9 Sept 2011

فضيلتِ علم

فضيلتِ علم


1 . الله تعالى کان علم وارا ئي ڊجندا آهن . ( القرآن )

2 . مونکي معلم (استاد ) ڪري موڪليو ويو . (الحديث)

3. علم پيغمبرن جي ميراث آهي ۽ مال ڪافرن ، فرعون ۽ قارون وغيرن جو . ( حضرت ابو بڪر صديق ر ض )

4 . دنيا طلب ڪرڻ واري کي علم سکارڻ ڄڻ رهزن جي هٿ ۾ تلوار ڏيڻ آهي . ( حضرت عمر بن خطاب ر ض )

5 . سخاوت پهل آهي مال جو ، عمل پهل آهي علم جو ، الله تعالى جي خوشنودگي پهل آهي اخلاص جو . (حضرت عثمان غني رض )

6 . علم مال کان بهتر آهي ڇو ته علم توهان جي حفاظت ڪري ٿو ۽ توهان مال جي حفاظت ڪريو ٿا .( حضرت علي المرتضى ر ض )

7 . عالمن جو فقر اختاري هوندو آهي ۽ جاهلن جو اضطراري . (حضرت جعفر صادق ر ح )

8 . سڀنن خوبين جو مجموعو علم سکڻ ۽ عمل ڪرڻ پوءِ ٻين کي سکارڻ آهي . ( شيخ عبدالقادر جيلاني رح )

9 . عالمن جي مس جو پلڙو شهيد جي رت کان به ڀاري آهي . ( مجدد الف ثاني رح)

10 . علم دنيا طلبي جو فساد شيطان جي فساد کان وڌيڪ آهي . ( امام غزالي رح)

11 . جنهن عالم کي علم کان حق تعالى مقصود هجي ان کان سڀ ڊجندا آهن ۽ جنهن جو مقصود دنيا هجي اهو پاڻ سڀنن کان ڊجندو آهي . ( شفيق

بلخي رح)

12 . جيسيتائين ٿي سگهي علم حاصل ڪر جئين مراد تائين پهچي وڃي . ( جالينوس)

13 . عالم سان هڪ ڪلاڪ جي گفتگو ڏهن سالن جي مطالعي کان گهڻو مفيد آهي . ( بطليحوس)

14 . جيڪو شخص علم رکي ۽ هن تي عمل نه ڪري . هو اهو بيمار آهي جنهن وٽ دوا ته آهي پر هن سان علاج نٿو ڪري .( اقليدس )

15 . تعليم ٻن قسمن جي ٿيندي آهي . هڪ اسان کي ڪمائڻ ۽ ٻي اسان کي زندگي بسر ڪرڻ سکاري ٿي . ( ايڊلر )

چونڊ ، افتخار علي چوهاڻ

No comments: