قلب جي صفائي جي دعا ؛
رَبَّنَا ٱغْفِرْ لَنَا وَلِإِخْوَنِنَا ٱلَّذِينَ سَبَقُونَا بِٱلْإِيمَنِ وَلَا تَجْعَلْ فِى قُلُوبِنَا غِلًّۭا لِّلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ رَبَّنَآ إِنَّكَ رَءُوفٌۭ رَّحِيمٌ
سورت حشر آيت 10
ترجمو ؛ اي اسان جا پالڻھار اسان کي بخش ۽ اسان جي (انھن) ڀائرن کي (به) جن ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳرائي ڪئي ۽ مؤمنن به نسبت اسان جي دلين ۾ ڪو ڪينو نه وجھ اي اسان جا پالڻھار بيشڪ تون ڏاڍو شفقت ڪندڙ مھربان آھين.
حالتن جي سڌاري لاءِ دعا ؛
رَبَّنَآ ءَاتِنَا مِن لَّدُنكَ رَحْمَةًۭ وَهَيِّئْ لَنَا مِنْ أَمْرِنَا رَشَدًۭاسورت ڪهف آيت 10
ترجمو ؛ اي اسان جا پالڻھار پاڻ وٽان اسان تي ٻاجھ عطا ڪر ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان لاءِ چڱائي ڪر.
بخشش جي دعا ؛
رَبَّنَآ ءَامَنَّا فَٱغْفِرْ لَنَا وَٱرْحَمْنَا وَأَنتَ خَيْرُ ٱلرَّحِمِينَ
سورت مومنون آيت 109
ترجمو ؛ اي اسان جا پالڻھار اسان ايمان آندو تنھنڪري اسان کي بخش ۽ اسان تي رحم ڪر ۽ تون (سڀ کان) چڱو ٻاجھارو آھين.
اهل عيال جي ڀلائي لاءِ دعا ؛
رَبَّنَا هَبْ لَنَا مِنْ أَزْوَجِنَا وَذُرِّيَّتِنَا قُرَّةَ أَعْيُنٍۢ وَٱجْعَلْنَا لِلْمُتَّقِينَ إِمَامًا
سورت الفرقان آيت 74
ترجمو ؛ اي اسانجا پالڻھار اسان جي زالن ۽ اسان جي اولاد مان اسان کي اکين جو ٺار بخش ۽ اسان کي پرھيزگارن جو اِمام ڪر.
والدين جي بخشش جي دعا ؛
رَبَّنَا ٱغْفِرْ لِى وَلِوَلِدَىَّ وَلِلْمُؤْمِنِينَ يَوْمَ يَقُومُ ٱلْحِسَابُسورت ابراهيم آيت 41
ترجمو؛ اي اسان جا پالڻھار مون کي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ کي ۽ مؤمنن کي (انھي ڏينھن) بخش جنھن ڏينھن حساب کڙو ٿيندو.
پڇاڙي جي چڱائي جي دعا ؛
فَاطِرَ ٱلسَّمَوَتِ وَٱلْأَرْضِ أَنتَ وَلِىِّۦ فِى ٱلدُّنْيَا وَٱلْءَاخِرَةِ ۖ تَوَفَّنِى مُسْلِمًۭا وَأَلْحِقْنِى بِٱلصَّلِحِينَ
سورت يوسف آيت 101
ترجمو ؛ اي آسمانن ۽ زمين جا بڻائيندڙ، تون دُنيا ۽ آخرت ۾ منھنجو وارث آھين، مون کي مسلمان ڪري مار ۽ مون کي صالحن سان شامل ڪر.
رحمت ۽ مغفرت جي دعا ؛
رَبَّنَا ظَلَمْنَآ أَنفُسَنَا وَإِن لَّمْ تَغْفِرْ لَنَا وَتَرْحَمْنَا لَنَكُونَنَّ مِنَ ٱلْخَسِرِينَ
سورت الاعراف آيت 23
ترجمو ؛ اي اسان جا پالڻھار اسان پاڻ تي ظلم ڪيو آھي ۽ جيڪڏھن (تون) اسان کي نه بخشيندين ۽ اسان تي ٻاجھ نه ڪندين ته ضرور ڇيئي وارن مان ٿينداسين.
ٻنهي جهانن جي ڀلائي ؛
رَبَّنَآ ءَاتِنَا فِى ٱلدُّنْيَا حَسَنَةًۭ وَفِى ٱلْءَاخِرَةِ حَسَنَةًۭ وَقِنَا عَذَابَ ٱلنَّارِ
سورت البقره آيت 201
ترجمو ؛ اي اسان جا پالڻھار اسان کي دنيا ۾ (به) چڱائي ۽ آخرت ۾ (به) چڱائي ڏي ۽ اسان کي باھ جي عذاب کان بچاءِ.
صبر ۽ طاقت جي دعا ؛
رَبَّنَآ أَفْرِغْ عَلَيْنَا صَبْرًۭا وَثَبِّتْ أَقْدَامَنَا وَٱنصُرْنَا عَلَى ٱلْقَوْمِ ٱلْكَفِرِينَ
سورت البقره آيت 250
ترجمو ؛ اي اسان جا پالڻھار اسان تي صبر پلٽ ۽ اسان جان پير ثابت رَک ۽ ڪافر ٽوليءَ تي اسان کي سوڀ ڏئي.
آزمائش کان بچڻ جي دعا ؛
رَبَّنَا لَا تُؤَاخِذْنَآ إِن نَّسِينَآ أَوْ أَخْطَأْنَا ۚ رَبَّنَا وَلَا تَحْمِلْ عَلَيْنَآ إِصْرًۭا كَمَا حَمَلْتَهُۥ عَلَى ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِنَا ۚ رَبَّنَا وَلَا تُحَمِّلْنَا مَا لَا طَاقَةَ لَنَا بِهِۦ ۖ وَٱعْفُ عَنَّا وَٱغْفِرْ لَنَا وَٱرْحَمْنَآ ۚ أَنتَ مَوْلَىٰنَا فَٱنصُرْنَا عَلَى ٱلْقَوْمِ ٱلْكَفِرِينَ
سورت البقره آيت 286
ترجمو ؛ اي اسان جا پالڻھار جيڪڏھن وساريون يا چوڪ ڪريون ته اسان کي نه پڪڙ، ۽ اي اسان جا پالڻھار اسان تي اھڙو بار نه رک جھڙو اسان کان اڳين تي رکيو ھيئي، ۽ اي اسان جا پالڻھار (جنھن بار) جي کڻڻ جي اسان کي سگھ ڪانھي سو اسان تي نه رک، ۽ اسان کي معاف ڪر، ۽ اسان کي بخش، ۽ اسان تي مِھر ڪر، تون اسان جو سائين آھين تنھنڪري اسان کي ڪافر ٽوليءَ تي سوڀ ڏي.
شيطان جي شر کان بچڻ جي دعا ؛
رَّبِّ أَعُوذُ بِكَ مِنْ هَمَزَتِ ٱلشَّيَطِينِ وَأَعُوذُ بِكَ رَبِّ أَن يَحْضُرُونِ
سورت المومنون آيت 97 /98
ترجمو ؛ اي منھنجا پالڻھار شيطانن جي وسوسن کان تنھنجي پناھ گھران ٿو. ۽ (اي پيغمبر) چؤ ته اي منھنجا پالڻھار شيطانن جي وسوسن کان تنھنجي پناھ گھران ٿو.
دوزخ جي باه کان بچڻ جي دعا ؛
رَبَّنَا ٱصْرِفْ عَنَّا عَذَابَ جَهَنَّمَ ۖ إِنَّ عَذَابَهَا كَانَ غَرَامًا نَّهَا سَآءَتْ مُسْتَقَرًّۭا وَمُقَامًۭا
سورت الفرقان آيت 65/66
ترجمو ؛ اي اسان جا پالڻھار اسان کان دوزخ جو عذاب ٽار، بيشڪ دوزخ جو عذاب (وڏي) چَٽي آھي.
بيشڪ اُھو آرام ڪرڻ جو ھنڌ ۽ رھڻ جو ھنڌ بڇڙو آھي.
قلب جي سڌاري جي دعا ؛
سورت العمران آيت 8
ترجمو ؛ اي اسان جا پالڻھار جڏھن تو اسان کي ھدايت ڪئي تنھن کان پوءِ اسان جي دلين کي ڏنگائي نه ڏي ۽ پاڻ وٽان اسان کي ٻاجھ عطا ڪر، ڇوته تون ئي بخشڻھار آھين.
ترجمو امروٽي رحمة الله عليه جو ورتل عبدالماجد ڀرڳڙي جي سنڌي ويبسائيٽ تان .
جوڙ يندڙ ، افتخار علي چوهاڻ ( دعائن جو طلبگار )
1 comment:
ادا افتخار ماشاءَ الله زبردستڪم آهي جاري رکو.
ڌڻي اوهان کي وڌيڪ توفيق ڏي
Post a Comment