قرآن مجيد جون آيتون حضرت عمر رضي الله عنه جي خواهش مطابق
حضرت
عمر رضي الله عنه کي مسلمانن جي فلاح ، بهبودي ۽ ڀلائي سان ايترو گهرو
تعلق۽ لڳاءُ جو ڪڏهن کين ڪابه ڳالھ معاشري ۾ غلط نظر ايندي هئي ته ان کي
ختم ڪرائڻ لاءِ بي چين ۽ بي تاب ٿي ويندا هئا . حضرت عمر رضي الله عنه جي
دل آئيني وانگر صاف ۽شفاف هئي .
الله پاڪ سان کين ايتري قدر ته محبت هئي ۽ سندس تعلق مع الله ايترو ته
مضبوط هو جو الله پاڪ حضرت عمر رضي الله عنه جي ان خواهش جي تڪميل ۽
مسلمانن جي بهبود ۽ ڀلائيءَ لاءِ ان مسئلي متعلق قرآن ڪريم جون آيتون نازل
فرمائيندو هو . ٻين لفظن ۾ حضرت عمر رضي الله عنه جيڪا خواهش فرش تي ظاهر
ڪئي ته الله پاڪ عرش تان وري قرآن مجيد جون آيتون پنهنجي پيغمبر ﷺ
ڏانهن نازل فرمائي سندس خواهش کي پورو ڪيو . ان مان حضرت عمر رضي الله عنه
جي شان ۽ بزرگي جي بلندي ۽ الله پاڪ سان ڳوڙهي تعلق جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ ملي
ٿي .امام بخاري ۽ امام مسلم رحمة الله عليهما چون ٿا ته حضرت عمر رضي الله عنه جو ارشاد آهي ته ڪيترن موقعن تي الله تعالى منهنجي راءِ سان موافقت فرمائي ۽ ان مسئلي بابت قرآن ڪريم جون آيتون نازل ڪيون ( ۽ انهن تي قيامت تائين عمل ٿيندو رهندو) .
مان حضور اڪرم ﷺجن کي عرض ڪيو ، ” يا رسول الله! مقام ابراهيم جيڪڏهن نماز جي جاءِ هجي ها ته ڏاڍو چڱو هو . ان تي هيءَ آيت نازل ٿي ،
وَٱتَّخِذُوا۟ مِن مَّقَامِ إِبْرَهِۦمَ مُصَلًّۭى ۖ
ترجمو۽ (ھن امت کي حُڪم ڪيوسون) ته مقام ابراھيم کي (به) نماز پڙھڻ جي جاءِ ڪري وٺو،( سورت البقره آيت 125)
مان امهات المومنين جي پردي لاءِ حضور اڪرم ﷺ جن کي عرض ڪيو ته ان تي پردي جي آيت نازل ٿي .
جڏهن ازواج مطهرات پاڻ ۾ ٻڌي ڪري سائين ﷺ جن متعلق اجماع ڪيو ته مان چيو :
عَسَىٰ رَبُّهُۥٓ إِن طَلَّقَكُنَّ أَن يُبْدِلَهُۥٓ أَزْوَجًا خَيْرًۭا مِّنكُنَّ
ترجمو: جيڪڏهن پيغمبر اوهان کي طلاق ڏيندو ته اميد آهي ته سندس پالڻهار کيس اوهان کان چڱيون زالون ...... ان جي عيوض ۾ ڏيندو. ( سورت تحريم آيت 5)
الله پال به قرآن ۾ ساڳيا الفاظ نازل فرمايا.
مشهور محدث حضرت حاڪم رحمت الله فرمائي ٿو ته حضرت عمر رضي الله عنه ، شراب جي حرام ٿيڻ لاءِ الله پاڪ جي بارگاه ۾ دعا گهري . ان تي الله تعالى قطعي طور شراب کي حرام فرمايو ۽ قرآن مجيد ۾ ان جي شروعات هن طرح آهي:
يَسْـَٔلُونَكَ عَنِ ٱلْخَمْرِ وَٱلْمَيْسِرِ ۖ( سورت البقره)
منافقن جي سرخيل عبدالله بن ابي جي مرڻ وقت ، ان جي وارثن حضور اڪرمﷺ جن کي سندس جنازي نماز پڙهڻ لاءِ عرض ڪيو . سائين ﷺ جن شفقت فرمائيندي سندس جنازه نماز پڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويا . اهو شخص اسلام جو سخت دشمن هيو ۽ هن مسلمانن کي گهڻيون تڪليفون ۽ ايذاءَ ڏنا هئا . پيغمر پاڪﷺجن سندس جنازي نماز پڙهائڻ لاءِ روانا ٿيا ته حضت عمر رضي الله عنه کين عرض ڪيو ، ” اي الله جا رسول ! عبدالله جيئن ته الله تعالى جو ۽ دين اسلام جو دشمن هو، تنهن ڪري اوهان سندس جنازي نماز نه پڙهايو“. سائين ﷺ جن جڏهن جنازي نماز پڙهائي جڏهن موٽيا ته قرآن پاڪ جي آيت نازل ٿي: آيت نازل ٿي:
وَلَا تُصَلِّ عَلَىٰٓ أَحَدٍۢ مِّنْهُم مَّاتَ أَبَدًۭا وَلَا تَقُمْ عَلَىٰ قَبْرِهِۦٓ ۖ إِنَّهُمْ كَفَرُوا۟ بِٱللَّهِ وَرَسُولِهِۦ وَمَاتُوا۟ وَهُمْ فَسِقُونَ
ترجمو: ۽ (منافقن) منهجان جيڪو مري تنهن جي بلڪل نماز نه پڙه ۽نڪي سندس قبر تي بيه، بيشڪ انهن الله ۽ سندس پيغمبر کي نه مڃيو ۽ اهي بي دين ٿي مئا . ( سورت توبه آيت 84)
حضور انور ﷺ جن هڪ قوم لاءِ بخشش جي دعا زياده ڪرڻ لڳا ته حضرت عمر رضي الله عنه ، سائين جن کي دعا نه گهرڻ لاءِ عرض ڪندي چيو : سواءُ عليهم ..... ان تي قرآن پاڪ جون آيتون نازل ٿيون :
سَوَآءٌ عَلَيْهِمْ أَسْتَغْفَرْتَ لَهُمْ أَمْ لَمْ تَسْتَغْفِرْ لَهُمْ لَن يَغْفِرَ ٱللَّهُ لَهُمْ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلْفَسِقِينَ
ترجمو: تون انهن لاءِ بخشش گهرين يا انهن لاءِ نه گهرين ، انهن لاءِ هڪ جهڙي ڳالھ آهي ( سورت المنافقون آيت 6)
پيغمبر ﷺ جن وڏن اصحابن کي بدر جي لڙائي تي هلڻ لاءِ چيو ته حضرت عمر رضي الله عنه يڪدم هلڻ لاءِ تيار ٿيو . ان تي هيءَ آيت نازل ٿي:
كَمَآ أَخْرَجَكَ رَبُّكَ مِنۢ بَيْتِكَ بِٱلْحَقِّ وَإِنَّ فَرِيقًۭا مِّنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ لَكَرِهُونَ( سورت انفال آيت 5)
جڏهن مديني جي ڪن منافقن امان عائشه صديقه رضي الله عنها تي تهمت هنئي ( يعني افڪ جو معاملو پيش آيو) ۽ سائين جن ان مسئيلي بابت جڏهن اصحاب ڪرام سان مشورو ڪيو ته سيدنا حضرت عمر رضي الله عنه عرض ڪيو ، هذا بهتان عظيم ، اهي ساڳيا ئي لفظ قرآن مجيد ۾ نازل ٿيا .
سُبْحَنَكَ هَذَا بُهْتَنٌ عَظِيمٌۭ
شروعات ۾ رمضان المبارڪ جي رات ۾ پنهنجن زالن سان همبستري ڪرڻ ناجائز هئي . حضرت عمر رضي الله عنه ان بابت عرض ڪيو ته هي آيت نازل ٿي :
أُحِلَّ لَكُمْ لَيْلَةَ ٱلصِّيَامِ ٱلرَّفَثُ إِلَىٰ نِسَآئِكُمْ ۚ
ترجمو: روزي جي رات ۾ اوهان لاءِ پنهنجن زالن سان صحبت ڪرڻ حلال ڪئي وئي . ( سورت البقره آيت 187)
هڪ يهودي حضرت عمر رضي الله عنه کي رستي ۾ مليو ۽ هن چيو “ اي ابن خطاب !تنهنجو دوست محمد جبرئيل جو ذڪر ڪري ٿو ، حالانڪه اهو ته اسانجو دشمن آهي ”، حضرت عمر رضي الله عنه يهودي کي جيڪو جواب ڏنو ساڳين لفظن ۾ هيءُ آيت نازل ٿي :
قُلْ مَن كَانَ عَدُوًّۭا لِّجِبْرِيلَ فَإِنَّهُۥ نَزَّلَهُۥ عَلَىٰ قَلْبِكَ ...
ترجمو: اي پيغمبر! کين چو ته جيڪو جبرئيل جو دشمن آهي ، سو الله جو به دشمن آهي .( سورت بقره آيت 97)
ابن مردويه ، ابو السود کان روايت ٿو ڪري ته ٻن ماڻهن جو ڪنهن ڳالھ تان پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيو، اهي ان جهڳڙي کي نبيرڻ لاءِ حضور اڪرم ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيا . پاڻ ڪريم ﷺ جن انهن جون ڳالھيون ٻڌي فيصلو ڏنو . ٻئي ماڻهو سائين جن جو فيصلو قبول نه ڪندي پنهنجي ساٿي کي چيو ته اهو فيصلو حضرت عمر رضي الله عنه کان ڪرايون . جڏهن ٻئي ڄڻا حضرت عمر رضي الله عنه وٽ آيا ۽ پنهنجو سمورو احوال بيان ڪري ٻڌايائون ته پاڻ قصو ٻڌي چيو “ ترسو” مان گهران ٿي اچان . حضرت عمر رضي الله عنه اهو چئي پنهنجي گهر ڏانهن ويا ۽ اتان تلوار کڻي ٻاهر آيا . جنهن ماڻهوءَ پيغمبر پاڪ ﷺ جو فيصلو قبول نه ڪيو هو ، تلوار جي هڪ ڌڪ سان ان جي منڍي اڏائي ڇڏيائين . ان تي ٻيو شخص ڀڄي حضور انور ﷺ جن جي خدمت ۾ پهتو ۽ حضر عمر رضي الله عنه بابت شڪايت ڪيائين ته هن منهنجي ساٿيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي . پيغمبر جن ارشاد فرمايو ، عمر ڪنهن مومن کي قتل نه ڪندو ۽ نه ان کي اهڙي همت ٿيندي . ان تي قرآن ڪريم جي آيت نازل ٿي ؛
فَلَا وَرَبِّكَ لَا يُؤْمِنُونَ حَتَّىٰ يُحَكِّمُوكَ فِيمَا شَجَرَ بَيْنَهُمْ ثُمَّ لَا يَجِدُوا۟ فِىٓ أَنفُسِهِمْ حَرَجًۭا مِّمَّا قَضَيْتَ وَيُسَلِّمُوا۟ تَسْلِيمًۭا
ترجمو: پوءِ تنهنجي پالڻهار جو قسم! ته اهي ماڻهو مسلمان نه آهن جيسيتائين انهيءَ معاملي ۾ جو سندن وچ ۾ نبيرو ڪرين ، توکان فيصلو ڪرائين ، پوءِ تون جيڪو نبيرو ڪرين تنهن کان پنهنجن دلين ۾ ڳڙٻڙ نه ڏسن ۽ پوري طرح مڃين (سورت النساءِ آيت 65)
ان تي حضور ﷺ جن جون معاف ڪري حضرت عمر رضي الله عنه کي قتل جي الزام کان بري ڪري ڇڏيو.
هڪ ڏينهن حضرت عمر رضي الله عنه ننڍ ۾ ستل هئا ته سندن غلام موڪل وٺڻ کان سواءِ اندر گهڙي آيو . پاڻ الله تعالى جي درٻار ۾ دعا گهريائون ته ڪوبه ماڻهو ڪنهن جي گهر ۾ موڪل کان سواءِ اندر داخل نه ٿئي . ان تي موڪل وٺڻ جي باري ۾ قرآن مجيد جون آيتون نازل ٿيون .
نوٽ: مٿي بيان ڪيل مسئلي بابت مصر جي ناميارو عالم دين ، جڳ مشهور مححق ۽ برک اديب شيخ محمد رضا مصري سابق وائيس چانسلر فواد يونيورسٽي قاهره هن طرح رقم طراز آهي “ جن مواقع پر قرآن مجيد حضرت عمر فاروق رضي الله عنه ڪے راءِ ڪي مطابق نازل ہوا . ايسي مواقع تقريبا تيس سي بهي زائد هيں ، جن ڪو ميں نے اپني ايڪ عليحده ڪتاب ميں جمع ڪيا هي ، (محمد رسول الله، ترجمو اردو ص 338 ناشر تاج ڪمپني لمٹيڈ ڪراچي) يعني جن موقعن تي قرآن مجيد ، حضرت عمر فاروق جي راءِ مطابق نازل ٿيو ، اهڙا ٽيهن کان به وڌيڪ آهن ، جن کي مان پنهنجي هڪ الڳ ڪتاب ۾ آندو آهي .
الفاروق جي ٿورن سان
No comments:
Post a Comment