خودپرستي ۽ خدا پرستي ءَ جو مقابلو
”محمد (صلى الله عليه وسلم) ! _____ ٻاهر نڪر ! “
غرور ۽ تڪبر سان آڪڙيل لهجي ۾ ڪنهن مديني جيءَ هير صلى الله عليه وسلم جي در تي سڏ ڪيو ، پر رحم ڀريءَ نازڪ دل تي هلڪڙيءَ رهنڊ رسڻ کان پوءِ به عظيم اخلاق وچان مشڪندڙ مکڙو سڏ تي در کان ٻاهر نڪري نروار ٿيو. گستاخ هلاند ۽ خود پرستي ءَ جي هڪل هئي ته ، مرڪ ڀريا جواب خدا پرستي جو اعلان هودر تي نڪري محمد صلى الله عليه وسلم ڪارڻيءَ ڏٺو ته سڏيندڙ بني تميم جو سرڪش ۽ مٿي ڦريل ڪافرن جو هڪ وفد آهي ، جنهن سان نسلي وڏائي ۽ فخر جا نعرا هڻندڙ شاعرن جون ٽوليون به آهن ۽ لفظن جي زور تي ڪوڙ کي سچ ۽ سچ کي ڪوڙ ڪري پيش ڪندڙ فنڪارن جو جٿو پڻ !
”ڇا گهرڻ آيا آهيو؟“ صبر ، اخلاق ۽ ايثار ۾ ڀرپور آواز الله جي مٺڙي رسول صلى الله عليه وسلم جي پاڪ چپن تي تري آيو .
”مفاخره جو مقابلو “ (فخر ۽ وڏائيءَ جي چٽا ڀيٽ ) نسلي ٺٺ ٺانگر ۽ قبائلي ناز نخري ۾ نچندڙ وفد وراڻيو ، ”اسين هن لاءِ آيا آهيون ته اسان جا جادوگر شاعر ۽ گفتار جا غازي توهان تي اهو ثابت ڪن ته اڄ عرب جي ڌرتيءَ مٿان بني تميم کان وڌيڪ عظيم ٻيو ڪوئي ڪونهي . ڇا اسان جي للڪار توهان قبوليو ٿا ؟ “ ” نه“ اهو مکڙو مبارڪ جيڪو هيل تائين هر ذاتي توهين تي صبر ڪيو مرڪي رهيو هيو ، يڪدم انسانيت سان هن هيچ مذاق ۽ ٺٺول تي حق جي غيرت وچان ٽامڻي هڻي ويو. ”نه! “ مان دنيا ۾ انهيءَ لاءِ ته نه موڪليو ويو آهيان جو رت ، رنگ ۽ نسل جا قصيدا ڳائي انسانيت جو خون ٿيندي ڏسان! _ پر!_ پر جيڪڏنهن توهان الله جي ٻانهن کي مقابلي لاءِ للڪاريو ٿا ته هن ميدان ۾ به اسين پوئتي نه پونداسين . “
مفاخري جي مقابلي تي راضي جو اشارو ملڻ تي ڪافرن جي ڪٽڪ مان عطار دين حاجب بني تميم جي عظمت ۽ شان جو مغرور ترانو ڳايو ۽ هٺ ۽ وڏائيءَ جي خرمستين کي تسڪين ڏيندڙ ڪابه ڳالھ پنهنجي حريف لاءِ نه ڇڏيائين . بني تميم جي سرڪش ڪافرن جا سينا جذبات جي تڪبر وچان ڦونڊ ۾ ڀرجي ڦوڪجي ويا ۽ وحشت ڀريءَ خود پرستيءَ جو جنون سوڀاري انڌ جي گهوڙي تي چڙهي اهو ڏسڻ لاءِ ماٺ ٿيو ته هن خود ثنائيءَ جي ورندي ڏيڻ لاءِ دشمن وٽ ڪهڙو هٿيار آهي!_
پر _ ڪافرن جا وات حيرت وچان ڦاٽي ويا جڏهن هنن ڏٺو ته خدا پرستن پنهجي عجز ۽ نهٺائيءَ جو اقرار ڪري خود پرستيءَ ۽ خود ثنايءَ جي مغرور منهن تي ڀرپور ڇماٽ وهائي ڪڌي آهي . مسلمانن جي هڪڙِ مرد هڪل ڪئي ته ، او بني تميم ! اسين ۽ توهين انسان آهيون . جيڪي جهانن جي اپائڻهار هڪڙي الله جا حقير ٻانها آهيون عظمت ، غرور ۽ ڪبريائي فقط هن الله واحد ۽ احد کي ڄڳائي . او بني تميم! توهين خودفريبيءَ جي جنهن ڄار ۾ ڦاتل آهيو اسان کي ڄار جي چڪر مان هن عظيم هستيءَ صلى الله عليه وسلم اچي آجو ڪيو ، جنهن کي مفاخرت جي مقابلي لاءِ توهان هٺ ۽ نخري وچان للڪاريو آهي . بني تميم ! توهان جي شاعريءَ ۽ گفتار جي خرارن توهان کي خود پرستيءَ جي دوکي ۾ وچڙايو آهي . پر اسان کي الله جي ڪتاب ” قرآن“ انهيءَ چريائپ جي اونداهي چڪر مان بچائي سنئين راه رسايو آهي .“
عرب جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مفاخرت جو مقابلو انساني عجز ۽ انڪساري جي اعلان ته ختم ٿي رهيو هو . ڪافرن منهن ڀيلا ٿي مسلمانن ڏانهن گهوري رهيا هئا . لفظن جي ٽيڪ تي پنهجي عظمت جو ڌوڪو ڏيندڙ سچائيءَ جي سڌي روشنيءَ آڏو اکيون مهٽي رهيا هئا پر ترورا سندن ٻوٽيل اکين ۾ پيهندا ٿي ويا . ”ڪفر “ حق جو هوڪي جو رخ موڙن لاءِ هڪ ڀيرو وري زماني جون ڏند ڪٿائون ڳائڻ لڳو ۽ اهڙيءَ ريت هن سچائيءَ جي مقابلي ۾ طاقت جي رڳ رڳ ۾ زهر اوتڻ جي ڪوشش ڪئي.
پر ان ڀڙڪائڻ واري بڪواس جي جواب ۾ مسلمانن ايماني شوق منجهان ”الله اڪبر “ جي ساڳئي سچي صدا بلند ڪئي ، جنهن ڪفر ۽ شرڪ جا فولادي ڪوٽ ڪيرائي ڇڏيا هئا .اڄ انساني خود پرستيءَ جي مهابت مٿان هڪ هيڪاندي ڪرڻ وارو وار ٿيو هو .انسان پاڻ کي ننڍو مڃي پنهجي الله جي ڪبريائيءَ جو اعلان ڪري رهيو هو . مسلمانن جي ميڙ مان حضرت حسان بن ثابت رضه اڳتي وڌي چوڻ لڳو ته ، او بني تميم ! توهين پاڻ کي وڏي ثابت ڪرڻ ۾ جي انڌ ۾ ايڏا مست ۽ مگن ٿي ويا جو پنهجي خدائن جي وڏائيءَ کي به وساري ويٺا .
خود پرستيءَ جي وراڻيءَ ۾ خداپرستيءَ جي اعلان جي مقابلي جي سموري وحشت مٿان رلهي وجهي ڇڏي. ڪافرن هڪا ٻڪا ٿي هڪٻئي جي پيرن ۾ نهارڻ لڳا . پر حق جو هوڪو ٻڌي اقرع بن حابس رضه ڪفر جي صفن کي ڇني نڪري اچي مسلمانن جي ڇاتيءَ لڳو . سچائيءَ جي سٽ نه سهي سگهندڙ ۽ ڀاڄ کائيندڙ دشمن ڏٺو ته سندن پنهجي جٿي جو جوان هي چوندي وڃي مسلمانن سان مليو ته ، ”اي بني تميم ! توهان جي خود پرستيءَ ۾ اهو اثر ڪونهي جيڪو محمد صلى الله عليه وسلم جي خدا پرستيءَ ۾ آهي!. مان شاهدي ڏيان ٿو ته الله واحد ۽ احد ئي سڀ کان عظيم ۽ وڏو آهي . ۽ مان شاهدي ڏيان ٿو ته اها ڳالھ ٻڌائيندڙ الله جو سچو رسول آهي . “
اڄ وري دنيا ۾ انساني خود پرستي اسان کي مفاخرت جي مقابلي لاءِ للڪاري رهي آهي . اڄ وري رت ،رنگ ۽ نسل جي ڪسوٽيءَ تي انسان جي عظمت کي پرکيو ۽ ماپيو وڃي ٿو . پر آهي ڪو مانجهي مڙس جيڪو خودپرستيءَ جي آڪڙيل ڳلن تي خدا پرستي جو طاقتور چماٽ ڦهڪائي؟“ ڇا الله تعالى جي بي عيب ڪبريائي ءٌ وڏائي اسان کي به اسان جي نظرن ۾ ننڍڙو ۽ حقير ثابت ڪري ڏيکاريو آهي؟ اڄ ڪلھ ته ذات پات ۽ رنگ نسل جا سوين بت اسان جي هنج ۾ منهن ڪڍي اسان کان پڇي رهيا آهن ” ڇا توهين مسلمان آهيو؟ .
ويهڻ ويڄڻ وٽ ، جي سکين ته سگهو ٿئين ،
اڳئين عادت مٽ ، ته اگها ! عاجز نه ٿئين ،
(شاھ )
ڪمپوزر ؛ افتخار علي چوهاڻاڳئين عادت مٽ ، ته اگها ! عاجز نه ٿئين ،
(شاھ )
ڪتاب ؛ ڇا اسين مسلمان آهيون (حصو پهريون)
ليکڪ؛ شمس نويد عثماني
ترجمو ؛ انجنئير عبدالمالڪ ميمڻ
No comments:
Post a Comment