30 Mar 2011

مسلمان سائنسدان قسط 13

ليکڪ ؛افتخار علي چوهاڻ

ابن خلدون

 
ابن خلدون 1332ء ۾ تيونس ۾ پيدا ٿيا ۽ 1406ء ۾ قاهره ۾ انتقال ڪيائين. هو پهريون شخص هيو جنهن تاريخ نويسي کي سائنس جو درجو ڏياريو . هن کان اڳ مستند ۽ غير مستند واقعن ۾ تميز ڪرڻ بنا ئي سالن جا سال غير مربوط واقعن کي قلم بندي ڪرڻ کي تاريخ جو نالو ڏنل هيو. ابن خلدون رڳو تاريخ نويسي تائين محدود ڪون هيو بلڪ تشريح ، تحقيق ، ۽ دليل جا نون اصولن جي روشني ۾ تاريخ لکيائين. ۽ فلسفي عمرانيات جي حيثيت سان ترقي ڏياريائين.
ابن خلدون جي سڀ کان اهم تصنيف ” مقدمه “ جي نالي سان مشهور آهي. جنهن ۾ هن معاشري جي شروعات . ڳوٺن ۽ شهرن جي ابتداء . حڪومت ۽ اقتدار ، تجارت . معاشيت ۽ علم جي ترقي جهڙن موضوعن سان بحث ڪيو آهي. ۽ هن ۾ اهي ڳالهيون جهڙيون معاشيات ۽ عمرانيات ۽ تاريخ جهڙن موضوعن جو حيرت ۾ وجهندڙ ۽ تخليقي قوت سان جائزو ورتو آهي. حڪومت ۽ رياست ۽ اقتدار اعلى جي متعلق هن جي لافاني نظرياتن کي ” ميڪاولي“ ۽ ٻين مشهور مفڪرن پنهجن تصنيفن ۾ شامل ڪيو آهي.
هن جو ٻيو ڪتاب ”ڪتاب الابار“ چار جلدن ۾ آهي. هن جي ٻيو حصو عربن ۽ ٻين بادشاهن جي متعلق آهي. جن ۾ ايراني ، سلجوقي ، ترڪ ، يهودي ، يوناني، رومن ۽ فرانسيسي شامل آهن. هن ڪتاب جي پڇاڙي ۾ ڪيترائي باب پنهنجي زندگي سان تعلق رکن ٿا. جنهن ۾ هن جي پيدائش کان وٺي هن جي انتقال تائين کان ڪجه مهينه اڳ تائين جا حالات درج ٿيل آهن. . هي پهرين سوانح آهي جيڪا سائنسي بنيادن تي لکي وئي آهي.هن جا به ڪيترائي باب آهن. هن کان اڳ عام طور تي ڊائري جي شڪل ۾ سوانح لکيو ويندو هيو ۽ واقعن جو هڪ ٻي سان ڳانڏاپو به نه هوندو هيو.
”ڊي بوئير“ لکيو آهي ته ابن خلدون هو پهريون شخص آهي جنهن معاشري جي ارتقاء سائنسي بنيادن تي تشريح ڪئي آهي. جنهن لاء مغرب هن جو ٿورائتو آهي ڇو
ته هن عمرانيات ، فلسفه ، تاريخ ۽ معاشيات ۾ قيمتي خدمات سرانجام ڏئي هن علمن جي ترقي لاء راه هموار ڪئي آهي.

No comments: