16 May 2013

غزوات النبي ﷺ قسط 3 آخري

(سن 7 هجري جا غزوات)
22: غزوه خيبر :

هن سال محرم ۾ غزوه خيبر پيش آيو . خيبر مديني کان 8 ڏينهن جي مسافت تي ، ملڪ شام طرف هڪ شهر آهي جنهن ۾ گهڻا قلعه (ڪوٽ) هئا ۽ يهودي آبادي هئي . آنحضرت سان 1400 پياده ۽ 200 سوار لشڪر هو . ام المومنين ام سلمه رضه نبي ڪريم سان شريڪ هئي . سباع بن عرفطه مديني ۾ قائم مقام مقرر ڪيا ويا ۽ صفر مهيني ۾ جنگ خيبر فتح ٿي.


23: غزوه وادي قرى :

هن سال صفر مهيني جي پڇاڙي ۾ غزوه وادي قرى پيش آيو . خيبر ۽ مديني وچ شام کان ايندڙ حاجين جي رستي ۾ هڪ جاءِ آهي ، هت به يهودي آباد هئا . آنحضرت جڏهن خيبر کان واپس آيا ته هت پنهنچندي هنن سان ٽڪراءُ ٿي ويو . 4 ڏينهن محاصري بعد پاڻ ڪريم کي فتح نصيب ٿي ، گهڻو سامان ۽ مال متاع بطور غنيمت حاصل ٿيو .

24: غزوه ذات الرقاع :

هن سال ربيع الاول غزوه ذات الرقاع پيش آيو ، امام بخاري جامع الصحيح ( صحيح بخاري) ۾ فرمائن ٿا ته ذات الرقاع خيبر کان پوءِ واقع ٿيو ، ڇو ته ابو موسى اشعري رضه ذات الرقاع ۾ شريڪ ٿيا هئا ، جڏهن ته هن جو اسلام آڻڻ ۽ حاضر ٿيڻ خيبر ۾ ٿيو هو .
اهو واقعو نجد جي علائقي ۾ ٿيو هو ۽ بنو محارب ۽ بنو ثعلبه جي مقابلي ۾ هو تنهن ڪري هن کي غزوه بنو محارب ۽ غزوه بنو ثعلبه به چيو وڃي ٿو ۽ هن غزوه کي غزوه صلواة الخوف پڻ چيو وڃي ٿو . چو ته هن غزوه ۾ اها نماز شروع ٿي هئي . هن غزوه جا ٻيا به نالا آهن جهڙوڪ غزوه الاعاجيب ڇو ته هن ۾ عجيب و غريب واقعه پيش آيا هئا . آنحضرت 10 ربيع الاول ڇنڇر جي رات ذات الرقاع لاءِ روانا ٿيا ، 400 يا 700 صحابه ساڻ هئا ، ۽ مديني ۾ اڪثر جو چوڻ آهي ته حضرت عثمان ذي النورين رضه کي جانشين بڻايائون . بنو محارب ۽ بنو ثعلبه مقابلي لاءِ نه آيا بلڪه جبلن ڏانهن وٺي ڀڳا ، البت مسلمانن کي دشمن کان ضرر جو انديشو هو تنهن ڪري صحابن سڳورن حضور اڪرم سان نماز خوف ادا ڪئي ۽ اها عصر نماز هئي .

(8 هجري)
25: فتح مڪه

هن سال رمضان مبارڪ ۾ غزوه فتح مڪه واقع ٿيو . حديبيه ۾ آنحضرت ﷺ قريش وارن سان معاهدو امن ڪيو ، پر قريش وارا عهد تي قائم نه رهيا ۽ صلح حديبيه جي 22 مهينن کان پوءِ ۽ بعضن جو قول ته هن کان اڳ قريش وارن ، رسول الله ﷺ جا حليف بنو خزامه تي فوج ڪشي ڪري عهد ٽوڙي ڇڏيو ، تنهن ڪري آنحضرتﷺ 10 هزار صحابن ساڻ مڪي تي چڙهائي ڪئي ۽ ابن ام مڪتوم رضه ۽ بقول بعضن جي ته ابو رهم ڪلثوم بن حصين کي مديني ۾ قائم مقام بڻايو ، بعضن ٻنهن قولن جي تطبيق هن طرح ڪئي آهي ته حڪومت ابو رهم ۽ نمازون ابن ام مڪتوم جي سپرد هئيون .
اهو غزوه ، غزوه فتح مڪه آهي اها اهڙي عظيم الشان فتح هئي جنهن جي ذريعي الله تعالى سدائين لاءِ دين جو سربلند ۽ پنهنجي رسول ﷺ کي سرفراز فرمايو . هن کان پوءِ سرزمين حجاز کان ڪفر جو خاتمو ٿيو . اهو غزوه اتفاق سان رمضان 8 هجري ۾ ٿيو . آنحضرت ﷺجي روانگي 10 رمضان اربع ڏينهن عصر نماز بعد ٿي ۽ بقول بعض 2 رمضان تي ، هن غزوه جي تاريخ ۾ٽي اقوال آهن 17، 19، 20 رمضان هن ۾ اختلاف آهي ته فتح مڪه ڪهڙي ڏينهن ٿيو، زرقاني شرح مواهب اللدنيه ۾ لکن ٿا ، معروف اهو قول آهي ته جمع جو ڏينهن هو.

26: غزوه حنين

هن سال 6 شوال تي رسول الله ﷺ مڪي کان غزوه حنين لاءِ تشريف فرما ٿيا . هن ئي غزوه کي غزوه هوازن به چيو وڃي ٿو ، پاڻ ڪريم 10 شوال ، اڱاري جي شام حنين پهتا . پاڻ ڪريم ﷺ ساڻ 12 هزار جو لشڪر هو جن مان 10 هزار مديني کان ۽ 2 هزار مڪي جا نومسلم جنهن کي طلقاء چيو وڃي ٿو هئا . ڇو جو فتح مڪه جي ڏينهن نبي ڪريم ﷺ فرمايو “ اذهبو فانتم الطلقاء“ وڃو توهان آزاد آهيو . آنحضرت ﷺ مڪي جو عامل (گورنر) حضرت عتاب بن اسيد رضه کي مقرر ڪيو .
حنين ، مڪي کان يارنهن ميل مشرقي پاسي تي آهي ، مڪي ۽ طائف وچ هڪ وادي هئي . الله تعالى هن جنگ ۾ مسلمانن کي فتح نصيب ڪئي ۽ وڏي مقدار ۾ مال غنيمت هٿ آيو .

27: غزوه طائف

هن ئي سال جي پڇاڙي ۾ جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ حنين کان فارغ ٿيا ۽ مال غنيمت تقسيم ڪرڻ کان سواءِ غزوه طائف ڏانهن روانا ٿي ويا
طائف: مڪي جي مشرقي پاسي ، ٻن ٽن مرحلن تي هڪ مشهور شهر آهي ،هت انگور ۽ کڄي ۽ ٻيا فروٽ ۽ ميوه گهڻا ٿين ٿا . هت ثقيف آباد هئا. آنحضرت ﷺ10 کان وڌيڪ ۽ بعضن بقول 40 ڏينهن تائين محاصرو ڪيو ۽ منجيق نصب ڪيا ، هن غزوه کان اڳ ڪنهن ۾ به منجيق استعمال نه ٿيو هو ، اها پهرين جنگ هئي جنهن ۾ منجيق استعمال ٿيو . هن جنگ ۾ 12 مسلمان شهيد ٿيا ، هڪ قول مطابق اهو قلعو فتح ڪون ٿيو ۽ بعد ۾ واپس جعرانه موٽ کاڌائون ۽ بعد ۾ ثقيف وارا مسلمان ٿي نبي ڪريم ﷺجي دربار ۾ حاضر خدمت ٿيا.
(سن 9 هجري )
28: غزوه تبوڪ

هن سال رجب ۾ غزوه تبوڪ ٿيو. جنهن کي غزوه العسرة ، ساعة العسرة ۽ انفاضه به چيو وڃي ٿو ، ڇو جو غزوه جي سلسلي ۾ جيڪي آيتون نازل ٿيو تنهن ۾ منافقين جا پول پڌرا ٿيا ، اهو سڀ کان آخري غزوه هو جنهن ۾ نبي ڪريم ﷺ شرڪت ڪئي
تبوڪ: مديني کان شام ويندي هڪ جاءِ آهي ، مديني کان هن جو مفاصلو 14 مرحلن تي آهي ۽ دمشق کان 11 مرحلن تي ، غزوه تبوڪ لاءِ آنحضرت ﷺ جي روانگي خميس ڏينهن ٿي .
اهو واقعو رجب 9 هجري ۾ بالاتفاق حجة الوداع کان اڳ ٿيو ، بخاري شريف ۾ هن جو ذڪر حجة الوداع بعد ذڪر ڪيو ويو آهي . غزوه تبوڪ نهايت تنگي واري دور ۾ ٿيو . گرمي نهايت سخت هئي ، سڀني علائقن ۾ خشڪ سالي ۽ قحط هو ، ڪڄي پچي تيار ٿي چڪي هئي ، ماڻهو کڄين جي ڇاءُ ۾ ۽ ميون ۾ رهن چاهن پيا ، هوڏانهن سفر لاءِ سوارين ۽ خوراڪ جي قلت هئي ، 14 مرحلن جو سفر ۽ ايترو واپسي جو سفر ۽ اها جاءِ 40 ميل صحرا شام ۾ واقع هئا ، جنهن ۾ نه وڻ نه وڻ جي ڇاءُ ۽ نه پاڻي .
اهڙن حالتن ۾ مسلمانن لاءِ سفر گهڻو تڪليف ده هو . طبيعتون آماده نه هيون ، پر الله تعالى انهن جي دلين کي مضبوط ڪيو ، تنهن ڪري سڀ هليا سواءِ منافقين جي ۽ ٽن صحابن جي (هنن کي بعد ۾ معافي ملي) ، البت ست يا هن کان وڌيڪ اهڙا ضرور هئا ڪنهن وٽ سفر لاءِ ڪجه به هو ۽ وسيلن کان محروم هئا .
ارشاد باري آهي ته وَلَا عَلَى ٱلَّذِينَ إِذَا مَآ أَتَوْكَ لِتَحْمِلَهُمْ قُلْتَ لَآ أَجِدُ مَآ أَحْمِلُكُمْ عَلَيْهِ تَوَلَّوا۟ وَّأَعْيُنُهُمْ تَفِيضُ مِنَ ٱلدَّمْعِ حَزَنًا أَلَّا يَجِدُوا۟ مَا يُنفِقُونَتوبه 92
ترجمو: ۽ نڪي اُنھن تي (ڪو گناھ آھي) جي جڏھن تو وٽ اچن ته کين (وھٽ تي) چاڙھين ( ۽ تون) چوين ته (ڪو وھٽ) نه ٿو لھان جنھن تي اوھان کي چاڙھيان، تڏھن اُھي موٽن ۽ ھن ڏُک کان سندن اکيون ڳوڙھا ھاريندڙ ھجن ته جيڪي (الله جي واٽ ۾) خرچين سو نه ٿا لھن،

آنحضرت ﷺ سان شريڪ صحابن جي تعداد 30 هزار ۽ هڪ قول مطابق 70 هزار هئي ،هن غزوه کان واپسي شعبان ۾ يا رمضان ۾ ٿي .

حوالاجات: سيرت النبي ﷺ ( ابن هشام رح)
بذل القوة ( مولانا مخدوم هاشم ٺٺوي رح)

افتخار علي چوهاڻ

No comments: