8 Oct 2012

بي عمل جو علم ڪنهن کي به نفعو نه ڏيندو آهي

بي عمل جو علم ڪنهن کي به نفعو نه ڏيندو آهي

حضرت علي رضي الله عنه فرمائن ٿا ته ”جيڪڏهن ڪو عالم پنهنجي علم تي عمل نه ڪندو آهي ته، جاهل ماڻهو ان کان علم سکڻ پسند نه ڪندا آهن ڇو جو عالم جڏهن عمل نه ڪندو ان جو علم نه ان کي نفعو ڏيندو ۽ نه ٻئي کي نفعو ڏيندو ڇو نه انهيءَ عالم علم جا بار کڻي رکيا هجن.
اسان ٻڌو آهي ته بني اسرائين ۾ هڪ ماڻهو (80) پيتيون علم جون گڏ ڪيون ته الله تعالى وقت جي نبي عليه السلام کي وحي موڪلي ته انهيءَ کي چو ته جيڪڏهن ايترا علوم ٻيا به گڏ ڪرين پوءِ به
ڪجه نفعو نه ٿيندئي جيستائين هنن ٽن ڳالھين تي عمل نه ڪرين .

1.دنيا سان محبت نه ڪري انهي لاءِ جو دنيا اهل ايمان جو گهر نه آهي .
2.شيطان جو ساٿي نه ٿي ڇو جو اهو مومن جو ساٿي نه آهي .
3.اهل ايمان کي تڪليف نه ڏي ڇو جو اهو مومن جو ڪم نه آهي .

بشڪريه : ماهوار الفاروق سنڌي

No comments: