16 May 2013

غزوات النبي ﷺ قسط 1

(غزوات النبي )
جنهن جنگ ۾ رسول الله پاڻ شريڪ ٿيا هئا تنهن کي محدثين جي اصطلاح ۾ مغازي يا غزوات چيو وڃي ٿو ، ۽ جنهن ۾ پاڻ ڪريم شرڪت نه ڪئي بلڪه صحابن سڳورن کي امير لشڪر بڻائي موڪليو تنهن کي سرايا يا بعوث چئبو آهي .
اسلام جي منڍ ۾ قتال (جنگ) جو حڪم نازل ڪون ٿيو هو . هيءُ حڪم صفر مهيني سن 2 هجري ۾ هن آيت سڳوري ذريعي نازل ٿيو .

آيت :


أُذِنَ لِلَّذِينَ يُقَتَلُونَ بِأَنَّهُمْ ظُلِمُوا۟ ۚ وَإِنَّ ٱللَّهَ عَلَىٰ نَصْرِهِمْ لَقَدِيرٌ .

ترجمو: جن سان (ڪافر) وڙھندا آھن تن کي (جھاد لاءِ) انھيءَ ڪري موڪل ڏني وئي جو انھن تي ظلم ڪيو ويو آھي، ۽ بيشڪ الله کين مدد ڏيڻ تي وس وارو آھي. (امروٽي رح)




آنحضرت جي غزون جي تعداد ڪن 27 ته ڪن 28 چيا آهن. جنهن جو قول آهي ته 27 آهن انهن غزوه احزاب ۽ بنو قريظه کي هڪ يا غزوه خيبر ۽ وادي القرى کي هڪ ڪوٺيو آهي ، ۽ جيڪي انهن ٻنهي مان ڪي هڪ کي هڪ شمار ڪيو تن وٽ ڪل 27 غزه ٿين ٿا .
اسين هيٺ 28 غزون جي لسٽ پيش ڪريون ٿا :

1: غزوه ابواء جنهن کي غزوه ودان به چوندا آهن .
2: غزوه بواط
3: غزوه سفوان هن کي غزوه بدر اولى به چيو وڃي ٿو .
4: غزوه العشيرة
5: غزوه بدر الڪبرى
6: غزوه بني سليم
7: غزوه السويق
8: غزوه غطفان يا غزوه ذي امر
9: غزوه فرع ، حجاز جي علائقي بحران ۾
10: غزوه بني قينقاع
11: غزوه احد
12: غزوه حمراء الاسد
13: غزوه بني نضير
14: غزوه بدر صغرى
15: غزوه دومة الجندل
16: غزوه بني المصطلق يا غزوه مريسيع
17: غزوه خندق
18: غزوه بني قريظه
19: غزوه بني لحيان
20: غزوه حديبيه
21: غزوه ذي قرد
22: غزوه خيبر
23: غزوه وادي القرى
24: غزوه ذات الرقاع
25: غزوه فتح مڪه
26: غزوه حنين
27: غزوه طائف
28: غزوه تبوڪ
(2 هجري جا غزوات)
1:غزوه ابواء يا غزوه ودِِان

ٻارنهن صفر ۾ هي غزوه واقع ٿيو ۽ اهو پهريون جهاد ۽ غزوه هو جنهن ۾ نبي ڪريم 60 يا 70 مهاجرين سان گڏ شرڪت ڪئي هن ۾ هڪ به انصاري صحابي ڪون هو . پاڻ ڪريم مديني ۾ سعد بن عباده رضه کي مدينه جو حاڪم بڻايو ، هن سفر ۾ پاڻ ڪريم قريش جي هڪ تجارتي قافلي جو تعاقب ڪيو جيڪو شام کان واپس مڪه اچي رهيو هو ، پر قافلو نڪري چڪو هو ۽ جنگ جي نوبت پيش نه ٿي سگهي ، البت هن سفر ۾ پاڻ ڪريم بني ضمره وچ ۾ مصالحت ٿي ، ۽ پاڻ ڪريم انهن کي صلح نامو لکي ڏنو .

ابواء :فرع“ ويجهي هڪ جاءِ جو نالو آه ۽ هن جي ۽ جحفه مقام ۾ مديني جي پاسي کان 23 ميل جو مفاصلو آهي .
ودان : اهو به ”فرع“ ويجهي هڪ جاءِ جو نالو آهي ، هن غزوه کي ڪڏهن ابواء ته ڪڏهن ودان سان منسوب ڪيو وڃي ٿو.

2: غزوه بواط :

هن ئي سال ربيع الاول يا ربيع الثاني ۾ غزوه بواط واقع ٿيو . بواط جهنيه جي جبلن مان هڪ جبل جو نالو آهي ، جيڪو مديني کان 12 ميل جي مفاصلي تي ۽ ينبع جي ويجهي واقع آهي . آنحضرت هن سفر ۾ قريش جي هڪ تجارتي قافلي جو تعاقب لاءِ 200 مهاجرين سان گڏ نڪتا ، عثمان بن مظعون رضه جي ڀاءُ سائب بن مظعون کي مديني جو قائم مقام ڪيو ۽ هن غزوه ۾ به لڙائي جي نوبت پيش نه ٿي .

3: غزوه سفوان يا غزوه بدر الاولى :

هن ئي سال ربيع الاول ۾ ئي غزوه سفوان پيش آيو ، جنهن کي بدر الاولى به چيو وڃي ٿو ڪرز بن جابر الفهري مديني جي مويشين تي غارت گري ڪئي ، آنحضرت زيد بن حارثه کي مديني جو حاڪم بڻائي ڪرز جي تعاقب ۾ نڪتو ، پر هو وڃي چڪو هو تنهن ڪري جنگ جي نوبت پيش نه ٿي سگهي .
هي ڪرز بن جابر مشرڪين جي رئيسن مان هو ، پر فتح مڪه تي ايمان آندائين ۽ نبي ڪريم جي صحبت ۾ رهي غزوه العشيرة ۾ شهيد ٿيا ، ڪن محققن هن غزوه کي غزوه العشيرة کان پوءِ ڄاڻايو آهي.

4: غزوه عشيرة:

هن ئي سال جماد الاولى ۾ ۽ بعض محققن وٽ جماد الثاني ۾ غزوه عشيرة پيش آيو ، هي ينبع جي وچ مدلج جاءِ جو نالو آهي ، جتي مصر جي حاجين جي منزل آهي .
آنحضرت ابو سلمه بن عبدالاسد مخزومي کي مديني ۾ پنهنجو جانشين مقرر ڪيو ، ۽ پاڻ 150 ۽ بعضن وٽ 200 مهاجرين ساڻ قريش جي هڪ تجارتي قافلي جي تعاقب ۾ نڪتا ، اهو قافلو شام کان مڪي وڃي رهيو هو ، هي قافلو پڻ نڪري چڪو هو ، پاڻ ڪريم جماد الاول جو باقي مهينو ۽ جماد الثاني جا چند ڏينهن هتي قيام ڪيو . بنو مدلج ۽ هنن جا حليف ، جيڪي بنو ضمره جا ماڻهو هئا معاهدو ڪرايو ۽ پوءِ مديني ڏانهن واپس وريا .

5: غزوه بدر الڪبر ى :
هن ئي سال رمضان المبارڪ ۾ غزوه بدر الڪبرى واقع ٿيو ، جنهن کي بدر عظمى ، بدر ثانيه ، بدر قتال ۽ يوم الفرقان به چيپ وڃي ٿو . هي اسلامي تاريخ جو عظيم الشان واقعو هو جنهن جي ذريعي الله تعالى اسلام جي عزت ۽ رفعت عطا فرمائي ۽ ڪفر ۽ ڪافرن جو سڄو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو .
بدر جي جاءِ حرمين شريفين جي رستي ۾ مديني شريف کان ٽن ڏينهن جي مسافت ۾ واقع آهي . جنگ بدر 17 يا 19 رمضان سن 2 هجري ۾ ٿيو . 17 جو قول گهڻو صحيح آهي ۽ اهو ئي گهڻن عالمن جو قول آهي ، ابن عساڪر هن قول کي محفوظ قرار ڏنو آهي . مديني کان پاڻ ڪريم 11 رمضان بروز ڇنڇر روارا ٿيا ، پاڻ ڪريم سان گڏ ٽي سو پنجاھ مهاجرين ۽ انصار هئا . مشهور قول 313 آهي پر حسي طور تي بدر ۾ 8 جڻا شريڪ ٿي نه سگهيا هئا ، جيئن ته آنحضرت جي حڪم سان بعض ضرورتن جي آڌار مديني ۾ ترسي پيا هئا ، تنهن ڪري نبي ڪريم انهن کي به بدر جي شريڪن ۾ شامل ڪيو ۽ مال غنيمت ۾ به سندن حصو رکيو ۽ فرمايائون ته هنن کي به بدر جي شريڪ مثل ۽ مصداق آهن. انهن 313 مان 84 مهاجرين ۽ 229 انصار هئا .انصار پهريون ڀيرو ڪنهن غزوه ۾ شريڪ ٿيا هئا هن کان اڳ اهي ڪنهن غزوه ۾ شريڪ نه ٿيا هئا .
آنحضرت هن غزوه لاءِ سفر ڪرڻ ڪري ابو لبابه بن منذر الانصاري کي جنهن جو نالو بشر يا رفاعه هو مديني ۾ جانشين مقرر ڪيو . آنحضرت ان کي روحا کان واپس ڪيو هو .

روحا : مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ مديني شريف کان 26 ميلن تي هڪ مشهور ڪوھ آهي .

جنگ بدر ۾ ڪافرن جي تعداد 1000 هئي ، جن وٽ گهوڙا ، تلورون ۽ اسلحو هو ۽ وڏا وڏا پهلوان ۽ ويڙهاڪ جرنيل هئا هيڏانهن مسلمانن وٽ اسلحو ۽ رسد جو سامان ۽ سوارين جي اڻاٺ جو اهو عالم هو جو سڄي لشڪر ۾ ٻه گهوڙا ۽ 8 تلوارون هيون ، پر الله تعالى آنحضرت ۽ اهل اسلام جي خاص نصرت عطا فرمائي ، ستر قريش مان قتل ٿيا ، ستر قيد ڪيا ويا ۽ بي شمار مال غنيمت هٿ آيو ، حديثن ۽ ڪتابن ۾ تنهن جي تفصيل موجود آهي ، انهي جنگ ۾ هن امت جو فرعون ابو جهل بن هشام جهنم رسيد ٿيو .

6. غزوه بني سليم :
هن ئي سال 2 هجري ۾ جڏهن آنحضرت غزوه بدر کان واپس وريا ته ستن ڏينهن کان پوءِ شوال جي ابتدائي تاريخن ۽ بقول بعض نصف محرم 3 هجري ۾ پاڻ غزوه سليم لاٰ مقام ڪدر تشريف وٺي ويا ،جنهن کي غزوه قرقرة الڪدر به چيو وڃي ٿو .
آنحضرت هن جهاد لاءِ 200 صحابن سڳورن سان پنهنجي معيت ۾ نڪتا ۽ سباع بن عرفطه کي مديني جو حاڪم مقرر ڪيو ، ڪن چيو آهي ته ابن ام مڪتوم کي خليفو بڻايائون ، انهن جو نالو گهڻڻ محققن مٽ عمرو آهي ، اهو قول درست آهي ، جيتوڻيڪه هڪ قول مطابق عبدالله پڻ آهي . انهي ٻنهي قولن جي تطبيق ائين ڏجي ٿي ته فيصلن لاٰ سباع ۽ امامت لاءِ ابن ام مڪتوم کي خليفو مقرر ڪري ويا.
جڏهن آنحضرت بنو سليم جي آبادي ويجهي پهتا ته ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ،ڪوبه مقابلي لاءِ اڳيان نه آيو . پاڻ سڳورن 500 اٺن کي مال غنيمت بڻايو ۽ مديني ڏانهن واپسي ڪيائون . رستي ۾ مديني شريف کان 3 ميل حرارواري هنڌ مال غنيمت تقسيم ڪيو .

7. غزوه السويق:

هن ئي سال ذي الحجة ۾ ۽ بعضن وٽ محرم 3 هجري ، غزوه السويق لاءِ پاڻ ڪريم ويا . هن غزوه کي سويق هن ڪري چيو وڃي ٿو جو مشرڪن جو بيشتر کاڌو ستون (سويق ) هو .جيڪو مسلمانن کي مال غنيمت طور هٿ آيو. اها جنگ قرقرة الڪدر ويجهي ابو سفيان ۽ مشرڪين قريش سان ٿيو هو ، غزوه بدر کان پوءِ ابو سفيان قسم کاڌي هئي ته هو جيسيتائين جنگ بدر جو انتقام نه وٺندو ”گيھ “ (سڻڀ )جو استعمال نه ڪندو ، نه غسل ڪندو چنانچه ابو سفيان پاڻ سان گڏ 200 سوار وٺي عريض تائين پهتو. اها جاءِ مديني ٽي ميل پري آهي . آنحضرت کي خبر ملي تي پاڻ سڳورا 15 ذوالحجة آچر ڏينهن 200 سوارن سان مقابلي لاءِ نڪتا ۽ مديني جو حاڪم سباع بن عرفطه يا ابن ام مڪتوم کي يا وري ابو لبابه کي مقرر ڪيائون. ابو سفيان ۽ سندن ساٿين کي خبر پئي ته الله تعالى انهن جي دلين ۾ رعب وجهي ڇڏيو ، ۽ اهي وٺي ڀڳا ۽ پنهنجو بار هڪلو ڪرڻ لاءِ ستون جو ٻوريون اڇليندا ويا ، مسلمان هنن ستون سان گڏ ٻيا سازوسامان کي مال غنيمت بڻايو ، ۽ آنحضرت بنا مقابلي واپس مديني وريا.


No comments: