جهاد ڇا آهي.
جهاد
جهاد جي لغوي معنى:جهد بالضم يا جهد بالفتح کان مشتق آهي ، جنهن جي معنى خوب محنت ۽ مشقت جي آهي ، لغت جي ڪتابن ۾ جهاد جي لغوي معنى هن الفاظن سان بيان ڪيل آهي .
” بذل اقصى ما يستطيعه الانسان من طاقة لنيل محبوب او لدفع مڪروه .
انسان جو پنهنجي مرغوب شيءَ کي حاصل ڪرڻ يا ناپسنديده شيءَ کان بچڻ لاءِ انتهائي درجي جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ“ .
جهاد جي لغوي معنى:جهد بالضم يا جهد بالفتح کان مشتق آهي ، جنهن جي معنى خوب محنت ۽ مشقت جي آهي ، لغت جي ڪتابن ۾ جهاد جي لغوي معنى هن الفاظن سان بيان ڪيل آهي .
” بذل اقصى ما يستطيعه الانسان من طاقة لنيل محبوب او لدفع مڪروه .
انسان جو پنهنجي مرغوب شيءَ کي حاصل ڪرڻ يا ناپسنديده شيءَ کان بچڻ لاءِ انتهائي درجي جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ“ .
جهاد جي شرعي معنى: سڀني عالمن سڳورن جو اتفاق آهي ته جهاد شريعت ۾ قتال في سبيل الله آهي ۽ هن جي مدد کي چوندا آهن . هن جي وضاحت چار ئي ائمه جا حواله پيش ڪجن ٿا .
فقه حنفي: 1: ”الجهاد بذل الوسع والطاقة بالقتال في سبيل الله عزوجل بالنفس والمال واللسان وغير ذالڪ“ .
الله جي راه ۾ قتال ڪرڻ ۾ پنهنجي جان ، مال ۽ زبان ۽ ٻين شين سان ڀرپور ڪوشش ڪرڻ کي جهاد چئبو آهي . (البدائع الصنائع)
2: ”جهاد دعوة الڪفار الي الدين الحق وقاتلهم ان لم يقبلوا“.
جهاد جي معنى آهي ڪافرن کي دين حق طرف دعوت ڏيڻ ۽ هنن سان قتال ڪرڻ جيڪر اهي دين حق کي قبول نه ڪن . ( فتح القدير)
فقه مالڪي:
” قتال المسلم ڪافرا ذي عهد لاعلاء ڪلمة الله“ .
جهاد جي معنى مسلمانن جو ذي عهد ڪافرن کان الله جي دين جي سربلندي لاءِ قتال ڪرڻ . (حاشيه العدوي ، الشرح الصغير)
فقه شافعي :” وشرعا بذل الجهد في قتال الڪفار“.
۽ جهاد جي شرعي معنى پنهنجي ڀرپور ڪوشش سان ڪافرن سان قتال ڪرڻ ۾ صرف ڪرڻ (فتح الباري)
فقه حنبلي: ”الجهاد قتال الڪفار“ (مطالب اولى النهي)
جهاد ڪافرن سان وڙهڻ کي چئبو آهي .
جهاد جو حڪم: ” جهاد هڪ محڪم فريضو آهي الله پاڪ جو قطعي فيصلو آهي ، جهاد جو منڪر ڪافر ٿيندو ۽ جهاد سان ضد رکڻ وارو گمراھ ڪوٺبو .“ ( فتح القدير 2 191 ص 5)
” جهاد هڪ محڪم ۽ قطعي فريضو آهي ، جنهن جو منڪر ڪافر آهي اهي فريضو قرآن ، حديث ۽ امت جي اجماع کان ثابت آهي . “ (فتح القدير ص 191 ج 5) .
جهاد بابت آيتون:
” كُتِبَ عَلَيْكُمُ ٱلْقِتَالُ وَهُوَ كُرْهٌۭ لَّكُمْ ۖ وَعَسَىٰٓ أَن تَكْرَهُوا۟ شَيْـًۭٔا وَهُوَ خَيْرٌۭ لَّكُمْ ۖ وَعَسَىٰٓ أَن تُحِبُّوا۟ شَيْـًۭٔا وَهُوَ شَرٌّۭ لَّكُمْ ۗ وَٱللَّهُ يَعْلَمُ وَأَنتُمْ لَا تَعْلَمُونَ“ سورت البقره آيت 216
ترجمو: (اي مؤمنؤ) اوھان تي (ڪافرن سان) ويڙھ ڪرڻ فرض ڪئي ويئي آھي ۽ اُھا اوھان کي ناخوش لڳندي آھي، ۽ شايد (اوھين) ڪنھن شي کي ناخوش ڀانيو ۽ (حقيقت ڪري) اُھا اوھان لاءِ ڀلي ھُجي، ۽ شايد ڪنھن شي کي پيارو رکو ۽ اُھا اوھان لاءِ بڇڙي ھجي، ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.
” وَقَتِلُوا۟ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ وَٱعْلَمُوٓا۟أَنَّ ٱللَّهَ سَمِيعٌ عَلِيمٌۭ“ سورت البقره آيت 244
ترجمو: ۽ (اي مُسلمانؤ) الله جي واٽ ۾ (ڪافرن سان) ويڙھ ڪريو ۽ ڄاڻو ته الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
” وَلَوْلَا دَفْعُ ٱللَّهِ ٱلنَّاسَ بَعْضَهُم بِبَعْضٍۢ لَّفَسَدَتِ ٱلْأَرْضُ وَلَكِنَّ ٱللَّهَ ذُو فَضْلٍ عَلَى ٱلْعَلَمِينَ“ سورت البقره آيت 251
ترجمو: ۽ جيڪڏھن الله جو ٽارڻ ھڪڙن ماڻھن سان ٻـين کي نه ھُجي ھا ته زمين ضرور خراب ٿئي ھا پر الله جھان (وارن) تي ڀلائي ڪرڻ وارو آھي.
“فَٱقْتُلُوا۟ٱلْمُشْرِكِينَ حَيْثُ وَجَدتُّمُوهُمْ وَخُذُوهُمْ وَٱحْصُرُوهُمْ وَٱقْعُدُوا۟ لَهُمْ كُلَّ مَرْصَدٍۢۚ فَإِن تَابُوا۟ وَأَقَامُوا۟ٱلصَّلَوٰةَ وَءَاتَوُا۟ٱلزَّكَوٰةَ فَخَلُّوا۟ سَبِيلَهُمْ ۚإِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌۭ رَّحِيمٌۭ“ سورت توبه آيت 5
ترجمو: مشرڪن کي جتي لھو تتي انھن کي ماريو ۽ انھن کي پڪڙيو ۽ انھن کي بند رکو ۽ سڀني گھَٽن تي انھن لاءِ ويھو، پوءِ جيڪڏھن توبه ڪن ۽ نماز پڙھن ۽ زڪوٰة ڏين ته سندن واٽ بند نه ڪريو، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.
” قَتِلُوا۟ٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِٱللَّهِ وَلَا بِٱلْيَوْمِ ٱلْءَاخِرِ وَلَا يُحَرِّمُونَ مَا حَرَّمَ ٱللَّهُ وَرَسُولُهُۥ وَلَا يَدِينُونَ دِينَ ٱلْحَقِّ مِنَ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ٱلْكِتَبَ حَتَّىٰ يُعْطُوا۟ٱلْجِزْيَةَ عَن يَدٍۢ وَهُمْ صَغِرُونَ“ سورت التوبه آيت 29
ترجمو: جن کي ڪتاب ڏنو ويو تن مان جيڪي نڪي الله کي ۽ نڪي قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن ۽ نڪي الله ۽ سندس پيغمبر جي حرام ڪيل شيء کي حرام ڪري ڄاڻندا آھن ۽ نڪي سچو دين قبول ڪندا آھن تن سان ايستائين وڙھو جيسين (اُھي) رعيتي پنھنجي ھٿان جزيو ڏين.“
” وَلَوْلَا دَفْعُ ٱللَّهِ ٱلنَّاسَ بَعْضَهُم بِبَعْضٍۢ لَّهُدِّمَتْ صَوَمِعُ وَبِيَعٌۭ وَصَلَوَتٌۭ وَمَسَجِدُ يُذْكَرُ فِيهَا ٱسْمُ ٱللَّهِ كَثِيرًۭا ۗ وَلَيَنصُرَنَّ ٱللَّهُ مَن يَنصُرُهُۥٓ ۗإِنَّ ٱللَّهَ لَقَوِىٌّ عَزِيزٌ“ سورت الحج آيت 40
ترجمو: ۽ جيڪڏھن ڪن ماڻھن سان ڪن کي الله نه ٽاري ھا ته (جيڪر) خانقاھون ۽ گرجائون ۽ ڪليسا ۽ مسجدون جن ۾ الله جو نالو گھڻو ياد ڪبو آھي سي ضرور ڊاٺيون وڃن ھا، ۽ جيڪو الله (جي دين) جي مدد ڪندو آھي تنھنکي الله ضرور مدد ڏيندو آھي، ڇو ته الله ضرور ڏاڍو ۽ غالب آھي.
تنهن کان سواءِ قرآن مجيد ۾ ڪم و بيش 558 آيتون جهاد بابت آهن اختصار ڪندي هت لکڻ ڇڏجي ٿو .
جهاد بابت حديثون :
بخاري ۽ مسلم ۾ روايت اچي ٿي ته حضرت ابو هريرة رضه فرمائن ٿا ته حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو ته ( مونکي الله تعالى طرفان ) حڪم ڏنو ويو آهي ته ماڻهن سان ايسيتائين قتال ڪريان جيسيتائين اهي لا اله الا الله جو اقرار نه ڪري وٺنن پوءِ جڏهن اهي لا اله الا الله جو اقرار ڪري وٺندا ته هنن جو جان ۽ مال سواءِ شرعي حق جي) اسان کان محفوظ ٿي ويندا ۽ انهن جو حساب الله جي ذمي هوندو .
حضرت انس رضه ارشاد نقل ڪن ٿا ته حضور اڪرم ﷺ ارشاد فرمائن ٿا ته ٽي شيون ايمان جا بنياد آهن .
1: جيڪو شخص لا اله الا الله جو اقرار ڪري هن کان (هٿ ۽ زبان) روڪڻ ته اسين نه ڪنهن گناھ ڪري ڪافر قرار ڏينداسين نه ڪنهن عمل سبب هن کي اسلام کان خارج ڪنداسين
2: جهاد جاري رهندو جيسيتائين الله تعالى مونکي مبعوث ڪيو ايسيتائين جو منهنجي امت جا آخري ماڻهو دجال سان وڙهندا ڪنهن ظالم جو ظلم ۽ ڪنهن عادل جو عدل هن جهاد کي روڪي نه سگهندا .
3: تقدير تي ايمان رکڻ .
” حضرت سلمه بن نفيل رضه بيان فرمائن ٿا ته حضور اڪرم ﷺجي خدمت ۾ حاضر هوس ته هڪ شخص نبي ڪريم ﷺوٽ آيو ۽ چوڻ لڳو ته يا رسول الله ﷺ گهوڙن کي ڇڏي ڏنو ويو ۽ هٿيار لاٿا ويا آهن ۽ ڪجه ماڻهو هي گمان ڪن پيا ته هاڻ جهاد ختم ٿي چڪو آهي ( اهو ٻڌي) حضور اڪرم ﷺارشاد فرمايو اهي ماڻهو ( جيڪي جهاد کي ختم ٿيڻ جو گمان ڪن ٿا ) ڪوڙا آهن جهاد ته هاڻ شروع ٿيو آهي ۽ منهنجي امت مان هڪ جماعت الله جي راه ۾ جهاد ڪندي رهندي ۽ هنن جي مخالفت ڪندڙ هنن جو ڪجه به نه بڳاڙي سگهندا . الله تعالى انهن جي خاطر ڪجه ماڻهن جا دل ٽيڙها ڪندو تانته هن ذريعي (مجاهدن ) کي روزي فراهم ٿئي . ( يعني امت جا مجاهد ڪافرن سان وڙهندا ۽ هنن جو مال مجاهدن کي هٿ لڳندو ) اهي ( مجاهدين) قيامت تائين جهاد ڪندا رهندا ۽ گهوڙن جي پيشاني ۾ هميشه خير رکيو ويو آهي قيامت تائين اهو جهاد بند نه ٿيندو ايسيتائين جو ياجوج ماجوج نڪري نه اچن . ( نسائي)
هن کان سواءِ کوڙ ساريون حديثون اختصار کي مد نظر رکي ڇڏجن ٿيون .
جهاد جا قسم :
جهاد جا ٻه قسم آهن 1: اقدامي جهاد 2: دفاعي جهاد
اقدامي جهاد : مطلب مسلمانن جو ڪافرن خلاف پاڻ اقدامي جهاد ڪرڻ ، جيڪر اهو اقدام انهن ڪافرن مٿان آهي جنهن وٽ دين جي دعوت پهتي آهي ته پوءِ اهڙي ڪافرن تي حملو ڪرڻ کان اڳ دعوت دين ڏيڻ مستحب آهي جيڪر دعوت قبول نه ڪن ته پوءِ جزئي جو مطالبو ڪبو جيڪر اهو به نه مڃن ته پوءِ قتال ٿيندو . هن جهاد ۾ سڀني تي جهاد فرض نه هوندو آهي .
دفاعي جهاد: مطلب پنهنجي ملڪ تي حملي ڪرڻ وارن ڪافرن سان دفائي جنگ وڙهڻ اهو اهم ترين فريضو آهي ، هن جهاد ۾ سڀ نڪرندا ايسيتائين جو پٽ والدين جي اجاز بنا ۽ مقروض قرضخواھ جي اجازت بنا نڪرندو وعيره ، شروع ۾ اهو جهاد علائقي واسين تي فرض هوندو آهي پوءِ جيڪر تعداد گهٽ اٿن ته پوءِ اهو دائرو ڀر وارن کان ٿيندي وڃي مغرب تان مشرق تائين کنڊجي ويندو .
فرض عين ۽ فرض ڪفايه :
سڀني علمائن سڳورن جو اتفاق آهي ته جيسيتائين ڪافر پنهنجن ملڪن ۾ هجن انهن سان جهاد ڪرڻ ۽ انهن جي ملڪن ۾ چڙهائي ڪرڻ فرض ڪفايه هوندو آهي . فرض ڪفايه جو معنى اها آهي ته جيڪر ايترا ماڻهو جهاد لاءِ نڪتا ، جيڪو هن مهم لاءِ ڪافي هجي ته پوءِ ٻين تي اها فرضيت ساقط ٿي ويندي آهي ، ۽ هنن تي جهاد نه ڪرڻ جو گناھ به نٿو ٿئي ، پر جيڪر سڀئي مسلمان جهاد کي ڇڏي ڏيندا ته صحيح قول مطابق جيترا به شرعي معذور نه آهن اهي سڀئي گنهگار ٿي ويندا .
جيڪر ڪافر اسان جي شهر (يا علائقي) ۾ داخل ٿي وڃن ۽ هن تي چڙهائي ڪن يا شهر جي دروازي ٻاهر اچي حملي جي نيت سان گڏ ٿين ۽ هنن جي تعداد ٻيڻي يا هن کان گهٽ هجي ته پوءِ جهاد هن وقت فرض عين ٿي ويندو آهي .
افتخار علي چوهاڻ
No comments:
Post a Comment