4 Apr 2011

زر ، زن ، زمين_ يا آخرت

زر ، زن ، زمين_ يا آخرت

مدائن جي خوبصورت علائقي ۾ شهر جا معزز ماڻهو نئين حاڪم جو اسقبال ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن . عقيدت ۽ احترام ، جي سرهائيءَ ۾ کين حضرت حذيفه رضيه الله عنه جو اوسيئڙو هو ، جيڪو اميرالمومنين حضرت عمر رضيه الله عنه جي درٻار مان خلافت جي ڪانگ کنيو هن شهر ۾ پهچڻ وارو هو .
اقتدار ۽ عام پسند هئڻ جي مضبوط هٿيارن سان جهنجهيل حذيفه رضيه الله عنه هن وسنديءَ مان ڪهڙي شيءِ وصول نه پئي ڪري سگهيو؟ شاندار آجياڻو ، عيش عشرت جو سامان ، زر ، زن ۽ زمين ، هيرن جواهرن جا انبار ، مطلب ته اهو سڀ ڪجه جيڪي اڄوڪا حاڪم ڏينهن رات ميڙي رهيا آهن . پر هن پنهنجي مطيع ۽ فرمابردار رعيت کان ڪا به شيءِ گهري اها هنن سڀني شين کان نرالي هئي. حضرت عمر رضيه الله عنه جو فرمان پڙهي ٻڌائڻ بعد جڏهن هو ميڙ ۾ بيٺو ته ڪيترن ئي واتن تي هي اعلان ڪيو هو ته ” اوهان کي جنهن شيءِ خواهش هجي اها حاضر ڪئي وڃي.“ حذيفه رضيه الله عنه کليل جواب ڏنو ، “ صرف ايتري ماني جنهن سان پيٽ ڀرجي سگهي ۽ ايترو گاھ جنهن سان منهنجي سواريءَ جو جانور جئيرو رهي سگهي ۽ بس . “
هي هو اهو ذاتي خراج جيڪو هڪ گورنر پنهنجي رعيت کان طلب ڪيو ._ ڏسو ته سهي ، اقتدار ۽ طاقت جو غرور ڪئين سادگيءَ ۽ درويشيءَ جي قدمن تي ڪريو پيو آهي_ ڪئين شاهي دٻدٻو ، ٺاٺ ۽ قناعت جي قيد ۾ جڪڙيل آهي . ڪئين دولت ۽ دينار جو ڇمڪو ۽ چمڪو آخرت جي ڊپ واري نور ۾ نهوڙجي ويو آهي ._ هڪڙو انسان زر ،زن ، زمين ، اقتدار ، زندگي ۽ خواهشن جي هر شيءِ کان پاسيرو ، گهڻو پري _ انهيءَ آخري عدالت جي تصور ۾ ٻڏل آهي جتي بنا ڪنهن لحاظ جي پڇاڻو ٿيندو _ جتي هر نعمت ۽ لذت بابت حساب ڏيڻو پوندو _ جتي دنيا ۾ مليل لک توڙي ڪک جو ليکو ٿيڻو آهي _
اهو ئي اهو تصور هو جنهن حذيفه رضيه الله عنه جي جسم توڙي روح جي لذت پرستيءَ جو ڪٽ لڳڻ نه ڏنو هو . هو اقتدار ۽ حڪومت جي اڪيچار مسئلن جي ميڙ ۾ به اهڙو درويش جو درويش رهيو جنهن جي سموري موڙي چند سامان ڪپڙن ۽ مانيءَ ڳپي کان سواءِ ٻيو ڪجه نه ٿيندي آهي . دنيا سندس جيترو ويجهي هئي هو دنيا کان اوترو ئي دور هو _ سون ۽ چانديءَ سان سٿيل ماحول هن جي دل کي نه ريجهائي سگهيو .
پوءِ جڏهن مدائن جي تخت ۽ تاج کي ڇڏي اچي مديني موٽيو ته سندس واپسيءَ جو ٻڌي امير المومنين حضرت عمر رضيه الله عنه واٽ تي لڪي بيٺو _ اسلام ۽ مسلمان جي اميرالمومنين کي اهو ڏسڻ لاءِ اندر ۾ آنڌ متل هئي ته سندس اماڻيل عيوضي عيش عشرت ، طاقت ، اقتدار ۽ دٻدٻي جي امتحان گاه مان ڪهڙيءَ حالت ۾ واپس وريو آهي _ هن ڏٺو ته حذيفه رضيه الله عنه جيڪي ڪجه ساڻ کڻي ويو هو تنهن کان هڪ ڪک به وڌيڪ موٽائي نه آندو اٿائين_ اهائي سادگي ، اهو ئي عجز ۽ انڪساري ۽ درويشي _ محبت ۽ قدردانيءَ جي ملوڪ جذبي حضرت عمر رضيه الله عنه جي دل کي پسرئي وڌو . هو اڳتي وڌيو ۽ حذيفه رضيه الله عنه کي بي اختيار سيني سان لائي چوڻ لڳو ته ” حذيفه رضيه الله عنه تون منهجو ڀاءُ آهين _ ۽ آءُ تنهجو ڀاءُ آهيان .“
ڪيڏا سادا ۽ مختصر لفظ _ پر هي اهو زمانو هو جڏهن لفظن اڃا پنهنجي معنى نه وڃائي هئي _ جڏهن هر لفظ پنهنجي حقيقي معنى ۽ مطابق ڳالهايو ويندو هو._ اهڙي وقت امير عمر رضيه الله عنه جهڙي مانجهي مڙس ۽ عادل انسان جو ڪنهن کي سعيو ڪري زور ڏئي ” ڀاءُ “ ڪوٺڻ اهڙي ڳوڙهي ۽ ڀرپور معنى وارو اکر هو جنهن جي ڀيٽ ۾ اڄوڪي ساراه ، حمد ۽ ثنا جا دفتر به هيچ آهن .

ڪتاب ؛ ڇا اسين مسلمان آهيون ( حصو پهريون)
مصنف ؛ شمس نويد عثماني
ترجمو ؛ انجنئير عبدالمالڪ ميمڻ
ڪمپوز ؛ افتخار علي چوهاڻ

No comments: