14 Aug 2012

ايترو تضاد ۽ ٻيائي (منافقت) ڇو؟

ايترو تضاد ۽ ٻيائي (منافقت) ڇو؟

اسين برابر ناجائز ڪمن ۾ ورتل هجون ، اسان کي اهو اعتراف پڻ آهي پر مد مقابل ساٿي جو مڪروه ڪم اسان جي اکين کي کٽڪي ٿو ........

مونکي نظر ايندڙ ننڍڙي غلطي پهاڙ جيان لڳي ٿي ۽ مان ان جو چرچو ڪرڻ لڳندو آهيان پاڻ ڀلي سو ڀيرا اهو ڪم ڪريان مونکي ان جو احساس ٿئي نٿو ...............

مونکي زرداري سان گلا آهي ته هو ڪرپٽ آهي پر آءُ پنهنجي ڪمائي حلال ڪري کايان ٿو ڪڏهن به مونکي ان جو خيال نه آيو.................

آءُ ان ڳالھ جو گهٽين ۾ بحث ڪندو آهيان ته پوليس ٿاڻي وارا رشوت کان سواءِ ڪم نٿا ڪن ، پر ڪوبه پنهنجي ڪم لاءِ مونکي هڪ پيٽي فروٽ موڪلي ٿو ته تحفو سمجهي قبول ڪندو آهيان ..........


ڪٿي لائن (قطار) ۾ بيهي بل جمع ڪندي ڪنهن ٻي ماڻهو جو اندر جي ماڻهو جي سفارش ڪرائي وڃي بل جمع ڪرائڻ مونکي ناگوار لڳي ٿو ، پر جيڪر اهڙي طرح مونکي موقعو ملي ته ڊوڙي بل جمع ڪرائيندو آهيان ۽ بعد ۾ سڀني اڳيان ان جو چرچو به ڪندو آهيان ته منهنجي محڪمي اندر دوست آهن جن جي ڪري منهنجو جلد ڪم ٿي ويو ............

اشاري تي ٽريفڪ پوليس وارو ٻيٺل هجي نه هجي آءُ اشارن جي پرواھ ئي نٿو ڪريان ، ڪو ٻيو منهنجي اڳيان اشارو ٽوڙي ته منهنجي واتان ڳارين جو وسڪارو ٿي وڃي ٿو ......

مونکي هن ڳالھ جي شڪايت آهي ته منهنجو فلاڻو دوست ماءُ پيءُ جي عزت ۽ خدمت نٿو ڪري ، پر آءُ پاڻ ڪاوڙ ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ کي گهٽ وڌ ڳالھائي وڃان ٿو ان جو خيال تائين نه آيو ............

منهنجي گهر ۾ آفيس ۾ پنکو هلي ٿو ۽ مسجد ۾ اي سي نه هلڻ تي رڙيون ڪرڻ شروع ڪندو آهيان ..............

منهنجو پنهنجو ٻار روئي ٿو ته مونکي برداشت نٿو ٿئي پر ٻي جو ٻار روئي ته مٿي ۾ ..........

آءُ سڄو ڏينهن ٻين ڇوڪرين سان ڇيڙ ڇاڙ ڪيان ۽ دوستن سان گڏ بي حيائي واريون فلمون ڏسان ٿو پر پنهنجن ڀينرن ۽ ڌيئرن کان اها اميد رکيان ٿو ته اهي غير مرد سان نه ڳالھاينديون ۽ بي حيائي کان پاسيرو رهنديون........................

آءُ پنهنجي سس جي طبيعت مهينن جا مهينه پڇا نه ڪريان پر پنهنجي والده جي سار سنڀال نه ڪرڻ تي گهر واريءَ تي ڪاوڙجي ٿو وڃان ......................

مونکي هن ڳالھ جي شڪايت آهي ته پنهنجي مسجد جو پيش امام پنهنجي پيٽ خاطر حق چوڻ کان ڪيٻائي ٿو پر مونکي اها توفيق نٿي ٿئي جو هن جي ٿورڙي مدد ڪريان جو هو آزادي سان ڳالهائي سگهي ............

آءُ پاڻ پنهنجي فرائض ۽ واجباتن ۾ ڪاوتاهي ٿو ڪريان ، ڪيتري عرصي کان نمازون قضا ڪريان پيو ، زڪاة به نٿو ڏيان پر پنهنجي حريف کي جنازي نماز ۾ شرڪت نه ڪرڻ ۽ صدقو نه ڏيڻ جو طعنو ڏئي ٿو وجهان .....................

مونکي شڪايت رهندي آهي ته آفيس ۾ سياست گهڻي آهي هڪ ٻئي جو پاڙون کوٽيون ٿيون وڃن پر مونکان سواءِ ڪنهن ٻئي جي پروموشن ٿي وڃِي ته مونکي تپ چڙهي ٿو وڃي ۽ ان جي پٺيان غيبت ڪرڻ شروع ڪري ٿو ڇڏيان .............................

آءُ روزاني بد ڪلامي ڪريان ۽ تنهن جو مونکي احساس به نٿو ٿئي ٻئي جي زبان تان مروت خلاف وارا الفاظ مونکي ڳڙا ٿا لڳن ............

آءُ ڪنهن دل آزاري ڪريان ، ڪنهن کي طعنو ڏيان ،ڪنهن کي سڀني آڏو شرمسار ڪريان ، ڪنهن کي کار ڏياريان جائز آهي پر منهنجو پيءُ يا دوست اصلاح لاءِ منهنجي چڪ تي اگاهي ڏين ٿا ته باه ٿيو وڃان ..................

آءُ فضول خرچي ڪريان ته سخاوت ، منهنجي ابتڙ ڪو ٻيو ڪري ته اسراف ،

آءُ سڀني اڳيان ڇڙٻون ڏيان ته حق گوئي بڻجي ۽ سامهون وارو ڪري ته طعنو ۽ توهين ..................

آخر ايتري ٻيائي ڇو آهي ؟

هڪ طرف پنهنجي دين کي سڄي دنيا جي مذهبن کان بهترين ۽ قابل عمل سمجهو ٿا ، فخر منهجان نعره بلند ڪريون ٿا ته اسلام از دي بيسٽ ۽ اها خواهش رکيون ٿا ته سڄي دنيا جا مڻهو اسلام قبول ڪن ٻئي طرف اسين انهن حقيقتن کان اکيون ڦيرايون ويٺا آهيون ته ڪوبه دين هن جي دعوتي تحريڪ محض عقيدن ۽ افڪارن ۽ مخصوص آيئڊيالوجي جي بنياد تي دليون نٿيون کٽي سگهجن اسان جي اڪابرين وٽ جيتوڻيڪ ايتري قدر ميڊيا ۽ وسائل ڪونه هئا پر دلين کي کٽي ويا جو ان وقت اسلامي دعوت عمل جي بنياد تي هئي جن ۾ اسلام پنهنجي سڀني تعلميات سان گڏ جلوه افروز اچي ٿي هئي . انهن جي انفرادي ۽ اجتماعي اصلاح درجي به درجي هلي رهي هئي ، مبلغ اعظم ﷺ هڪ هڪ فرد سان محبت شروع ڪري پنهنجن نمائندن کي عمل سان اهو سمجهايو ته معاشري جي اصلاح فرد جي اصلاح جي سواءِ فائدي مند نه آهي هن ڪري حضور ﷺ وٽ اصلاح فرد کان شروع ٿيندي هئي پوءِ اهو ترتيب يافته اڪيلي سر شهرن ۽ ڳوٺن ۾ انقلاب برپا ڪري وجهندو هو .......... ماضي جو دنيا دار تاجر ۽ ٻڪرين چاريندڙ هزارن لاءِ هدايت جو ذريعو بڻجي ويندو هو .

اسان وٽ اج فرد جي اصلاح بي توجهي جو شڪار آهي ، ماڻهو چون ٿا ته پنهنجي يا فرد جي اصلاح سان ڇا ٿيندو هن ڪري وسيلن جي گهڻائي هوندي اسان جي معاشري ۾ فساد آهي ۽ دعوتي ڪم ۾ اثر ڪونهي ، اسين غير مسلمن کي دين جي ويجهي اڻڻ بجائي انهن کي پري ڪرڻ جو سبب بڻيا ويٺا آهيون .

حقيقت اها آهي ته اسين ڪڏهن پنهنجي اصلاح ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي ،هر ماڻهو سٺي ڪم جي شروعات ٻين کان ڪرائڻ چاهي ٿو ...... جيڪر اڄ کان هر فرد پنهنجي اندراهو احساس پيدا ڪري ۽ اهو عهد ڪري ته آءُ اڳتي انشاء الله غلط ۽ خلاف اصول قانون ڪم نه ڪندس ته هڪ وقت ايندو جو اسان جو معاشرو هڪ آئيڊيل معاشرو بڻجي ويندو ......... فلحال گهٽ ۾ گهٽ معاشري ۾ هڪڙي غلط ماڻهو جي گهٽتائي ته اچي ويندي .

الله اسان کي توفيق ڏي!

هڪ بنياد پرست جي ٿورن سان

ترجمو؛ افتخار علي چوهاڻ

No comments: