اخلاق جو قاتل تير
” جلدي ڪر! مون کي پنهنجو قرض موٽاءِ _ هاڻي جو هاڻي _ هتي ۽ هينئر ! “ نرڙ ۾ گهنڊ وجهي يهوديءَ هي اکر رب جي سچي رسول صلى الله عليه وسلم کي چيا _ اکرن جي گهرائپ ۽ آواز جي چڙهت ههڙي عظيم انسان جي بارگاه ۾ هڪ ڪنبائيندڙ حادثو هو_ جنهن جا غلام سنسد آواز کان پنهنجو آوازن جي ٿورڙي مٿڀرائي کي به پنهنجي دائمي بربادي سمجهندا هئا _ پر اڄ انهن ئي پروانن جي منهن تي الله جي رسول صلى الله عليه وسلم سان الله ۽ رسول صلى الله عليه وسلم جو هڪ منڪر ههڙيءَ ريت مهاڏو اٽڪائڻ جي جرئت ڪري رهيو هو ڄڻڪ سندس آڏو ڪو ” اڻ ڄاڻ“ مانهو هجي . ڄڻڪ کيس ان ڳالھ جو ٿورڙوبه خيال به نه هجي ته هو ” صادق ۽ امين “ سان ڳالهائي رهيو آهي جنهن جي هٿ وس سندس بدترين دشمن جي امانت به هميشه محفوظ رهي آهي .
اصحابي هن گستاخيءَ تي تپي باھ ٿي ويا ۽ شايد سندن جذبا اٿل کائين ها پر اهو ڏسي ڄمي ويا ته مٺڙي محمد مرسل صلى الله عليه وسلم جي مک مبارڪ تي ڳوڙهي سڪون ۽ صبر بدستور قائم آهي . پاڻ سڳورن صلى الله عليه وسلم جي چپن مبارڪ مان جيڪي لفظ نڪتا اهي قرض جي ترت موٽ نه ڪري سگهڻ تي ” افسوس“ ڪرڻ کان واڌارا نه هئق _ افسوس ۽ معذرت جيڪا قرض جي انتها پسندن اڻ مڻندڙ سونهندڙ گهر جي ڀيٽ ۾ گهڻي نرم ۽ نهٺائي واري _ حيوانيت واري مقابلي ۾ انسانيت _ ڏاڍ جي ڀيٽ ۾ نرمي ۽ نماڻائي _ هانءَ ۾ وڍ وجهندڙ لهجي جي جواب ۾ گلن جي ورکا _ گستاخ گهري ورتاءُ جي عيوض پيغمبرانو اخلاق ۽ مٺرو سلوڪ _ بد ڪلاميءَ جي بدران سهڻا ٻول _ هڪ پيغمبر لاءِ ڪيڏو آسان آهي اهو جگر جلائيندڙ ڪم ته بيرحميءَ جي هلت مهل پنهنجي دل ۽ روح کي گهائل ٿيڻ ، پر هن لاءِ اها ڳالھ سهپ کان ٻاهر آهي جو ڪنهن حقدار کي حق جي مطالبي کان خاقت جي زور تي هٿ کڻائي يا ماٺ ڪرائي _ هو هر زيادتيءَ کي برداشت ڪري سگهي ٿو پر ڪنهن تي زيادتي ڪري ٿو ۽ نه ڪرڻ سهي ٿو . اصحاب سڳورا انهيءَ ئي احساس سبب سيني تي صبر جي ڳري سر رکيو اندر ئي ابدر کامي پچي ۽ پڄري رهيا هئا ، پر يهوديءَ کي ڄڻڪ انهن جي جذبن ۽ اڌ مڻ جي ڪائي ڪاڻ ئي نه هئي _ بي وسي ۽ احساس جي وچ ۾ هيءَ ڀوائتي ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ تاڻ شروع ٿي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ هلندي رهي_
يهودي هڪ اڻ ٽر بڇڙي بلا ۽ آفت بڻيو بيٺورهيو _ سچي سردار صلى الله عليه وسلم معذرت کان سواءِ جا واھ نه ڏسي شرافت ڀري ماٺ ڪري ڇڏي_ ۽ وري جڏهن يهوديءَ جي ارھ زورائيءَ مٺڙي مرسل صلى الله عليه وسلم کي ماٺ ڪرڻ به نه سٺو ته وري ڏاڍي نهٺائي ۽ نيزاريءَ وچان قرض نه موٽائڻ تي يهوديءَ کان معذرت ڪرڻ لڳا _ پر يهودي به گهران اصل نه پڙن جو وچن ڪري نڪتو هو ۽ الٽو سندس لهجو وڌيڪ سخت ۽ بي ادبي4 وارو ٿي ويو _ محمد مدني مير صلى الله عليه وسلم جو صبر ۽ سهپ ڏسندڙن لاءِ هيڪاري وڌيڪ ايذائيندڙ ۽ ڏکوئيندڙ بڻجي وئي هئي ۽ سرويچ سوريه وھ جا وٽا پئيندا رهيا _ اصحاب سونهارا حيران ۽ پريشان هئا ته هن سخت آزمائش جي پڄاني ڪئين ٿيندي؟
نفرت ، ڪاوڙ ۽ بي وسيءَ ۾ ٻڏل دليون ۽ خون ڇڏيندڙ اکيون هڪ هڪ پلڪ ان اوسيئڙي ۾ ڪاٽي رهيون هيون ته ڪڏهن ٿي رسول ڪريم صلى الله عليه وسلم جي منهن مبارڪ تي بڇان جي هلڪي ريکا اڀري ءٌ ڪڏهن ٿيون سندن ترارون يهوديءَ جو ڪنڌ لاهين_
پر کين ڪهڙي خبر سندن تلوارون ڪنڌ وڍي ته سگهيون ٿيون پر ڪنڌ جهڪائڻ سندن وس کان ٻاهر آهي_ ڪنڌ جيڪڏنهن جهڪي سگهن ٿا ته فقط حق ۽ صداقت جي ” سهڻي سيرت“ پريت ڀرئي ورتاءِ سان!! _ هنن کي ڄاڻ نه هئي ته اچ رسالت جي عظمت کي پرکڻ لاءِ گهري عقيدت جي اپسمنڊ گستاخيءَ جو ٺاريندڙ نظارو به اکين ڏٺو ته ڪلاڪن کان جيڪا زبان خدا جي سچي رسول صلى الله عليه وسلم کي اڻوڻندڙ مطالبي ۽ بي ادب لفظن جي وڄ ڪيرائيندي رهي هئي . انهيءَ ئي زبان مان هي لفظ پئي نڪتا ته ؛ آءُ شاهدي ٿو ڏيان ته تون الله جو سچو رسول (صلى الله عليه وسلم ) آهين _ هڪ اهڙو حق ۽ سچ ڀريو رسول(صلى الله عليه وسلم ) جنهن جي اخلاق جي ڪسوٽي توريت ٻڌائي آهي_ منهنجي ڏيکاءُ جي گستاخي ۽ بي ادبي جو اڇاترو روپ انهيءَ عقيدي کي پرکڻ جي هڪ ڪوشش هئي جتي اوهان جي عظيم اخلاق سهارو ڏئي مون کي پهچايو آهي.“
ويهڻ ويڄن وٽ ، جي جي سکين ته سگهو ٿئين
اڳئين عادت مٽ ، ته اگها ! عاجز نه ٿئين.
اڳئين عادت مٽ ، ته اگها ! عاجز نه ٿئين.
( شاھ )
ڪتاب؛ ڇا اسين مسلمان آهيون(حصو پهريون)
ليکڪ ؛ شمس نويد عثماني
ترجمو ؛ انجنئير عبدالمالڪ ميمڻ
ڪمپورز ؛ افتخار علي چوهاڻ
No comments:
Post a Comment