سنڌي ميڊيا جو ڪردار
معاشري ۾ سيڪولرزم کي وڌائڻ جون ڪوششون
(تنظيم فڪرونظر پاران 10 رمضان المبارڪ تي يوم باب الاسلام جي وڏي گڏجاڻي ۾ پڙهيل مقالو)
سنڌ
هڪ مذهبي خطو رهيو آهي . اڳ هندومت ۽ هينئر اسلام سان ان جو گهرو تعلق
آهي، هتي 98 سيڪڙو مسلمان رهن ٿا . سنڌي ڳالهائيندڙ مسلمان جو به اهوئي
تناسب آهي ، پر باب الاسلام سنڌ جي ميڊيا ان جي بلڪل عڪاسي ڪونه ٿي ڪري ،
اها مجموعي طرح هڪ خاص رخ تي هلي رهي آهي . ان جي مجموعي صورتحال هن ريت
آهي.
سيڪولر لڏي کي اڀارڻ :
سنڌي ميڊيا جي خبرن کي پڙهبو ته دين پسند اديبن ، سياستدانن ۽ سماجي اڳواڻن
جي بيانن ۽ خبرن کي نه ڏيڻ يا ننڍي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ، پر
سيڪولر اديبن، سياستدانن ۽ سماجي اڳواڻن جي بيانن ۽ خبرن کي نمايان جاءِ
ڏيڻ ۽ وڏين سرخين سان ڇاپڻ جا ڪم ٿيندا آهن . ڪالمن ۽ مضمونن ۾ به سيڪولر
ٽولي کي ئي اهميت ۽ جاءِ حاصل هوندي آهي. جنهن مان واضح آهي ته سنڌي ميڊيا
غير جانبدار نه آهي .
سنڌي ميڊيا تي خاص فرقي کي اڀارڻ ۽ هٿي ڏيڻ جو ڪم ٿي رهيو آهي ، محرم
شريف ۾ هڪ خاص مڪتبه فڪر جا پروگرام ، مضمون ، شاعري ڏھ ڏينهن هلندي آهي .
ايتري قدر جو 21 رمضان تي حضرت علي رضي الله عنه بابت به هنن جا مضمون ۽
تقريرون هلنديون آهن .
منهنجو اهو مطلب هر گز ڪونهي ته حضرت علي رضي الله عنه ۽ حضرت حسين رضي
الله عنه بابت پروگرام ، مضمون ۽ شاعري نه هجي ، پر اهو آهي ته اهو هڪ فرقي
مطابق ڇو هجي ۽ ٻيو ته صحابه ڪرام خصوصا خلفاءِ راشدين مان ٽن خليفن حضرت
ابو بڪر رضي الله عنه ، حضرت عمر رضي الله عنه ، حضرت عثمان رضي الله عنه
بابت پروگرام ، مضمون ، ڪالم ۽ شاعري کي ڇو نٿو ڏنو وڃي . خانگي ٽي وي
چينلن تي رمضان ، محرم يا ٻين موقعن تي ديوبندي مولوين کي ڄاڻي واڻي موقعو
نٿو ڏنو وڃي ، ايتري قدر جو عالمي ليول جي مشهور نعت خوان حاجي امداد الله
ڦلپوٽو کي ٽي وي وارا نٿا آڻين ، اهو حال نعتيه مشاعرن جو آهي ، حالانڪه هر
مڪتبه فڪر کي موقعو ڏنو وڃي . اخبارن يا ٽي وي خبرن ۾ اهو لکڻ يا چوڻ “
شيعي اڳواڻ جو قتل ” فرقه واريت کي هٿ وٺرائڻ آهي ، ڀلا اهو ڪڏهن لکيو ويو
ته “ سني اڳواڻ جو قتل” .
ٽي
وي چينلن تي “ يا علي مدد” چيو ۽ ان کي فروغ ڏياريو وڃي ٿو ، جڏهن ته
شيعي، سني، بريلوي، ديوبندي اهل حديث مان ڪوبه اهڙو ڪونه آهي جيڪو “
السلام عليڪم” تي اعتراض ڪندوهجي ، پر انهن مڃيل لفظن “ السلام عليڪم ” کي
معمول بنائڻ بجاءِ هڪ مخصوص فرقي جي لفظن کي فروغ ڏيارڻ واري پاليسي مان
صاف ظاهر آهي ته سنڌي ميڊيا فرقه پرستي کي فروغ
ڏياري رهي آهي .
اسلامي صفحه نه هجڻ :
سنڌ جي غالب اڪثريت آبادي مسلمان ۽ اسلام سان محبت ڪندڙ آهي ، پر سنڌي
اخبارن ۾ جمعه جا اسلامي صفحا رکيل نه آهن ، سواءِ ٻن اخبارن خبرون ۽ سڪار
جي ، جڏهن ته ڪاوش ۾ ڪيترائي سال پهرين جمعي جي ڏينهن هڪ اسلامي يا اخلاقي
مضمون ڏنو ويندو هو ، پر هاڻي بند آهي . سوڀ به اسلامي صفحو ڪڍڻ شروع ڪيو
هو ، پر هاڻي اهو به بند آهي . هلال پاڪستان ۾ اسلامي صفحي جو اعلان ٿيو هو
پر عمل نه ٿيو . اهڙي طرح سنڌي اخبارن ۾ خلفاءِ راشدين جي وفات ۽ شهادتن
جي ڏينهن تي خاص ايڊيشن يا مضمون نٿا ڏنا وڃن . روزانه ڪوشش ، تعمير سنڌ ،
خبرون ، پاڪ سنڌ ۾ ان سلسلي جو ورلي ۽ ڪڏهن ڪڏهن مضمون ڏنو وڃي ٿو . سنڌي
اخبارن ۾ اڳ ڪجه آيتن جي ترجمي جو سلسلو جاري هوندو هو ، جن ۾ عبرت ۽ خبرون
شامل آهن پر هينئر ڪنهن ۾ به ڪون ٿو هلي .
مذهبي خبرن جي عدم اشاعت:
عام طور ڏٺو ويو آهي ته ديني ۽ مذهبي جلسا ، تربيتي پروگرام ٿيندا آهن ، جن
۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو شامل هوندا ، پريس جي آزادي جا علمبردار سنڌي
ميڊيا وارا جن جو اهو چوڻ هوندو آهي ته هو واقعاتي خبرون ڏيندا آهن ته
مذهبي جلسا ۽ تربيتي ورڪشاپ به واقع ٿيندا آهن ، تن کي اين جي اوز جي هٿن
تي گڻڻ جيترن ماڻهن جي پروگرامن يا هٿ سان ٺاهيل خبرن (mangeej news)جيتري
به اهميت نه ڏني ويندي آهي . اهميت ته پري رهي پر اهي خبرون مورڳو نه نشر
ڪيون وينديون آهن ۽ نه ڇاپيون وينديون آهن ، ٻئي پاسي قوم پرستي وارن انهن
پروگرامن کي وڏي ڪوريج ڏني ويندي آهي . جيڪي ٻئي قوم يا گروپ خلاف متعصبانه
هوندا آهن . ان جو هڪ مثال اهو به آهي ، جو امر جليل پنهنجي ٽي وي پروگرام
۾ پڇيو هو ته فقط ڇوڪريون يا عورتون مسلمان ڇو ٿيون ٿين ؟ ڇوڪرا يا مرد
مسلمان ڇو نٿا ٿين ، حالنڪه نوجوان ڇوڪرا ۽ مرد به مسلمان ٿيندا رهن ٿا ،
پر اها ڳالھ سنڌي پريس ۽ ميڊيا تي نٿي آندي وڃي . ان سلسلي ۾ 5.3.2012 تي
بدين جو هڪ ڀيل خاندان گهوٽڪي ۾ باقائده تقريب ۾ مسلمان ٿيو ، جنهن ۾ 15
مرد ۽ 9 عورتون جملي 24 مسلمان ٿيا .(ڏسو ماهوار بيداري مئي 2012)
ايڏي
وڏي واقعي کي سنڌي پريس ۽ ميڊيا ۾ ڇو نه رپورٽ ڪيو ويو ، ٿي سگهي ٿو ته
مقامي صحافي اهڙي خبر موڪلي به هوندي پر نيوز ايڊيٽرن جي پاليسي تحت اها نه
ڇاپي وئي ۽ نه نشر ڪئي وئي . سوال آهي ته اها خبر سنڌي ميڊيا ۾ ڇو نه آئي ؟
ان ۾ ڪهڙي فرقه واريت هئي يا مذهبي تعصب هو ، وري مذهبي تعصب واريون خبرون
ته فلاڻي ڇوڪري کي زوري مسلمان ڪيو ويو ، سنڌي ميڊيا خبرن ۽ مضمونن جي
صورت ۾ آندا . اهڙي طرح جيڪڏهن ڪٿي ڪو هندو سيٺ اغوى ٿين ٿا ، پوءِ اتي اهو
ڇو نٿو لکيو وڃي ته مسلمان سيٺ يا مسلمان ڊاڪٽر يا مسلمان ناري قتل . آخر
اهڙن بدامني جي خبرن کي مذهبي تعصب ڄاڻائي هندو مسلم نفرت کي ڇو ٿو ڀڙڪايو
وڃي؟
مذهبن سان ٻتو معيار:
جيڪڏهن ڪنهن عام ريلي خاص ڪري سيڪولر ۽ قوم پرستي جي ريلي يا جلسي ۾ بم
ڌماڪو ٿئي ته مارجي ويلن کي سنڌي ميڊيا ۾ انهن کي “ شهيد” لکيو وڃي ٿو ، پر
مدرسي ۽ مسجد ۾ بم ڌماڪن ۾ مارجي ويلن لاءِ لکيو ٿو وڃي ٿو ته “ مارجي ويا
” اتي اها ڳالھ سمجه ۾ نٿي اچي ته ڀلي ڪم سان لڳل بي گناھ ماڻهن کي آخر “
شهيد” ڇو نٿو لکيو وڃي ؟ سندن ڏوھ فقط اهو هو ته اهي مذهب سان انس ۽ پيار
رکن ٿا .
سونهاري ۽ ميڊيا:
سنڌي ميڊيا يعني اخبارن ، رسالن ۽ اڪثر ٽي وين تي ڏاڙهي وارن کي نه آندو
ويندو آهي .زندگي جي ڪنهن شعبي سان وابسته ماهر جيڪڏهن ڏاڙهي سان آهي ته
اهو سنڌي ميڊيا لاءِ نااهل آهي ، ايتري قدر جو اوهان ڏٺو هوندو ته سنڌيءَ
جي وڏي اخبار “ڪاوش” ۾ پاڻي جي ماهر محمد ادريس راجپوت جا پاڻي جي موضوع
تي لاجواب مضمون شايع ٿيندا رهندا آهن . ڪاوش اخبار ۾ هونئن ته هڪ ڏينهن
پراڻي خبر به شايع نه ڪندي آهي ، پر ادريس راجپوت جي مضمون سان ان جي پراڻي
تصوير جنهن ۾ هن جي ڏاڙهي نشان جي حد تائين آهي ، اها ڏني ويندي آهي ۽
سندس تازي تصوير جنهن ۾ هن جي سونهاري وڏي سنت مطابق آهي اها نه ڏني ويندي
آهي . سبب ظاهر آهي ته متان ڏاڙهي واري تصوير ماڻهن ۾ ڏاڙهيءَ جي ترغيب
پيدا ڪري .
اسلام جا اصول لڪائڻ:
سنڌي ميڊيا پاران اخبارن ۽ ٽي وي ۾ مروج اسلامي اصطلاح ۽ نالا لڪائڻ جي
ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته جيئن مذهب جي ترغيب گهٽ رهي ، مثال طور فاتح خواني ۽
جنازي بدران آخري رسمون ، قرآن پاڪ بجاءِ پاڪ ڪتاب ، نڪاح بجاءِ شادي جا
ٻنڌڻ استعمال ڪيا وڃن ٿا .
اسلامي اصطلاحن جو غلط استعمال:
سنڌي ميڊيا تي ڪجه اسلامي اصطلاح غلط استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪن کي نفرت انگيز بنائي استعمال ڪيو وڃي ٿو ته مٿال طور:
1
. مال غنيمت: مفت جي مال ۽ ڦر جي مال لاءِ سنڌي ميڊيا تي اسلامي اصطلاح “
مال غنيمت” جو استعمال ڪري ان اسلامي اصطلاح کي نفرت انگيز بنايو پيو وڃي ،
حالانڪه مال غنيمت اهڙو مال آهي ، جيڪو ويڙهاڪ ڪافر ڇڏي ويا هجن .
2:
فتوى : وڏيرن جي فيصلن جي اعلان کي فتوى لکي غلط نموني متعارف ڪريو پيو
وڃي ۽ اهو پڻ ميڊيا تي لکيو ۽ چيو وڃي ٿو ته فتوى نه ڏي ، ڄڻ فتوى ڪو غلط
ڪم هجي ، حالانڪه فتوى اسلامي فقه جي ماهر ۽ ڄاڻو جي علمي راءِ کي چيو
ويندو آهي .
3:
شهيد يا شهادت: ميڊيا تي اسلامي اصطلاح غير مسلمن ، صوبي ، زبان ۽ ڌرتي
خاطر وڙهندڙن لاءِ شهيد ۽ شهادت جا اصطلاح استعمال ڪيا وڃن ٿا . جڏهن ته
اسلامي فقه موجب خدا جي نظام لاءِ جدوجهد ۾ جان قربان ڪندڙ مسلمان کي شهيد
چيو وڃي ٿو ته پوءِ وطن ، ڌرتي ، زبان ۽ ڪميونزم لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ يا غير
مسلمان مارجي ويندڙ لاءِ اصطلاح شهيد ۽ شهادت ڇو ٿا استعمال ڪيا وڃن.
غلط اصطلاحن جو رواج:
سنڌي ميڊيا ۾ اسلام پسندن ۽ مذهبي ماڻهن لاءِ انتها پسند، بنياد پرست، دهشت
گرد ۽ رجعت پسند جا لفظ استعمال ڪيا وڃن ٿا . جيسيتائين عدالت ڪنهن کي
دهشت گرد نٿي ثابت ڪري، ان کي دهشت گرد چوڻ ڪٿان جو انصاف آهي . اهڙي طرح
ميڊيا پاران دين پسندن کي رجعت پسند ، انتها پسند ۽ بنياد پرست قرار ڏيڻ جو
اختيار کين ڪنهن ڏنو آهي . ٻين وانگر اهي الزام هيٺ اچن ته کين وڌ ۾ وڌ
ملزم يا جوابدار چئي يا لکي سگهجي ٿو .
(ماهوار بيداري سيپٽمبر 2012 ۽ ماهوار الفاروق ذوالقعده 1433 ه جي ٿورن سان)
No comments:
Post a Comment