بنياد پرست!!!
اسان جي معاشري ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو مخصوص نظريي ۽ خيالن جي ڪري ڏاڍا مشهور آهن . هڪڙو طبقو پنهنجي جهالت جي ڪري اسلامي نظريي ۾ گهڻين خرافتن ۾ مبتلا ٿي ويا ، انهن جو هڪڙو عقيدو اهو به بڻجي ويو آهي ته مذهب جي نالي تي جنهن انسان جو غلاظت ۾ پئڄِي وڃڻ ، ولايت جي نشاني آهي ، چنانچ هڪ ڪم چور ماڻهو ڪنهن قبر جي ويجهي اچي ويهي رهي ۽ پورو مهينو پاڻي کي استعمال ئي نه ڪندي گندو ٿي وڃي ۽ حجامت به نه ڪرڻ ڪري هن جا وار به وڌي وڃڻ ، اهي چوڻ لڳندا آهن ته اهو پير آهي ، اهي الله جا ملنگ آهن . چرس ۽ افيون جي نشي ۾ سڄو ڏينهن گندگي ۾ پوڻ ڪري ان جا ڪپڙا به ڦاٽي جسم کان ڌار ٿي وڃي ۽ هو اڳاڙهو ٿي وڃي ۽ چرين جيان حرڪتون ڪري ته اهي ماڻهو اهڙي شخص کي ولايت جي آخري نشاني ڪوٺڻ لڳندا آهن ۽ ڇوڻ لڳندا آهن ته اهو پهتل سرڪار آهي ، بري امام ، داتا دربار ، سيوهڻ شريف ،اجمير شريف اهڙن پهتل سرڪارن سان ڀريل آهي .
ٻيو طبقو اهو آهي جنهن جو مذهب سان ڪوبه سروڪار نه آهي ، مغرب (اوله وارا) ئي انهن جو خدا ۽ شريعت آهن . اهي مذهب بيزار ، احساس ڪمتري جا شڪار ماڻهو ڏينهن رات انهن جا گيت ڳائيندا آهن ۽ هر جاءِ تي انهن (اوله وارن) جو درس ڏيندا نظر ايندا آهن . اوله وارن کان نڪرندڙ هر اصطلاح ، هر فيشن ، هر نعرو انهن لاءِ ”وحي“ جو درجو رکندو آهي . اهي پاڻ کي روشن خيال ، موڊريٽ چوندا ۽ ان تي فخر ڪندا نظر ايندا . اهي ماڻهو اوله وارن جي ادائن تي اهڙا ته عاشق ٿي پوندا آهن جو انهن آڏو اوله وارن جي ابتڙ قرآن ۽ حديث جو حوالو ڏيندي ڪا ڳالھ ڪجي ته يا ڪو مسلمان فرد يا گروھ ڪنهن اهم مسئلي ، يا نڪتي يا ڪنهن پاليسي تي اوله وارن جي خلاف آواز بلند ڪندي نظر اچن ته يڪدم انهن کي ” بنياد پرست“ جو مهر هڻي ڇڏيندا .
اچو ته اسين ڏسون ته بنياد پرست اصل آهي ڇا ۽ ان جي حقيقت ڇا آهي؟
” بنياد پرست“ جي اصطلاح سڀ کان پهرين اڻويھ صدي جي هزاروي (millenarian) تحريڪ کان جنم وٺندڙ امريڪي پروسٽنٽ لاءِ استعمال ٿيڻ شروع ٿي ، جيڪا بعد ۾ عليحده طور تي ويھ صدي جي منڍ ۾ امريڪه جي مذهبي ۽ غير مذهبي زندگي ۾ داخل ٿيڻ واريون نون لاڙهن جي مقابلي ۾ استعمال ٿيڻ لڳي . اها اصطلاح مذهبي مقالن جي هڪ مجموعي (the fundamentals) کان ورتي وئي جا 1909 ۾ امريڪه ۾ شائع ٿي .
بعد ۾ اها اصطلاح ڪنهن مذهب جي بنيادي عقيدن سان ڄمي ويهڻ ۽ سيڪولرازم کان بيزاري جي صورت ۾ ڏٺا ۽ سمجهيا وڃڻ لڳا ، دنيا جي لڳ ڀڳ سڀني ئي مذهبن جي پوئلڳن ۾ اهڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي سيڪولر ازم جي جادو مان آزاد ٿي پنهنجي اصل مذهب ۾ پناھ ڳوليندا آهن ۽ سيڪولر ازم کي نه رڳو مسترد ڪندا آهن بلڪه پنهنجي پنهنجي مذهبن جي روشني ۾ سيڪولرازم جي خلاف جدوجهد ڪرڻ لاءِ پاڻ کي منظم ڪرڻ ضروري سمجهندا آهن جيئن ان جي مناسب متبادل رستو تلاش ڪري سگهن . چنانچ هر مذهب ۾ ان جي خلاف بنيادپرست هوندا آهن، مثال طور : بنياد پرست يهودي ، بنياد پرست ٻڌ ، بنياد پرست هندو وغيره وغيره . پر جيڪو بنياد پرست سدائين خبرن جو زينت بڻجندو آهي ۽ جنهن جي لاءِ مغربي دانشور ، صحافي ۽ منصوبه سازسڀ کان گهڻو پريشان نظر ايندا آهن ۽ صرف ۽ صرف مسلم بنياد پرست آهن .
اسلامي بنياد پرستي جو درست تعريف ڇا هجڻ گهرجي ؟ ان لاءِ اسين عيسائي بنياد پرست سان پرک ڪري سگهون ٿا : جيڪي خصوصيتون عيسائي بنياد پرست تحريڪ لاءِ امتيازيت رکن ٿيون ان ۾ انجيل جي هڪ هڪ لفظ جو قطعي حجت طور تسليم ڪرڻ ، ۽ انهن جي الفاظن جي ظاهري معنى جي پيروي ڪرڻ ، مسيح کي بنا پيءُ پيدا ٿيڻ ۽ قيامت روز ٻيهر اچڻ (ڪافرن) جو هميشه جهنم ۾ پوڻ جو نظريو ۽ن (مذهبي اشاعت) لاءِ تبليغي سرگرمين جو التزام ڪرڻ وغيره شامل آهن ، لڳ ڀڳ سڀئي عيسائي ان لحاظ کان بنياد پرست ٿين ٿا .
جيسيتائين مسلمانن جو معاملو آهي انهن وٽ به قرآن الله جو ڪلام هڄڻ ۾ اتفاق لڌو وڃي ٿو ، قرآني حڪمن ۽ حضرت محمد ﷺ جي سنت ۽ تعليم تي عمل کي آخرت جو نجات جو ذريعو سمجهيو وڃي ٿو ، جيتوڻيڪه عيسائين جي هزاروي (Millenarion) نظريي جهڙي ڪابه برائي مسلمانن ۾ نه آهي تاهم اهي سڀ مسيح کي بنا پيءُ پيدا ٿيڻ سان گڏ ٻيهر نازل ٿيڻ تي يقين رکندا آهن ، اهڙي طرح ” عيسائي شرطن“ سان ڏٺو وڃي ته لڳ ڀڳ سڀئي مسلمان لازمي طور تي بنياد پرست ڪوٺيا ويندا ، هاڻ سوال اهو ٿو ٿئي ته اسلامي شريعت تي ڄمي ويهڻ ، قرآن ۽ سنت تي عمل ڪرڻ واري کي بنياد پرست جو طعنو ڏيڻ وارا ڪهڙي ڪيٽيگري ۾ اچن ٿا ؟؟؟؟؟؟؟؟؟
هڪ بنياد پرست جي ٿورن سان
ترجمو: افتخار علي چوهاڻ
No comments:
Post a Comment