30 Mar 2011

مسلمان سائنسدان قسط 12

ليکڪ ؛افتخار علي چوهاڻ

الماوردي


علي بن محمد حبيب ابوالحسن الماوردي 1072ء بصره شهر ۾ پيدا ٿيو. هو هڪ عربي خاندان سان تعلق رکندو هو جيڪي عرق گلاب جو تجارت ڪندا هئا تنهن ڪري هو ماردي سڏائيندو هيو. هن ابتدائي تعليم بصره کان مڪمل ڪرڻ کان پوء فقه جي تعليم مشهور شافعي فقيه ابوالقاسم کان حاصل ڪئي .پوء اعلى تعليم لاء بغداد ويا ء فقه، حديث ، سياسيات ۽ ادب ۾ درجه فضيلت حاصل ڪيائين.
هن جو تقرر قاضي جي حيثيت سان ٿيو.گهڻن جاين تي قاضي مقرر ٿي خدمت سرانجام ڏيندي ۽ ترقي ڪندي نيٺ بغداد جو قاضي القضاة(چيف جيٽس) مقرر ٿي ويا ۽ آخر وقت تائين هن عهدي تي رهيا. هو خلافت عباسيه جي گشتي سفير جي حيثيت سان به خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. هو هڪ عظيم قانون دان به هيو. هن پنهنجي شهره آفاق تصنيف ”الحوى“ ۾ قانون فقه جي جيڪا وضاحت ڪئي آهي هن جي ٻي هند مثال نٿي ملي.
الماوردي هڪ هڪ عظيم قانون دان هجڻ سان گڏ وڏا محدث پڻ هئا پر حديث جي متعلق هن جا ڪتاب هاڻي ناياب آهن البته گهڻيون حديثون مختلف ڪتابن ۾ ملن ٿيون.. هن حضور ڪريم صلى الله عليه وسلم جي اقوالن جي احوالن سان معجزه ۽ سحر (جادو) ۾ فرق کي جيترو مدلل طريقه سان وضاحت ڪيو آهي، هن نموني ٻيو ڪو اسلامي مفڪر واضح نه ڪري سگهيو آهي.
سياسيات ۾ الماوردي جون تحريرون وڏي اهميت رکن ٿيون. هن ميدان ۾ ”اقوام السلطنت“ هن جي يادگار تصنيف آهي. اسلامي قانونن ۾ عوام جي حقن لاء هي هڪ وڏو قيمتي ڪتاب آهي. ۽ هن جون گهڻن زبانن ۾ ترجو به ٿي چڪو آهي. هن کان سوا ”آداب الوزير“ ۾ هن وزير اعظم جي اختيارن بابت بحث ڪيو آهي. ۽ هن نازڪ معاملن جون سڀنن پهلون تي پڻ روشني وڌي اٿس. مسلم دنيا ۾ هن باري گهڻو ڪجه لکيو ويو آهي پر الماوردي جي اها تصنيف سڀ کان نمايان آهي.هڪ ٻي تصنيف ”الاخوان السلطنت“ ۾ هن بادشاهن جي متعلق قانون ۽ حڪمن تي بحث پڻ ڪيو آهي ۽ ” تحصيل النصر و التعجيب الظفر“ ۾ هن فتح حاصل ڪرڻ جا سولا طريقه بيان ڪيا آهن.
الماوردي جي مذهبي ۽ سياسي تصنيفن بعد وارن مصنفن کي ڏاڍو متاثر ڪيو. خاص ڪري نظام الملڪ طوسي جي شهره آفاق تصنيف ”سياست نامه“ ۽ ابن الخلدون جو ”مقدمه“ ۾ هن جو اثر نمايان آهن..

No comments: