16 May 2013

جديد اصطلاحون



جديد اصطلاحون

9/11کان پوءِ دنيا ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا چوڻي تحت عالمي جنگ شروع ڪئي وئي . هن جنگ جا خاص عنصر ڪي اصطلاحون هيون . هڪ نئي لغت هئي جا انگريزي زبان ۾ فراهم ڪئي وئي ۽ انهن اصطلاحن کي متعين ڪري سڄي دنيا جي زبانن ۾ ترجما ڪرايا ويا . اها جنگ اسلام ۽ مسلمان خلاف شروع ٿي تنهنڪري اڻڄاڻائي ۾ سهي صدر بش جي واتان حق ڳالھ نڪري وئي ته اها جنگ ” صليبي جنگ“ آهي
بعد ۾ مسلمانن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ نئو اصطلاح قائم ڪيو ويو ۽ هن جنگ جو نالو ” دهشت گردي خلاف جنگرکيو ويو . مغربي ميڊيا جي پوئلڳي ۾ سڄي دنيا جي ميڊيا اها اصطلاح اردو، عربي، سنڌي مطلب هر ٻولي قبول ڪيو .
هن اصطلاح فردن توڙي قومن خلاف سڀ کان وڏو مهلڪ هٿيار طور استعمال ڪيو ويو ، هن ئي اصطلاح ذريعي عراق ، افغانستان تي حملي جو جواز قائم ڪيو ويو . مسلم ملڪن ۾ پخته مسلمان ، باشرع ، با عمل فردن تي اهو ليبل نهايت ڪارآمد رهيو . اهو اصطلاح هر قانون ۽ هر آئين مٿان بالادست رهيو . جنهن تي امريڪي حڪومت چاهيو اهو ليبل هنيو ۽ پوءِ تشدد، نيٽو جي حوالي ڪرڻ سڀ جائز ٿي پيا . اهاو اصطلاح قانون تي حاوي رهيو ، جنهن لاءِ ڪو ثبوت نه مليو ته ثبوت لاءِ ڏاڙهي ، شرعي لباس ، شرعي حليو ، گڏ قرآن ۽ حديث يا ڪو ٻيو مذهبي ڪتاب اسلحي جو قائم مقام ڪوٺيو ويو . .
هن جي آڙ ۾ مسلم دنيا جي سڀني خيراتي ادارن تي پابندي ، زڪواة ، خيرات جي وصولي ۽ تقسيم جرم شمار ٿيڻ لڳو ، ياد رهي ته دهشت گرد ملڪن ۽ تنظيمن ۾ سڀ مسلمان شريڪ جرم هئا ۽ آهن ۽ اسرائيل ، انڊيا ۽ امريڪه ، نيٽو جي اسلحي جا انبار ۽ تشدد جي سڀني ڪارواين باوجود امن جا سرواڻ بڻيا .
سڄي دنيا ۾ يهودي ، عيسائي خيراتي ادارن کي فلاحي تنظيمون قرار ڏنيو ويون. ڊويلپمنٽ جي آڙ ۾ اين جي اوز کي جاسوسي نيٽ ورڪ ۽ عيسائيت جي فروغ لاءِ اهي مشنري ادارا پاڪ ۽ پوتر بڻيا .
امريڪه ۽ يورپ اسان جي مسودن ۾ جهاتي پائي ، ختم نبوت ، قانون توهين رسالت سزائي موت کي ختم ڪرائڻ لاءِ نهن چوٽي جو زور ڏنو .
پوءِ هن ئي جنگ مان برين واشنگ جي اصطلاح جنم ورتو ، ۽ هن کي به اسلام ، ايمان ، قرآن ۽ جهاد خلاف استعمال ڪيو ويو جنهن جي ذريعي دل ۽ دماغ تي موسيقي ، فحاشي ، عرياني (اگهاڙپ) هم جنس پرستي کي مسلط ڪيو ويو . اکين کي 80 چينلن ، بل بورڊن ، اگهاڙي تصويرن جو زهر پياريو ويو ۽ ڪنن کي ٻڌڻ لاءِ اسلام دشمني پروپيگينڊا ، موسيقي ، مذاڪره ، ٽاڪ شوز ڏنا ويا .
دنيا کي جمهوريت بخشڻ لاءِ امريڪه جنگي مشن تي نڪتو ، عراق ۾ مالڪي ، افغانستان ۾ ڪرزئي جمهوريت ، پاڪستان ۾ اين آر او تحفي ۾ مليا . شام جي بشار الاسد جي درندگي اڳيان بند ٻڌڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي ، معصوم شهرين ، عورتن ۽ ٻارن جو بي ذريغ وهندڙ رت مان ، دهشت گردي خلاف جنگ جي عالمي ٺيڪيدارن جي ڪنن مان جوءِ نه چري .
جڏهن شامي مجاهدين پيش قدمي ڪندي فتح (سوڀ) جي ويجهي پهتي ته امريڪه کي هاڻ سر جي لڳي آهي ، تنهن ڪري هاڻي اهي ڪيميائي هٿيارن جي آڙ ۾ مداخلت لاءِ تياريون وٺي رهيا آهن . يارهن سال اڳ جيڪو اصطلاحون وضع ڪيون ويون هاڻ اهي ختم ٿينديون وڃن پيون .
هاڻ ملاله جي نالي تي جيڪو ڪجه مسلط ڪيو ويو ، مينگوڙا گورمنٽ ڪالج جي ننڍڙين ڇوڪرين به رد ڪري ڇڏيو ۽ احتجاج ڪندي ملاله جون تصويرون ڦاڙي ڇڏيون ، نالي جي تبديلي (ملاله ڪالج) تي هنگامو کڙو ٿيو ويو . جڏهن ته اسان جا سياسي ڪامورا امريڪه کي خوش رکڻ لاءِ قوم جي لائق ترين ڌي ڊاڪٽر عافيه صديقي کي وساري مغربي دنيا وارن جي دادلي ملاله کي ”دخترِ پاڪستان“ قرار ڏئي ڇڏيو !. اسان وٽ ايوارڊ يافته جو مطلب به يو اين ، امريڪي انعام يافته ، نوبل انعام يافته ، آسڪر انعام يافته ( شرمين عبيد چنائي) بي بي سي ڊائري انعام يافته ٿي ويو آهي . مغضوب ۽ ضالين به اهي ٿيا وڃي جنهن تي امريڪه غضب ناڪ ٿيو . ڊرون حمله ٿيا ، شارح قرآن ۽ حديث دهشت گرد ٿيا . امريڪه سڄي دنيا ۾ انهن اصطلاحن ذريعي اکين ۾ ڌوڙ پيو وجهي ، ڇا اهي سڀ ٻٽا معيار نه آهن جو هاڻي کلي ڪري سامهون نه آيا آهن؟ پاڪستان ۾ اقليت جي حقن لاءِ تڙپندڙ اسرائيل ۽ برما نظر نٿو اچي ، جت مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ جيڪي وڃي بچيا اهي غزه يا روهنگيا مسلمان !
ڇا اسين ايترا چريا آهيون جو پرائين دهلين احمق نچي مصداق، اڃان انهن جي اصطلاحڻ پويان هلندا رهنداسين ؟ جڏهن ته اهي عين اهي اصطلاحون آهن ، جهڙوڪ مجنون، شاعر ، صابي ، ملان ، جيڪي ازل کان وٺي ڪافرن جو شيوه رهيو آهي ، ڪڏهن ته حضرت ابراهيم عليه السلام ، حضرت محمد ﷺ ۽ اڄ امت محمديه ﷺ !.

افتخار علي چوهاڻ

No comments: