مولوي ئي هر برائي ۽ فتني جو ذميوار ڇو؟
(ڇا مسجد جو مولوي حقيقي معنى ۾ عالم به آهن؟)
منهنجي خيال ۾ جيڪر اسان واقعي اصلاح گهرون ٿا ۽ جيڪر گهرائي تائين پهچڻ چاهيون ٿا ته سڀ کان پهرين اها تحقيق ڪرڻي پوندي ته جنهن کي ماڻهو مولوي چون ٿا ڇا واقعي اهو عالم به آهي ؟
حديث ۾ اچي ٿو ته ” العلماء ورثة الانبياء “ عالم سڳورا انبياء جا وارث آهن ، آئون سمجهان ٿو ته جيڪي انبياء جا حقيقي وارث آهن اهي ”ڪرپٽ“ نٿا ٿي سگهن ۽ جتي ”ڪرپشن“ ٿئي ٿي هتي حقيقت ۾ علم کي ممبر تائين پهچڻ ئي نٿو ڏنو وڃي ، منبر رسولﷺ جڏهن نااهل ماڻهن حوالي ڪيو ويو ، ته پوءِ انهن مقصدن لاءِ استعمال ٿيو جن لاءِ نه ٿيڻ گهرجي ها ، لازم آهي ته هن جا ذميوار علماء ۽ ديني مدرسه هرگز نه آهن .
( جيڪر مسجد جو مولوي ٺيڪ نه آهي ته پوءِ هن جو ذميوار ڪير آهي؟)
”مسجدن ۾ رڳو چندن جون ڳالھيون ، ڪافر ڪافر جي راند ، فرقه پرستي جون ڳالھيون ، ڪرپشن ، غير ضروري مسئلن تي تقريرن جا ذميوار جيڪر عالم سڳورا نه آهن ته پوءِ ڪير آهن ؟“ .
ان لاءِ اسان کي اهو ڏسڻو پوندو ته اهڙن مولوين جو انتخاب ( چونڊ) ڪير ٿو ڪري ؟ ڪير اهو طي ٿو ڪري ته هن منبر تي ڪير ويهندو. اسان مان هر ڪو ڀلي ريت ڄاڻي ٿو ته اها چونڊ هن علائقي جي مسجد ۾ ويٺل ريٽائرڊ سرڪاري بابو ڪندا آهن ، جنهن کي سرڪاري دفترن کان اهو چئي فارغ ڪيو ويندو آهي ته هاڻ اوهين ” اسپائير“ ( ناڪاره) ٿي چڪا آهيو ۽ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جا نه رهيا آهيو. اهي وري مسجدن جي ڪميٽين ۾ اچي ويهي رهندا آهن ، اسان جي هڪڙي دوست مطابق هن جي علائقي ۾ خطيب لاءِ ٽي ٽي مهينه انٽرويو ٿيندا آهن ، پنج ڇھ ريٽائرڊ حضرات ويهي هڪ امام کي سڏي پوءِ ٻي کي سڏي پڇا ڪندا آهن ، ٽن مهينن کان پوءِ هڪ 20 سالن جي ڇوڪري کي منتخب ڪن ٿا ۽ سبب انتخاب اهو ٻڌائن ٿا ته ان جو آواز ڏاڍو سٺو آهي . هاڻ اسان کي اهڙي ننڍي عمر جي امام مان ڪهڙي توقعه رکڻ گهرجي ؟ جڏهن هو منبر تي ويهندو ته ڇا ڳالھائيندو؟.
اسان جو انتخاب به ساڳيو آهي ، رڳو آواز چنڱون ٻڌڻو آهي . انهن کي مولوي گهرجي جيڪو نعتون سٺيون پڙهي سگهندو هجي ، ٿورو سُر ڄاڻيندو هجي ..........
جڏهن اهي سُر هڻڻ وارا ڳائڻا مولوي ٿي ويهندا ته پوءِ منبر ۽ محراب جو تقدس اهڙي نموني پامال ٿيندو ، جهڙي نموني اسان جي محلّن جي مسجدن ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آهي .
طريقه ڪار اهو هجڻ گهرجي پهريون اهو ڏٺو وڃي ته جيڪي انتخاب ڪري رهيا آهن انهن جي اندر انتخاب ڪرڻ جي اهليت آهي به يا نه ؟ جڏهن پرائمري پاس ماڻهو يونيورسٽي جي پروفيسر کي منتخب ڪرڻ شروع ڪري ڏي ته پوءِ يونيورسٽي جي تعليم جو ڇا حشر ٿيندو؟ جڏهن هڪ ڪمپوڊر ڊاڪٽرن جو انتخاب ڪرڻ شروع ڪري ڏي ته ڪهڙي اپريشن لاءِ ڪهڙو ڊاڪٽر مناسب هوندو ته پوءِ اسپتال ۽ مريضن جو ڇا حشر ٿيندو؟
جڏهن ڪچهرين ۾ ويٺل منشي سپريم ڪورٽ جي ججن جو انتخاب شروع ڪري ڏين ته پوءِ مقدمن جو ڇا حشر ٿيندو؟
جتي انتخاب درست ٿيو ، منبر اهل افراد جي حوالي ڪيو ويو انهن جي برڪتن سان بهتري آئي . اتان جا نمازي سلجهيل ٿيا ۽ معاشري جي تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي نظر آيا ۽ معاشري ۾ اسان کي جيڪا ٿوري گهڻي دين جي جهلڪي نظر اچي ٿي اها انهن جي محنتن جو نتيجو آهي . ان لاءِ اسان کي پنهنجي قوم لاءِ شعور پيدا ڪرڻو پوندو ته هن فيلڊ جي ماهرن جي نگراني ۾ پنهنجن ممبر ۽ محراب لاءِ واعظ ۽ امام جو انتخاب ڪرين .
(حقيقي عالم سڳورن جي وعظ ۽ نصيحت هوندي معاشري ۾ برائي ڇو آهي؟ )
ڪي ماڻهو اهو چون ٿا ته معاشري ۾ جيڪا برائي نظر اچي ٿي ان جو ذميوار عالم سڳورا ۽ وعظ ڪندڙ آهن!
آئون اهو ئي چوندس ته عالم سڳورن جو منصب رڳو تلقين آهي اهي رڳو نصيحت ڪري سگهن ٿا ، نصيحت تي عمل ڪرائڻ وارا ٻيا آهن . اسلامي نظام نه هجڻ ڪري اڄ هڪ سٺي عالم جي اٿارٽي محض ايتري آهي جو اهو رڳو مسجد ۾ اچڻ وارن ڪجه ماڻهن آڏو وعظ ڪري سگهي ٿو . بعض مسجدن ۾ انهن کي کليل نموني ڳالھائڻ تان مسجد مان ئي ٻاهر ڪڍيو ٿو وڃي . گستاخي معاف جڏهن انهن جي اٿارٽي ايتري هجي ته پوءِ ڪيئن اوهان انهن کان اها توقعه رکندا ته اهي ٽيڪس چور کي زليل ڪري سگهندا ، حدن پار ڪندڙ جي خبر وٺندا؟
باقي اها ڳالھ ته عوام سان مخاطب ٿيڻ جو هن کي گهڻوو موقعو ملي ٿو پوءِ ان جي وعظ ۽ نصيحت جي باوجود معاشري ۾ برائي ڇو آهي؟ هن سوال جو جواب ۾ آئون به هڪ سوال پڇڻ جي جسارت ڪندس ، ڏسو علامه اقبال رح اسان جو قومي شاعر آهن ،هن جي شاعري اسن جي اسڪولن ۽ ڪالجن ۾ لازمي مضمون طور پڙهايو وڃي ٿو . هن جي شاعري ۾ ” خودي“ جي سڀ کان گهڻي تعليم ڏنل آهي ، هن جي شاعري اسان جي ملڪ خودي ڪيترن ماڻهن ۾ آهي؟ جيڪر پيغام جي اهڙي مستند طريقي سان پهچائڻ باوجود خودي ماڻهن ۾ ڪونهي ته هن ۾ علامه اقبال جو ڪهڙو ڏوھ ؟ قائد اعظم رح جي اقوال اسان جي آڏو آهن، آئين جون دفعات اسان جي اڳيان آهن ، اسان جي سياست دانن ۽ قوم انهن تي ڪيترو عمل ڪيو آهي ؟
حضرت نوح عليه السلام ساڏا نو سو سال تبليغ ڪئي رڳو 80 ماڻهن ايمان آندو . ڇا حضرت نوح عليه السلام تبليغ ۾ ڪا گهٽتائي ڪئي هوندي ، ڇا اهي ( نعوذ بالله) فرقه واريت جو درس ڏيندا هئا ؟ نبين سڳورن کان وڌيڪ ڪير وعظ ۽ نصيحت سٺي نموني ڪري ٿو سگهي ؟ ڇا اهي باقي ماڻهن جي گمراهي جا ذميوار هئا؟
آئون اهوئي چوندس ته جيڪي صحيح معنى ۾ عالم ۽ مولوي آهن انهن حق ڳالھ پهچائڻ ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي آهي جيڪا نبوت جي وراثت انهن تائين نسل در نسل هلندي پهتي هئي ان وراثت جو خيال ڪندي ايمانداري سان عوام تائين پهچايو آهي گذريل سو سالن ۾ قرآن ۽ حديث جي مسئلن تي جيڪا تحقيق ٿي آهي اهي ان جو مثال گذريل ٽن صدين ۾ به ڪون ٿي ملي .
هڪ بنياد پرست جي ٿورن سان (اقتباسات )
ترجمو: افتخار علي چوهاڻ
No comments:
Post a Comment