گناهن کان بچڻ جو مجرب نسخو
حضرت شبلي رحمةالله عليه هڪ واري نيڪ حڪيم کان گناهن جي مرض کان بچڻ جو شافي علاج پڇيو . جواب مليو ته:
حيا جا گل .
صبر ۽ شڪر جي ميوي .
عاجزي انڪساري جي پاڙ .
غم جي ٻج .
سچائي جي وڻ جي پنن.
ادب جي ڇاڻي
حسن ۽ اخلاق جي ٻجن
انهن سڀني شين کي رياضت (روزاني معمول) جي همام دستي ۾ گهوٽڻ ۽ ڪٽڻ شروع ڪيو ،اکين مان روئڻ جي قطرن جو عرق ان ۾ شامل ڪندا رهو ، انهن سڀني دوائن کي دل جي ديڳڙي ۾ وجهي شوق جي چلھ تي ڇاڙهيو
جڏهن سڀ شيون پچي تيار ٿين ته؛
دل جي صفائي واري ڇاڻيءَ مان ڇاڻيو
مٺي زبان جي مٺاس ۽ محبت جي ملائي هيٺ لاهي
خوف خدا جي هوا سان ٿڌو ڪري
فخر غرور جي ٽانڊن کي وسائي
”مان“ کي ماري زندگي گذاريو
گهڻن گناهن کان بچي ويندا . پنهنجي روز مره زندگي ۾ جيڪڏنهن هي سڀ وکر ۽ جزا پنهنجي وزن ۽ طريقي سان ملائي وقت گذارجي ته دنيا ۾ هر مشڪل آسان ٿيندو . فڪر ۽ پريشاني هميشه پري رهندي . اطمينان قلب ۽ سڪون جي دولت ملڻ سان گڏ ايمان جي سلامتي جي نعمت ٿي آخرت موچاري ٿيندي .
ادا انسان کي ٻيو ڇا گهرجي؟؟
ڪتاب ؛ بيمارين جا سبب ۽ جديد طبي علاج ( حصو پهريون ۽ ٻيو)
حڪيم نذير احمد شيخ
ڪمپوزر؛ افتخار علي چوهاڻ
No comments:
Post a Comment