريف فرما ٿيا ۽ عرض ڪيو ته اوهان هٿيار لاهي ڇڏيا آهن الله جو قسم ! اسين اڃان هٿيار نه لاٿا آهن ، ۽ اسان کي بنو قريظه سان قتال جو حڪم ٿيو آهي . آنحضرت هڪڙي صحابي کي حڪم ڏنو ته هو اعلان ڪرائي “ لا يصلين احدڪم العصر الا في بني قريظه“ اوهان مان ڪو به عصر نماز نه پڙهي ايسيتائين جو بنو قريظه پهچو “ .
آنحضرت 3 هزار صحابن سان گڏ مديني کان نڪتا ، مديني ۾ ابن ام مڪتوم کي قائم مقام بڻيائيون ، لشڪر ۾ 36 گهوڙا هئا ، رسول الله 25 ڏينهن تائين يهودين جو محاصرو (گهيراءُ) ڪيو . محاصري کان تنگ اچي يهودين سعد بن معاذ جي فيصلي تي لهڻ منظور ڪيو ، جاهليت ۾ سعد بن معاذ سان هنن سان دوستي ۽ دفائي معاهدو ٿيل هو . سعد رضه فيصلو ڏنو ته هنن جي ويڙهاڪن کي قتل ڪيو وڃي ، جيڪي 800 يا 900 هئا ، ۽ هنن جي عورتن ۽ ٻارن کي حراست ۾ ورتو وڃي . پاڻ ڪريم 7 يا 5 ذي الحجة تي مديني واپس ٿيا ، غنيمت مان حاصل ڪيل مال جو خمس (پنجون حصو) ڪڍي باقي صحابن ۾ تقسيم ڪيو ويو ،
تفصيل هي آهي . 15 تلوارون ، 300 نيزه ، 500 ڪمانون ۽ ڍال ۽ لاتعداد مويشي هئا .
( سن 6 هجري جا غزوات)
19: غزوه بنو لحيان:

هن سال ربيع الاول ۾ عزوه بني لحيان واقع ٿيو . بعضن جو قول 4 هجري ۽ 5 هجري جو به آهي . هن ۾ اختلاف آهي ته ڪهڙي مهيني ۾ ٿيو بعض ربيع الاول ۽ بعض جماد الاول چيو آهي ، بعضن وري رجب لکيو آهي ،صحيح قول آخري آهي . بنو لحيان وارن ”بئر معونه۾ ستر صحابه شهيد ڪيا ، پاڻ ڪريم هنن کان انتقام وٺڻ لاءِ 200 صحابن سان گڏ نڪتا ۽ ابن ام مڪتوم کي مديني ۾ قائم مقام بڻايو ، لشڪر ۾ 20 گهوڙا هئا . بنو لحيان اطلاع ملندي جبلن ڏانهن ڀڳا ۽ جنگ جي نوبت پيش نه ٿي سگهي .

20 : غزوه حديبيه :

هن ئي سال غزوه حديبيه پيش آيو . آنحضرت سومر ڏينهن 1 ذي القعده ۾ 1400 يا 1500 صحابن سان گڏ مڪي ڏانهن روانا ٿيا . مديني ۾ ابن ام مڪتوم ۽ بعضن جي بقول نميله بن عبدالله الليثي کي جانشين بڻايو . آنحضرت ذوالحليفه ۾ عمري لاءِ احرام ٻڌو ، پر ڪافرن جي هٽ ڌرمي ڪري هن سال عمرو نه ڪري سگهيا ، بلڪه ايندڙ سال هن جي قضا ڪئي ، هن غزوه ۾ جنگ جي نوبت پيش نه ٿي بلڪه صلح تي معاهدو ٿيو . حديبيه ۾ پاڻ 22 ڏينهن قيام ڪري ذوالحجة ۾ مديني ڏانهن واپس ٿيا .

حديبيه: هڪ ننڍو علائقو آهي جيڪو مڪي مڪرمه کان 12 ميل اولھ پاسي ، مڪي ۽ جده جي وچ ۾ واقع آهي ، دراصل هت حديبيه نالي هڪ ڪوھ هو ، تنهن جي نسبت سان ان جو نالو پئجي ويو .

21: غزوه ذي قرد :

هن سال غزوه حديبيه کان پوءِ غزوه خيبر کان اڳ 1 ذي الحجة ۾ غزوه قرد واقع ٿيو . جنهن کي غزوه الغابه به چيو وڃي ٿو . آنحضرت کي اطلاع ملي ابن حصن 40 سوارن سان نبي ڪريم جي مويشين تي ڌاڙو هنيو آهي ته آنحضرت ابن ام مڪتوم کي مديني ۾ جانشين بڻائي 300 فردن کي مديني ۾ نگهبان مقرر ڪري پاڻ ڪريم 500 صحابن سڳورن ۽ بعضن 700 چيو آهي وٺي تعاقب ۾ نڪتا . حضرت سلمه بن اڪوع رضه اڪيلو ۽ پنڌ گهڻو اڳتي نڪري وڃي مشرڪن تائين پهتو ، مشرڪن مٿان تير اندازي ڪري سڀئي اٺ ڇڏائي ورتا . دشمن کان 30 چادرون ، 30 نيزه ۽ 30 ڌالون پڻ کسي ورتا ۽ ڪيترن ئي دشمنن کي جهنم رسيد ڪيائون . اڪيلي سر اٺن سميت جڏهن واپس ٿيا ته رستي ۾ نبي ڪريم ۽ صحابن سان مليا .
ذي القرد : علاقه غطفان ويجهي هڪ ڪوھ آهي ، صحيح بخاري ۾ هڪ روايت آهي ته آنحضرت هن غزوه کان واپس مديني اچي 3 ڏينهن ترسيا ۽ پوءِ غزوه خيبر ڏانهن نڪتا .

No comments: