محسنِ پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان
پاڪستان
جي ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ايٽمي طاقت
آهي ، ڊجڻ جي ڪابه ڳالھ نه آهي. قوم جيڪا عزت ڏني آهي هن جو ڪو به مٽ ۽ نعم
البدل نه آهي .
اڄ انسان الله تعالى جي ڊنل عقل ۽ سمجه ۽ ذهانت کان ڪم وٺندي پنهنجو
پير چنڊ تي ڄمائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي . هزارين ڪلاڪن جي پنڌ کي صرف چند
ڪلاڪن ۾ طي ڪري رهيو آهي . فضائن کي پنهنجي تابع ڪري رهيو آهي سمنڊ جي
گهرائي ۾ ان جا پير مضبوط ٿي چڪا آهن . اشرف المخلوقات جي منصب تي فائز ٿي
ڪري بني نوع انسان ترقي ۽ ڪاميابي جي شاندار سنگ ميل کي پار ڪيو آهي .اڄ جي
دنيا ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ انساني زندگيءَ کي گهڻو وڌيڪ پنهنجي ويجهو ڪيو
آهي ۽ انسان سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ جي اهميت کان ڀڄڻ جو رستو نٿو اختيار ڪري
سگهي .
پاڪستان کي وجود ۾ ايندي جيتوڻيڪ گهڻو وقت نه ٿيو آهي پر انهيءَ 63
سالن جي زندگيءَ ۾ بي شمار حادثن ۽ واقعن کي پنهنجي دامن ۾ محفوظ ڪيو آهي .
جتي وڏا ۽ افسوس ناڪ ۽ عبرت انگيز افسانا هن پاڪستان جي تاريخ جو حصو آهن
اتي چند مثبت ۽ سٺا واقعا * ڪارنامه به هن جي عظمت کي چار چنڊ لڳائن ٿا .
پاڪستان ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ ۽ انجينئرنگ جي شعبي کي
جن نامور سائنسدان نئين زندگي بخشي انهن مان هڪ ۽ سڀنيءَ کان اهم نالو ”
ڊاڪٽر عبدالقدير خان صاحب“ جو آهي . ڊاڪٽر عبدالقدير خان صاحب پاڪستان جي
تاريخ ۾ اهي عظيم ڪارنامه سرانجام ڏنا آهن جنهن تي پاڪستان کي ناز ۽ فخر
آهي .
ڊاڪٽر عبدالقدير خان ڀوپال جي انهيءَ سرزمين تي 1936 ء ۾
پيدا ٿيو جنهن سرزمين تي بي شمار عظيم ۽ نامور شخصيتون پنهنجيون اکيون
کوليون . ڊاڪٽر صاحب جو والد جو نالو عبدالغفور خان هو جيڪو معلمي ۽
استاديءَ واري پيشي سان لاڳاپيل هو ۽ هڪ هائي اسڪول ۾ هيڊ ماسٽر ۽ صدر مدرس
جي حيثيت سان پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪري رهيو هو . جون 1947 ء جو سال
قيام پاڪستان جي صورت ۾ جلوه افروز ٿيو . بيشمار ٻين خاندانن وانگر ڊاڪٽر
عبدالقدير خان جو خاندان به هجرت ڪري ڪراچيءَ ۾ پنهنجو ٺڪاڻو اڏيو . ڊاڪٽر
عبدالقدير خان صاحب 1952ء ۾ ڪراچيءَ ۾ آباد هو ليڪن ميٽرڪ جو امتحان ڀوپال
مان ئي پاس ڪيو هو . ڪراچيءَ ۾ اچڻ کان پوءِ پاڻ ڪراچي جي عظيم ڪاليج جنهن
کي اڄ اسين ”ڊي جي ڪاليج“ جي نالي سان سڃاڻيندا آهيون انهيءَ ڪاليج ۾
داخلا ورتي ۽ انٽر ۽ بي ايس سي پاڻ انهيءَ ڪاليج مان ڪيائون .
ان کان پوءِ نوڪري جي ڳولھا ۾ ويو انهن کي هڪ سرڪاري
اداري ۾ نوڪري ملي وئي پر انهن جو ضمير ۽ اندر هن ڳالھ تي مجبور ڪندو رهيو
ته هو اڃان وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ قدم اڳتي وڌائي ، چنانچه انهن نوڪري
مان موڪلائي ورتو ۽ وڌيڪ اعلى تعليم لاءِ آگسٽ 1961 ء ۾ يورپ جو رخ ڪيو ۽
جنهن ملڪ جي انهن چونڊ ڪئي هن جو نالو اولھ جرمني هو . اولھ جرمنيءِ جي
”شارلٽن برگ“ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين . جتي ٻن سالن تائين پنهنجي علمي
اڃ کي ڪجه گهٽ ڪيو . ان کان پوءِ هالينڊ جي شهر ”هيگ“ کي پنهنجي اڳين منزل
بڻايو ۽ هالينڊ جي ٽيڪنالوجي يونيورسٽي مان” ايم ايس سي “جي سند اعلى
نمبرن مان حاصل ڪيائين .
1968 ء ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان صاحب هالينڊ کي خير آباد چيو ۽
بيلجيم جي قديم ”ليون“ يونيورسٽيءِ ۾ داخلا ورتي . جتان پاڻ 1972 ء
”ڊاڪٽري آف فيزيڪل مٽلرجي “جي ڊگري حاصل ڪئي . جڏهن ڊاڪٽر عبدالقدير خان
بيلجيم جي يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو انهيءَ وچ ۾ 1971 ء ۾
پاڪستاني تاريخ ۾ اهو عظيم سانحو پيش آيو جنهن لکين محب وطن پاڪستانين کي
رت جا ڳوڙها روارڻ تي مجبور ڪيو يعني مشرقي پاڪستان جو حادثو . انهيءَ
سانحيءَ ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي بي حد غم ڏنو چنانچه پاڻ پاڪستان جي بچاءِ
۽ ان جي استحڪام کي وڏيڪ وسيع ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ يورپ ۾ ئي رهڻ جو ارادو
ڪيو ۽ تعليم کان فراغت کان پوءِ هالينڊ شهر ايمسٽرڊيم جي هڪ انجينئيرنگ جي
اداري ” اي ڊي او“ سان پاڻ کي منسلڪ ڪيو . جنهن کي دنيا ”فزيڪل ڊائنا ميڪل
انجينئرنگ ريسرچ ليبارٽريءِ“ جي نالي سان سڃاڻيندي آهي . ڊاڪٽر عبدالقدير
خان صاحب انهيءَ ريسرچ ليبارٽري کي پنهنجي ذهن ۽ دماغ ۾ مڪمل طور تي محفوظ
ڪري ڇڏيو. ۽ وقت سان گڏ پاڻ انهن سڀنن سائنسي حقيقتن ۽ رازن کي پنهنجي
گرفت ۾ محفوظ ڪيو. جنهن تي دنيا جا چند وڏا ملڪ گجهي طريقي تي ڪم ڪري رهيا
هئا . ڊاڪٽر صاحب جي قابليت ۽ صلاحيت ۽ پنهنجي ڪم ۾ مهارت انگريزن کي ڏاڍو
متاثر ڪيو . چنانچه انهن ڊاڪٽر صاحب جي صلاحيتن مان پوري طور تي فائدو وٺڻ
جي ڪوشش ڪئي . ۽ ڊاڪٽر صاحب کي”الميلو“ جي ايٽمي پلانٽ تي بطور مشير جي
مقرر ڪيو .
ڊاڪٽر عبدالقدير خان صاحب يورپ ۾ رهڻ جي وچ ۾ تعليم حاصل
ڪرڻ سان گڏوگڏ چند يونيورسٽي زبانن تي به مڪمل عبور ۽ مهارت به حاصل ڪئي
هئي .چنانچه ڊاڪٽر صاحٻ کي اهڙا اهم دستاويز ۽ معلومات ترجمي ڪرڻ جي لاءِ
ڏنا ويا جن کي هرحال ۾ خفيه رکڻ ضروري هو . پاڻ 1975 ء ۾ مستقل طور تي
پاڪستان اچڻ جو پروگرام ترتيب ڏنو . ڊاڪٽر عبدالقدير خان جنهن ريسرچ
ليبارٽري ۾ پنهنجا فرائض ۽ سر انجام ڏئي رهيو هو انهي اداري ڊاڪٽر صاحب کي
حسني ڪارگردگي جي اعلى ترين اعزازن سان نوازيو . پاڪستان ۾ ان وقت جي وزيرِ
اعظم ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ڊاڪٽر عبدالقدير خان صاحب کي ”ڪهوٽا ايٽمي
ريسرچ “جو منتظم اعلى مقرر ڪيو ۽ هو انهيءَ اهم پروجيڪٽ تي ڏينهن رات ڪم
ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو . ڊاڪٽر عبدالقدير خان پاڪستان جي مسلمانن ۽ اسلامي
دنيا لاءِ اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو جيڪوهن جي زندگيءَ جو مقصد حيات هو .
هاڻي يورپ ۽ غير ملڪي قومون جيترو به شور ۽ ڳوڙ ڪن يا هنگامو ڪن نيري ڇت
واري ڪائنات جي بادشاه الله رب العزت پنهنجو ڪم ڪرائي ڇڏيو ۽ الله پاڪ جو
اسان تي اهو وڏو احسان آهي .
ڊاڪٽر عبدالقدير خان صاحب تي 1983ء ۾ ايمسٽر ڊيم جي عدالت
ايٽمي راز چورائڻ جو الزام لڳايو ۽ ڪيس دائر ڪري ڇڏيو ۽ ڊاڪٽر عبدالقدير
خان جي غير حاضريءَ تي چئن سالن جي سزا ٻڌائي وئي . ڊاڪٽر عبدالقدير خان
سان حڪومتِ پاڪستان ڇا ڪري رهي آهي ، انهيءَ بحث ۾ وڃڻ ۽ شور ڳوڙ ڪرڻ سان
ڪجه به حاصل نه ٿيندو . قوم کي ڪالھ اڄ ۽ آئيندي به هميشه ڊاڪٽر
عبدالقدير خان تي ناز ۽ فخر رهندو ۽ فخر ۽ ناز ڇو نه هجي جو ڊاڪٽر
عبدالقدير خان پنهنجي وجود سان هزارن جي تعداد ۾ قدير خان پيدا ڪيا آهن
جيڪي پاڪستان جي ٽيڪنالوجيءَ جي ميدان ۾ ڏينهن رات ڪم ۾ مصروف آهن ۽
پاڪستان کي ترقيءَ جي رستي تي آڻڻ جي لاءِ ڏينهن رات مصروف آهن . هاڻي
پاڪستان جي قوم جي ذميداري آهي ته اهي پنهنجيون اکيون کولين ۽ دوست ۽ دشمن
جي شناخت ۽ سڃاڻ ڪن .
ورتل ؛ ماهوار الفارق سنڌي جي ٿورن سان
ڪمپوزر؛ افتخار علي چوهاڻ
No comments:
Post a Comment