10 Sept 2011

يورپ جيڪو ڪجه سکيو اسلام کان سکيو

يورپ جيڪو ڪجه سکيو اسلام کان سکيو
 
                       
يورپ اڄ جيڪو اسان کي سائنسي علمن جو گهوارو نظر ٿو اچي ، ڇا اصل کان وٺي ائين هو؟ ۽ ڇا هن جو ڪو تاريڪي دور نه گذريو آهي ؟ ۽ جيڪر گذريو آهي ته ته اهو ڪهڙو دور هو ؟ ۽ ڪڏهن ختم ٿيو؟ ۽ ڪئين ختم ٿيو؟ اهي سوال پنهنجي اندر خاص اهميت رکن ٿا. ۽ خاص ڪري مسلمانن لاءِ خاص اهميت سان گڏ لمحي فڪر به آهي ، ڇو ته هنن سوالن جي جوابن ۾ جيڪر يورپ جو حال ۽ مسلمانن جوماضي تابناڪ نظر اچي ٿو . ته يورپ جي ماضي سان گڏ مسلمانن جو حال به تاريڪ نظر ٿو اچي . اها ماضي ۽ حال جي ڪهاڻي جيڪر ماضي جي لحاظ کان شرمناڪ آهي ته مسلمانن لاءِ حال جي لحاظ کان وڌيڪ شرمناڪ آهي . ڇو ته يورپ ته بهرحال ماضي کان حال تائين ترقي جو سفر ڪيو ۽ مسلمانن ماضي کان حال تائين تزلزل جو سفر ڪيو ۽ ظاهري ڳالھ اها آهي ته ترقي جو اهو سفر ماضي ۾ ڪيترو ئي شرمناڪ هجي بهرحال تزلزل جي سفر کان بهتر آهي ڇو ته تزلزل جي سفر ۾ مستقبل جي افسوسناڪ ٿيڻ جو خدشو موجود رهي ٿو .
بهرحال اها هڪ حقيقت آهي ته يورپ جيڪو اڄ آهي ماضي ۾ ائين ڪون هو ، اڄ جيڪر علم ۽ شعور جي منزلن کي طي ڪري رهيو آهي ته ماضي ۾ اهو دور به هئس جو جهالت ۽ گمراهي جي تاريڪن ۾ پيو هو نه رڳو علم کان دور هو بلڪه متنفر به هو .
يورپ جو ماضي .
يورپ جو حال کان جيڪڏهن اک اچانڪ ماضي جي پنن تي پئجي وڃي ته حيرت جو هڪ وڏو جهٽڪو لڳي ٿو ته ڇا اهو يورپ جيڪو اڄ سائنسي علمن جو سند تسليم ڪيو ٿو وڃي ، ڪڏهن هن جي اهڙي به حالت هئي ؟ خيال رهي ته هن مضمون ۾ اسان جو بحث رڳو يورپ جي علمي حالت ۽ علمي تهذيب تي آهي ، باقي رهيو يورپ جي معاشرت هن کي اوهان چاهي جنسي بي راه روي کان وڌيڪ گهٽيو ۽ تاريڪ چئي ڇڏيو، بهرحال اوهان کي تسليم ڪرڻو پوندو . ته علمي ، تحقيقي ۽ سائنسي ميدان ۾ يورپ هن وقت سند جي حيثيت رکي ٿو . پر يورپ جي خوبصورت حال کي ڇڏي ڪري هاڻي اسين ٿورو ماضي ڏانهن هڪ نظر ڌريون ٿا ، هن سلسلي ۾ اسين هن ڳالھ کي مدِ نظر رکنداسون ته ماضي ۾ يورپ علم کي ڇا ڏنو ۽ علم کان ڇا ڇنيو .
يورپ علم کي ڇا ڏنو ؟
جڏهن اسين يورپ کي ٻارهن صدي کان اڳ ڏسو ٿا ته اسان کي اهو نظر ايندو ته يورپ وارن علم کي گهٽ سرمايو ڏنو 700 قبل مسيح ۾ قائم ٿيندڙ روم جي سلطنت جي منڍ جي پنج سو سالن ۾ ڪنهن ڪتاب جو سراغ نٿو ملي۽ پنج صدين کان پوءِ ڪن يوناني ڪتابن جو ترجمو ۽ افسانن وغيرن جو روم جي تاريخ ۾ ملن ٿا. پر سن عيسوي جي آغاز جي ٻن سو سالن ۾ به رڳو ويهارو کن اهلِ قلم جا نالا ملن ٿا جن ۾ رڳو هڪ مورخ ( تاريخدان) جي حيثيت سان نظر ٿو اچي . جنهن جو نالو ”ليوري“ اهي هن کان سواءِ باقي سب شاعر ۽ افسانه نگار ۽ ڊرامه نويس ئي هئا . پوءِ پهرين صدي عيسوي ۾ تبليغ عيسائيت لاءِ ڪجه مصنفين ( ليکڪ) پيدا ٿيا . پر هڪ صدي تائين ٽيه جي لڳ ڀڳ اهلِ قلم جا نالا ملن ٿا ، ٿورو اڳتي وڌو ته تيرهن سو عيسوي کان پندرهن سو عيسوي جي تاريخ جي صفحن جي پنن ۾ جڏهن نظر وجهون ٿا ته هن ٻن صدين ۾ به اسان کي روم جا رڳو ويه يا پنجويه اهلِ قلم جا نالا ملن ٿا ، روم جي ٻارهن سو سالن ۾ اسان کي رڳو پنجاھ کن ڪتاب ملن ٿا .
برطانيه ۾ 1160ء تائين گهڻي مان گهڻو پنجاه کن ڪتابن جو ذڪر ملي ٿو ، جرمن ۾ 780 ء تائين ڪنهن به ڪتاب جو تذڪرو نٿو ملي ۽ هن کان پوءِ چند دعائن ۽ مذهبي گيتن يا وري رسالا ملن ٿا ، پر 1350 ء تائين هننن جي گڻپ سو کان مٿي ناهي فرانس ۾ 1050 ء تائين گهڻي مان گهڻو پندرهن ڪتابن جڳ تذڪرو ملي ٿو جن ۾ پادرين جون سوانحون هيون ۽ باقي مذهبي گيتن يا جنگي نظمن تي مشتمل آهن .
جڏهن اسين انتهائي تلاش ۽ جستجو ڪنداسين تڏهن به اسان کي پهرين عيسوي کان 1000 ء تائين پوري هڪ سو سالن ۾ گهڻي مان گهڻو پنج سو ڪتاب سڄي يورپ ۾ ملي سگهندا .
يورپ وارن پهرين عيسوي ۾ علم جيڪو ڪجه ڏنو ، هن ۾ گهڻو ڪري مذهبي گيتن ، مذهبي ننڍا ننڍا رسالي ، جنگي نظمن ۽ دعائن تي مشتمل آهي يا چند تاريخ ۽ سوانح ملندا ، هن کان سواءِڪنهن به فن تي ، سائنس تي ، معاشرت تي شايد ئي ڪو ڪتاب هنن ٻارهن صدين ۾ ملي .

يورپ وارن علم کان ڇا ورتو (ڇنيو) ؟
يورپ وارن علم کي ڇا ڏنو ؟ جي تاريخ کي جڏهن اسين پڙهون ٿا ته انتهائي محدود سرمايو هجڻ جي ڪري اها نهايت مختصر نظر ٿي اچي . پر جڏهن اسين يورپ علم کان ڇا ڇنيو جي تاريخ ڏسون ٿا ته پوءِ اها هڪ وڏي داستان ٿي نظر اچي . جنهن ۾ انسان جو رت وهائڻ به آهي ، ۽ ڪتابن جي سياهي جو نوحو به ، قلم ۽ ڪاغذ جو رڙيون به آهن ۽ عالمن لاءِ حقارت به ؛
1 . جوليس سيزر جي حڪم سان ست لک ڪتابن تي مشتمل اسڪندريه جو ڪتب خانو تباه و برباد ڪيو ويو .
2 . جوليس سيزر جي دسترس کان بچي ويل اسڪندريه جي باقي ڪتابن کي ” ٿيوڊويسي ثاني“ جي حڪم سان باه ۾ ساڙايو ويو .
3 . طليله جي ” پشپ“ هتان جي مسلمانن جون اسي هزار ڪتابن کي ساڙائي ڇڏيو .
4 . قسطنطنيه جي عظيم لائبريري ۽ ٻين ڪتب خانن کي صليبي فوجين نظر آتش ڪرائي ڇڏيو .
5 ، اسپين جڏهن ميڪسيڪو تي حملو ڪيو ته هتان جي ڪتبخانن کي ساڙائي ڇڏيو .
6 . ”سينيٽ برنارڊ “عوام کي ملڪي قانون به پڙهڻ کان روڪيندو هو .
7 .گيليليو جنهن دوربين ايجاد ڪئي هئي جنهن تي اڃ يورپ وارن کي فخر آهي ، هن جي زندگي ۾ ” نظام عالم“ لکڻ تي جيل ۾ موڪليو وي ۽ ڏه سال جيل ۾ رهندي هن جو انتقال ٿيو .
8 . ” دانتي“ جيڪو اٽلي جو مشهور شاعر هو جنهن جي شاعري اڄ سڄي يورپ پڙهي ٿي هن کي ملڪ بدر ڪيو ويو ۽ جلاوطني ۾ هن جو انتقال ٿيو .
9 . اٽلي جو مشهور فلسفي ”برونو “ کي زنده ساڙيايو ويو .
10 . جرمني جي مشهور هئيت دان ” ڪيلر “ کي ڪافر قرار ڏئي هن جي ڪتاب ” خلاصه نظام ڪاپرنيڪي“ ضبط ڪيو ويو .
11 . ” ليوي “ جيڪو سنِ عيسوي کان اڳ واحد مورخ هو هن جي تصنيفن کي ”گريگوري“ ضائع ڪرائي ڇڏيو .
12 . گريگوري روم جي سياست دان ۽ خطيب ” سسرو“ جي ڪتابن کي ضائع ڪرايو .
13 . طرابلس جي ٽيه لک ڪتابن جي لائبريري کي جيڪا ڇھ سو سالن جي محنت هئي باه لڳائي وئي .
14 . برطانيه جي فلسفي ” جان ارجيني “ پنهنجي ڪتاب ۾ فلسفي ۽ مذهب ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پادرين هن جي ڪتابن کي ساڙائي ڇڏيو .
15 . 1501ء ۾۾ ”اليگزينڊر ڇھون“ سڀنن پريس وارن کي تنبيه ڪيو ته باطل عقيدن تي ڪو به ڪتاب نه ڇپرايو وڃي ( ياد رهي ته باطل ڪتابن مان مراد سائنس وغيره آهي)
16 . سائنس دان ” ڊان ڊلي ڏاڪومينس“ کي جيل ۾ وڌو ويو هن جو انتقال جيل ۾ ٿيو ، هن جي ميت کي هن جي تصنيفن تي رکي ساڙايو ويو .
17 . موسى بن ميمون مشهور يهودي فلسفي هو پر يهودين جي ديني مجلس ۾ هن جي سڀنن کتابن کي ساڙايو ويو .
18 . ” فريڊڪ ثاني“ اٽلي ۾ علمي مرڪز قائم ڪرايا ته يورپ جي ” گريگوري نائين“ هن کي دجال قرار ڏنو .
19 . قيصر زينو سڀنئي عالمن کي پنهنجي سلطنت مان ڪڍي مدرسن کي تالو لڳرائي ڇڏيو . وغيرج وغيره

يورپ وارن علم کي ڇا ڏنو ؟ ۽ علم کان ڇا ڇنيو؟ جي عنوانن جي هيٽ اسين يورپ جي ماضي جي تصوير ڪڍي آهي يورپ ۾ علم ۽ اگاهي ۽ سائنس ۽ شعور جي هن بدترين دور ۾ عرب يورپ لاءِ هڪ خوبصورت نمونو ثابت ٿيو هوريان هوريان عربي ڪتابن جا ترجمه يورپي ٻولين ۾ ٿيا جنهن مان يورپ مستفيد ٿيو ۽ ترقي جي طرف گامزن ٿيو .

يورپ جي نئي سري علم جي اڏاوت تي اسلام جا اثر .

يورپ جي ماضي واري صورت حال کان پوءِ هاڻي اسين ٻڌائينداسين ته ڪهڙي طرح اسلام يورپ جي رهنمائي ڪئي ۽ ڪئين هن کي جهالت جي اونڌائي مان ڪڍيو ، هن ڳالھ کي اسين ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري سمجهائڻ جو سعيو ڪنداسين .
1 . ايجادن ذريعي رهنمائي.
2 .ڪتابن ذريعي رهنمائي.
ايجادن ذريعي رهنمائي؛
1 . دواسازي ۽ ڪيمياسازي جا طريقا يورپ کي مسلمانن ذريعي مليو ۽ هنن طريقن جي بعض جزوي تبديلين سان اڄ تائين اهڙي ئي نموني رائج آهن .
2 . بارود جو استعمال مسلمانن ئي مغرب وارن کي سکاريو ۽ پوءِ هن کان پوءِ يورپ وارن اڳتي نوان نوان شڪل تيار ڪيا.
3 . قطب نما جهڙي اهم سائنسي ايجاد مسلمانن ئي يورپ وارن کي متارف ڪرايو .
4 . ڪاغذ توڙي جو ” چينين “ جي ايجاد آهي پر چين جو ڪاغڊ نهايت مهانگو هو ڇو ته ان ۾ ريشم جو ڌاڳو استعمال ٿيندو هو ، مسلمانن ڪاغذ ۾ تبديلي آڻيو ۽ ڪاغڊ سستو ٿي ويو ، اٺين صدي ۾ ڪاغذ جا ڪيترائي ڪارخانه قائم ڪيا جڏهن ته يورپ ڪاغذ سازي کان گهڻو پري هو ، يورپ ۾ تيرهن صدي کان پوءِ ڪاغذ پهتو جنهن مان اڄ تائين يورپ فائدو پيو وٺي .
5 . سڀنئي چيني ٿائون تي قلعي ڪرائڻ ، ڪپڙا رنگن ، لوهي کي زنگ مان بچائڻ وارا وارنيش جو استعمال مسلمانن ئي يورپ کي ٻڌايو .
6 .مسلمانن کان اڳ رڳو ٿيوري هئي تجربن جو اسلوب کان پوري يورپ کي مسلمانن ئي متعارف ڪرايو .
7 . گندرف جو تيزاب، شوري جو تيزاب ۽ هن کان سواءِ ڪيترائي تيزاب مسلمانن جي ايجاد آهي .
8 .جراحت جو فن ۽ طور طريقه مسلمانن شروع ڪيا ۽ هن کان اڳ بيمار عضوي کي نه ڪٽيو ويندو هو ۽ بيمار عضوي جي ڪري ماڻهو مري ويندا هئا.
9 . روشني جي قانونن مسلمانن ڳولهيا جن مان يورپ فائدو وٺندو پيو اچي .
10 . هڪ کان نو تائين جي گڻپ ۾ ” ٻڙي“ جو اضافو مسلمانن مڪمل ڪيو ۽ هن کان اڳ گڻپ جنهن ۾ ” ٻڙي“ نه ايندو هو انهن جو هندسن ۾ اندراج گهڻو مشڪل هوندو هو .
11 . مسلمانن فلڪيات ۾ ڪيرائي سانچا ٺاهيا جيڪي معمولي ردوبدل سان اڄ به يورپ ۾ استعمال پيا ٿين .

ڪتابن ذريعي رهنمائي ؛

1 . ” روفينو“ حسين بن اسحاق جو رسالو ” مسائل في الطب“ جو ترجمو لاطيني زبان ۾ ڪيو .
2 . ” جيرارو“ 87 سائمسي ڪتابن جو عربي مان لاڀيني زبان ۾ ترجمو ڪيو .
3 . ” رابرٽ“ اسپين مان مهارت حاصل ڪري پوءِ ڪيترائي عربي ڪتابن جو ترجمو ڪيو.
4 . ” وليم بيڊرول“ عربي لغت تيار ڪئي .
5 . ” ايڊورڊ پوپڪ“ حلب (شام) مان عربي جي تعليم حاصل ڪئي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ عربي جو پروفيسر ٿيو ۽ ڪيترائي عربي مقالا لکيائين .
6 . ” چاپلو“ مقامات حريري (جيڪوعربي ادب جو شاهڪار ڪتاب آهي) جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو .
7 . ” جارج سيل“ عربي نظمن کي انگريزي ۾ ترجمو ڪيو .
8 . ” سر وليم جونز“ عربي جي ” امثال“ جو انگريزي ترجمو ڪيو.
9 . ؟ ايڊمينڊ گريوز“ عربي جي اهميت بابت ڪتاب لکيو .
10 . ” پريڊو“ حضورﷺ بابت ڪتاب لکيو.
11 . ” سائن اوڪلي“ اسلامي علومن جي اهميت بابت ڪتاب لکيا.
12 . ” سر وليم مور“ اسلامي تاريخ ۽ حضور ﷺ تي ڪتاب لکيا .
13 . ” جيراڊ “ 80 عربي ڪتابن جي انگريزي ترجما ڪيا.
هن کان سواءَ سوين ڪتاب اهڙا آهن جن جو عربي مان ترجما ٿيا ۽ اڃ تائين عربي ڪتابن جا انگريزي ۾ ترجما پيا ٿين
انگريزن جو اعتراف؛
” ڊاڪٽر ڊريپر“ چوي ٿو ؛
” وچين دور ۾ سائنس جي ترقي مسلمانن جي بدولت ٿي هئي هن وقت عيسائي دنيا تي جهالت ۽ وهمن جي اونڌائي ۾ هئي ۽ هنن کي علمي مشغلن جي هوا تائين نه لڳي هئي“
” پروفيسر آرلنڊ” چوي ٿو ته ؛
” عربي ڪتابن جا سوين ترجما يورپ جي برباد زمين تي برسات بڻجي برسيا ۽ مختلف علمي شعبن ۾ هلچل پيدا ٿي “
” لينان“ چوي ٿو ته ؛
” يورپ وارن عربن کان تهذيب حاصل ڪيو يورپ ۾ عربي جا علم اسپين ، سسلي ۽ اٽلي وٽ پهتا جيڪر عرب جو نالو يورپ جي تاريخ مان ڪڍي ڇڏبوته يورپ جي نئي سر اڏاوت ڪيترائي سال پوئتي وڃي پوي ها.“ .

دوستون اهي ڪجه حقيقتون هيون جيڪا مون ونڊ پئي ڪيون اصل ڳالھ مقصد جي اها آهي ته اسين جڏهن هر ميدان ۾ اڳتي هئاسين ته سرخرو هئاسين جڏهن اسين محنت ۽ جستجو کي ڇڏي ڏنو ته ڏينهون ڏينهن پوئتي ۽ زوال ڏانهن پياسين اڄ به جيڪر اسين لغويات ۽ فضوليات جي پٺيان هلڻ ڇڏي مثبت ۽ صحيح سمت ڏانهن وک کڻڻ جو سعيو ۽ ڪوشش ڪنداسين ته هوند چند سالن ۾ پنهنجو گم ٿيل ميراث حاصل ڪري وڃون ۽ ٻيهر ڪامياب ۽ سرخرو ٿي وڃون ، اچو ته مثبت سوچيو اسلام تي پورو پورو داخل ٿي هر ڳالھ کي دين جي رهنمائي ۽ نبي ڪريم ﷺ جي احڪامن تي هلي ڪري پنهنجو وڃايل معيار ۽ مقام حاصل ڪريون . الله تعالى سڀني جو حامي ۽ ناصر ٿئي (آمين يا رب العالمين)

  تحرير؛ افتخار علي چوهاڻ

No comments: