4 Apr 2011

سياسي معاهدو ۽ اخلاقي عهد جي پاسخاطري

سياسي معاهدو ۽ اخلاقي عهد جي پاسخاطري



اڄ شايد آزاديءَ جي اها ڀاڳن ڀري گهڙي ڪافرن جي ڏمڙ ۽ قهر کي لتاڙي مظلوميت جي ڪنڌيءَ ٿي آهي ، جڏهن مان به مڪي جي قيد جي ڏاڍ ۽ ا لم مان نڪري مديني ڏانهن پنهنجي ڀائرن تائين اڏامي سگهندس . حضرت ابو جندل رضيه الله عنه چپن ۾ ڀڻڪيو ۽ پيرن کي ڦٽيندڙ بي رحم زنجيرن تي حسرت ڀري نگاه وڌائين جيڪي سندس غير مسلم پيءُ پنهنجي پٽ کي فقط انهيءَ ڪري وڌا هئا ته هن سچو دين ڇو قبوليو آهي ۽ تنهن لاءَ سڄي دنيا کي ٿڏي اڇلائڻ لاءِ ڇو سندرو ٻڌو اٿس . مڄاڻ ڪڏهن کان هجرت کانپوءَ مديني جي اسلامي مرڪز کان دور مڪي جي قيد خاني ۾ روح کي رنجائيندڙ سزائون ڀوڳي رهيو هو ۽ اوسيئڙي ۾ هو ته ڪڏهن هو ڪفر جا زنجير ٽوڙي آزاديءَ جي ماحول ۾ ساه کڻندو ۽ مديني جي مٽيءَ تي سر سجدي ۾ آڻي مالڪ ۽ خالق جي شڪر ادا ڪري سگهندو .

” اڄ آزاد ٿيڻ جو بهترين وهج آهي .“ هن دل ۾ سوچيو ، “ڇو ته بابا مڪي جي سردارن سان گڏجي حديبيه ويل آهي ، جتي مديني کان آيل مسلمانن جو لشڪر مڪي جي ڪافرن سان صلح جا شرط طئي ڪري رهيو آهي . ” اهو سوچيندي هڪ سخت ڪوشش کان پوءِ هن پنهنجي پيرن کي زنجير کان آجو ڪري ورتو ۽ ٿڙندو ان منزل ۽ ماڳ تي وڃي پهتو جتي مدت کان سندس وڇڙيل مسلمان ڀائر موجود هئا . اهڙو انسان جيڪو مٽن مائٽن ۽ پنهنجي پيءُ لاءِ مذهب مٽائيندي ئي ڌاريو ۽ دشمن بڻجي ويو هو . هينئر انهن سوين انسانن کي ايترو ڏسي بي اختيار سرهائي محسوس ڪري رهيو هو . جيڪي سچ پچ هن جا پنهنجا هئا . جن جي جسمن ۾ ڀلي ڪهڙو به رت ڦري رهيو هو پر سندس سرير ۽ روح ۾ هڪ ٻئي جي محبت ، پريت ۽ پاٻوھ سمايل هئي . جن ۾ سندن دليون هڪ ٻئي لاءِ ڌڙڪي رهيون هيون . ابو جندل رضيه الله عنه ڪاميا بيءَ ۽ سڪون وچان ساھ کڻي شوڪارو ڀريو . بي وسيءَ جي واچوڙي ۾ نئين همت ، ڏڍ ۽ ولولو ڪر کڻي اڀريو_!_ ٻڏندڙ دل جا اڌما خوشيءَ جي خرارن سببان چپن تي مرڪ بڻجي ترڻ لڳا . پر هن کي اها ڄاڻ نه هئي ته آزاديءَ کان هن نجات جي منزل ۽ ماڳ جيڪو سندس اکين آڏو هو، تنهن کان هن جا قدم اڃا گهڻو پري هئا ! سندس چپن تي ترندڙ مرڪ جو ملھ اڇا کيس ادا ڪرڻو آهي . هن کي ڪهڙي خبر ته ايماني تعلق جي چاشنيءَ ۾ رچي جڏهن هو مسلمانن جي سيني سان سينو لائن لاءِ وڌندو ته بلڪل ان گهڙيءَ صلح حديبيه جو هڪ اهم شرط زنجير بڻجي سندس قدمن کي روڪي وٺندو .

مسلمان ڀائرو ! ڏسو آءُ اچي پهتو آهيان ! “ مسلمانن ابو جندل رضيه الله عنه جي اندر مان نڪتل هي سڏ ٻڌو ته سيني ته سڀني ڪنڌ ڦيرائي ڏانهنس نهاريو ، هو پيرن ۾ ٻيڙيون پاتل ٿاٻڙندو رت وهايندو وڌندو پئي آيو خوشيءَ ۽ سڪ وچان هن کان اهو به وسري ويو ته سندس ظالم پيءُ به اتي بيٺو هو ۽ ڪاوڙ وچان تارا ڦوٽاري کيس گهوري رهيو هو . مڪي ۾ ڪاٽيل وحشي سزائون ۽ پيرن ۾ اٽڪيل ٻيڙيون به هن کان وسري ويون .

اهو اندازو ڪوئي نٿو لائي سگهي ته مٺڙي مدني مرسل صلى الله عليه وسلم جي دل تي هن منظر سبب ڇا وهيو واپرايو ۽ مسلمانن ڇا ڇا محسوس ڪيو ! جوش ، محبت ۽ ايماني غيرت جي تقاضه هئي ته مسلمان قيديءَ کي زنجيرن کان آجو ڪري ڪافرن جي ڄار مان باهر ڪڍيو وڃي ۽ ظالمن کي ساڳيءَ طرح ڦٽي پنهنجي ڏيھ اماڻيو وڃي . پر صلح حديبيه جو اهو شرط هن عظيم ترين اصول جو مطالبو ڪري رهيو هو جنهن کي اخلاق جي ٻوليءَ ۾ واعدي وفائي يا انجام پاڙن چئجي ٿو .

۽ نيٺ جڏهن ڪافرن تي مسلمانن ۽ سچي رسول صلى الله عليه وسلم جي ڪنهن به منٿ ميڙ جو اثر نه ٿيو ته رسول ڪريم صلى الله عليه وسلم ابو جندل رضيه الله عليه کي دلجاءِ ۽ تسلي ڏئي وري ساڳي باھ جي ڀنڀٽ يعني مڪي ڏانهن موٽي وڃڻ جو حڪم ڏيندي فرمايو ، ته ” تنهنجي لاءِ الله ڪا واٽ ڪڍندو . “

خودغرضيءَ ۽ منافقت ۾ ٻڏل هيءُ دنيا تصور ڪرڻ کان به معذور آهي ته هڪ مسلمان ٻئي مسلمان کي ان وقت ڪيڏو عزيز رکندو هو . انهيءَ روحاني ۽ قلبي محبت جي جذبي کي جتي رت سان ريٽيل تلوارون ابو جندل رضيه الله عنه جي موٽ کي منظور نه پئي ڪرائي سگهيون اتي ڪاغذ جي ٽڪري تي چند لفظن ۾ لکيل معاهدي جي هڪڙي شرط ڌڙڪندڙ دلين جي محبت ۽ اتساھ کي اڳتي وڌڻ کان جهلي بيهاري ڇڏيو هو . جذبن جي جوشيلي ڪاھ اخلاقي اصول جي بند تي اچي پنهنجي راضپي سان موٽي وئي . هن سڄي ڏيک ۾ سڀ کان نيارو ان قيديءَ جو ايثار جو جيڪو پنهنجي ديني ڀائرن وٽ پهچڻ کان پوءِ وري اخلاقي عهد جي نالي تي ڪافرن جي هٿ موٽايو پئي ويو . هن نئين آزمائش ۽ ايذاءَ کان بچڻ جي هڪ ئي واھ هئي ۽ اها هيءَ ته مسلمانن کان بيزار ٿي دين سان بغاوت ڪري ۽ ڪافرن وٽان انعام ۽ آسودگي حاصل ڪري ، پر تاريخ گواھ آهي ته قيديءَ واپس ويندي جيڏي گهڻي بي وسي محسوس ڪئي ، دين مٿان سندس ايمان اوڏو ئي وڌيڪ پختو ۽ اٽل ٿي ويو .هن کي ته واپس ڪرڻ وارا کيس موٽائڻ لاءِ ڪيڏو بي چين آهن پر هڪ سياسي معاهدو اخلاقي طاقت کي پرکي رهيو هو ، ۽ هو سڀ خون جا ڳوڙها ڳاڙي ۽ دلين ۾ گهارو سهي هن امتحان ۾ سرها ، سرخرو ۽ ڪامياب ٿيا .

پر اڄ جڏهن سياست جا اصول ئي هن بنياد تي گهڙيا ويا آهن ته هر مفاد حق آهي ڀلي اهو ڪيڏو ڪوڙ هجي ۽ مفاد جي خلاف هر شيءَ ڪوڙي آهي ، ڀلي اها ڪيڏي به وڏي سچائي ڇو نه هجي . اڄ آهي ڪو مانجهي مڙس ! ، جيڪو سياست کي حق پسنديءَ جو وڃايل ڪردار موٽائي وٺي ڏئي ؟ _ دنيا جي نقش تي وکريل ڪيترا مسلم ملڪ وقت جي هن سڏ کي ٻڌڻ به گوارا ڪري سگهن ٿا ! عمل جي ته ڪا ڳالھ ئي ناهي .ٿورو سوچيو ته ڪيترو ذليل ۽ خوار ٿيڻ کان پوءِ به اسين اسلام کان هي مطالبو ڪري رهيا آهيون ته اسان کي ” مسلمان “ ئي سمجهيو وڃي .

تنهن پراٺن مينهڙا ، جنهن پر گهريائون ،
رضا جي رحمان جي ، پڇي پاريائون ،
ملير ماڻيائون ، حڪم ساڻ حبيب جي .
( شا ھ )



ڪتاب ؛ ڇا اسين مسلمان آهيون ( حصو پهريون)
ليکڪ ؛ شمس نويد عثماني
ترجمو ؛ انجنئير عبدالمالڪ ميمڻ

ڪمپوزر ؛ افتخار علي چوهاڻ

No comments: