4 Apr 2011

حق جي شهادت جو پڙاڏو

حق جي شهادت جو پڙاڏو

احد جي جبلن مان ڪيڏو ته معصوم آواز اچي رهيو آهي . ”او سعد ( رضيه الله عنه) ! تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ . مون کي ته احد جي ڇانو مان ارم جي باغ جي خوشبو پئي اچي .“ اهو انس ( رضيه الله عنه) جو اهو شوق ڀريو آواز هو جنهن ۾ ايمان ۽ يقين سان سرشار روح پنهنجي منزل ۽ ماڳ رسڻ لاءِ بي قرار هو !. روح جو ان شوق ڀري اتساھ ۾ هو وساري ويٺو هو ته ان وقت هو ڪيڏي وڏي مانڌاڻ ۾ ڦاتل آهي . هڪ اهڙو ميدان جتي ڪفر ۽ شرڪ جون بي رحم بلائون بکين بگهڙن جيان الله جي سپاهين تي پٺيءَ پويان اچي ڪڙڪيون هيون . جتي چئو ڦير رت جي راند متل هئي . جتي ڌرتيءَ کي انساني رت جو ريج آيل هو . مرڻ ۽ مارڻ جون لڳ ڪانڊاريندڙ دانهون ۽ ڪيڪون اڀ ڏاري رهيون هيون . جتي مجاهدين جي رڳو هڪڙي ننڊڙيءَ ڀل اسلام جي سوڀ ۽ سرهائيءَ جو ڪوٽ ڪيرائي وڌو هو . جتي خوف ۽ هراس جي انڌي واچوڙي پهاڙن کي پاڙن کان ڌوڏائي ڇڏيو هو . جتي دشمن جي دريائي وهڪري مجاهدن جي پيرن هيٺان ڌرتي کسڪائي وڌي هئي . جتي الله جي آخري رسول (صلى الله عليه وسلم) جي شهادت جي جي افواھ ايمان ۽ يقين جي ڏاڍن ڏونگرن ۾ ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيو هو ۽ خوف ۽ مايوسيءَ جا ڪارا ڪاونڀار چوڌاري وراڻي ويا هئا . جتي اوچتي حملي ۾ وسندڙ ترارين جي چمڪاٽ دوست ۽ دشمنن سندا ڳچين ڳچ لاهي هٿان لتاڙجي رهيا هئا . جتي الله جو سڀ کان وڌيڪ پيارو ۽ ڀلارو ٻانهو صلى الله عليه وسلم دشمنن جي تيرن جي وسڪار ۾ رت سان رٽيل منهن مبارڪ کي پنهنجي ملڪوتي جمال ۽ مافوق الفطرت قلبي سڪون سان منور ڪيو اسلامي تاريخ جو اهو دردناڪ موڙ ڏسي رهيو هو جتي حق ۽ باطل ، موت ۽ زندگي جي ڇڪتاڻ ۾ مشغول هئا .
موت ۽ تباهيءَ جي هنن هوڪرن ۽ دهشت ۽ دهمان جي انهيءَ اڀ ڦاڙ گهمسان ۾ اڀرندڙ هي آواز تيز تي ٿيندو ويو ۽ وارياسي ميدان ۾ وهندڙ رت جي ريلن کان اسري احد جبل جي چوٽيءَ سان ٽڪرائجڻ لڳو .
انس ( رضيه الله عنه) هن خطرناڪ لڪ ۾ موت ۽ تباهي جي ٻاٽ ڪاري طوفان کي چيريندو احد جي انهيءَ مورچي ڏانهن اڏامندو پئي ويو جتي الله جي رسول ( صلى الله عليه وسلم) مجاهدن جي هڪڙي جٿي کي هر حالت ۾ پير ڄمائي بيهڻ جو حڪم ڏنو هو . ۽ جتان ان جٿي اسلامي فتح جو نظارو ڏسندي اهو سوچيو هو ته انهيءَ حڪم جي اطاعت جو مدو پورو ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي مهل آهي ته جهاد ۾ سوڀاري ٿيڻ کان پوءِ انعامن ۽ غنيمت مان لاڀ پائجي . پر هو وساري ويٺا هئا ته اطاعت ۽ مڃوتيءَ جو سڀ کان نازڪ وقت اهو ئي آهي جڏهن دنيا جي مال مڏيءَ جي ڇڪ ۽ ڪشش مانجهي مڙسن کي ريجهائي پاڻ ڏانهن ريڙهيندي هجي . جتي اکيون دل کي دوکو ۽ دولاب ڏينديون هجن ۽ جتي عين اليقين ۽ ايمان بالغيب جي جذبن ۾ ويڙهاند ٿي رهي هجي .
ٿورن انسانن جي ڀل _ هڪڙي معصوم ڀل سڄي امت جي تاريخ مٿان وڄ بڻجي ڪڙڪي _ چند قدمن جي ٺيڙ سان ڌرتي ۽ آڪاش ڪنبڻ لڳا _ انسانيتجي مستقبل جا بنياد لڏڻ لڳا .پر اڃان سوڌو آزمائش جي وايو منڊل ۾ ڪي اڱر دکي رهيا هئا . اونده ۽ انڌوڪار جي خالي پولار ۾ هيل تائين ڪي کڙ کٻيتا کنڀڙيون هڻي ٽمڪي رهيا هئا .هڪڙو انسان جيڪو ڀل ۽ غلطيءَ جي واچوڙي ۾ وڪوڙِل سچ ۽ سرت جي لاٽ ٻاريو موت جي مرڻينگ ميدان ۾ چرين جيان وڌي رهيو هو ، جتي ڪافرن جا قهري وار مومن مسلمانن مٿان ڪلور ڪري رهيا هئا .
هن عظيم امتحان کي عوج رسائڻ لاءِ مشيت اشارو ڪيو ! دشمن جو لاھ ڌڪيل جٿو حرڪت ۾ آيو ۽ هڪڙي انسان مٿان سوين تراريون اڀيون ٿي وسڻ لڳيون_ پر_ پر هي انسان محبت جي مچ ۾ لهسجڻ ۽ ڄرڪڻ جي پرواھ کان سواءِ پچڻ جو پھ ڪيو وڌندو پئي ويو _ ظلم ، ڏاڍ ۽ ڏهاڪاءَ جون قهري قوتون گجگوڙ ڪنديون مٿس چڙهي آيون _ پر هن مڙس مينڌري کي پنهنجي منزل جي پهچ کان نه موڙي سگهيون _ تيرن جا وسڪارا ٿيڻ لڳا . نيزا ، ڀالا ۽ بڙڇيون هن جي لونءَ ۽ رڳ رڳ کي ڇيهي ڇيڇاڙينديون رهيون _ پر هي مانجهي مڙس رت ۾ ريٽجي ڳاڙهو گهوٽ بڻيو ارم جي باغن مان ايندڙ خوشبوءِ ۽ سٻنڌ ڏانهن رڙهندو ۽ وڌندو رهيو . باھ جي جي ڀنڀٽ ۽ رت جي ريلي ۾ هڪ ٻيڙو لڏندي لمندي به ويرن مٿان ترندو هلندو پئي هليو _ نيٺ_ پرک ۽ پروڙ جي هن لڱ ڪانڊاريندڙ ڪهاڻيءَ کي ڪيچ رسائڻ لاءِ موت جو ملائڪ مشڪندو اڳتي وڌيو۽ زخمن سان چور جسم کي پنهنجي نوراني هنج ۾ کڻي ارم جي باغ واري ابدي منزل ۽ ماڳ ڏانهن اڏاڻو __ ” انسان مري ويو هو پر مرندڙ ٻڏندڙ انسانيت هميشه لاءِ زندھ ٿي وئي هئي .
احد جي لڪن مان اڄ وري ساڳيو آواز پيو اچي __ ”او سعد (رضيه الله عنه ) ! تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ مون کي ته احد جي ڇانو مان ارم جي باغ جي خوشبوءِ پئي ٿي اچي .
اڄ وري مسلمان ملت طاغوت جي ظالم جارحيت کي اوچتي حملي جي واٽ پئي ڏسي __ اڄ وري مجاهدن جو جٿو پنهنجيءَ انهيءَ مورچي کي ڇڏي دنيا جي مال مڏيءَ جي دوکي ۽ دولاب ۾ ڪاهي پيو آهي جتي الله ۽ سندس رسول ( صلى الله عليه وسلم) کيس آخري دم تائين پير ڄمائي بيهڻ جو حڪم ڏنو هو __ اڄ وري ممڻ ۽ مانڌاڻ متل آحي ، جتي تراريون ڀڄي پيون ۽ خود غرضين جي انڌوڪار ۾ پنهنجي پرائي جو فرق ميسارجي ويو آهي __اڄ به الله جي آخري رسول ( صلى الله عليه وسلم) جيان الله جو آخري پيغام باطل جي وحشت وارين ڃاڙين ۾ لڇي ۽ ڦٽڪي رهيو آهي __ سندس منهن رتو ڇاڻ آهي ۽ سندس پوئلڳ ڄنڊا پٽ ۽ ڦڙ جي واچوڙن ۾ ويڙهيا پيا آهن .
زمانو انس ( رضيه الله عنه ) کي پڪاري ٿو __ سڏي ٿو__ ۽ احد جي ماٿرين ۾ گونجندڙ انس ( رضيه الله عنه ) جي ماٺيڻي للڪار زماني کي ڌونڌاڙي ۽ پڪاري ٿي .
[/color]
واڪا ڪرڻ مون وس

ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو





ڪتاب ؛ ڇا اسين مسلمان آهيون (حصو پهريون)
ليکڪ ؛ شمس نويد عثماني
ترجمو ؛ انجنيئر عدبالمالڪ ميمڻ

ڪمپوزر ؛ افتخار علي چوهاڻ

No comments: