ليکڪ؛ افتخار علي چوهاڻ
ابو علي سينا
ابو علي سينا
شاه بخاره نوح بن منصور بيماري جي حالت ۾ هيو . وڏا وڏا طبيب هن جي زندگي مان ناميد ٿي چڪا هئا . هن وقت هڪ سترنهن سالن جي ڇوڪري جي علاج ذريعي هو صحتياب ٿي ويو. اهو نوجوان ابو علي حسين ابن عبدالله ابن سينا هيو. بادشاه چيو جيڪو هن نوجوان کي گهرجي سو هن کي ڏنو وڃي. ابو علي سينا چيو مون کي ٻيو ڪجه هن گهرجي رڳو شاهي ڪتب خاني مان علم پرائڻ جي اجازت ڏني وڃي. اجازت ملڻ بعد هن ڪتب خاني مان ڀرپور فائدو ورتائين.
ابن سينا بخاره جي ويجهي 980ء ۾ پيدا ٿيو. ۽ 1037ء ۾ قولنج جي مرض جنهن جو هو پڻ ماهر هيو جي ڪري وفات ڪيائين.پنهنجي زندگي جي پڇاري ڏينهن ۾ هن نکي محسوس ٿي ويو ته هاڻ هو موڪلائڻ وارو آهي هن غسل ڪيو توبه ۽ استغفار ڪيائين ۽ قرآن مجيد جو تلاوت ڪندا رهيا ۽ هن جو روح پرواز ٿي ويو.
ابن سينا ننڍپڻ کان ئي غير معمولي ذهين هيو. ڏھ سالن جي عمر ۾ قرآن مجيد حفظ ڪيائين پوء حديث۽ ديني علم مڪمل ڪيائين.هن کي عمومي مطالعي جو پڻ شوق هوندو هيو. پنهنجي باضابطه طب جي تعليم دوران ڏهن سالن جي عمر کائين عربي ۽ يوناني ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ سندن عادت هئي. پوء سترنهن سالن ۾ هن کي شاهي ڪتب خاني مان فائدو وٺڻ جو موقعو ملي ويو. هن وقت جو نالي وارو فلسفي ابو عبدالله نائلي جو گزر بخاره کان ٿيو ته ابو علي سينا جي والد هن جي مهماني ڪئي جيڪو بخاره جو گورنر پڻ هيو. هن دوران ابو علي سينا هن فلسفي کان منطق ، جيو ميٽري ۽ علم هئيت جي سکيا ورتي ۽ جلد شاگرد پنهنجي استاد کان اگتي نڪري ويو.
ابن سينا اڪيھ (21) سالن جي عمر ۾ تصنيف ۽ تاليف جو ڪم شروع ڪري ڏنو ۽ ستونجاھ (57) جي عمر تائين يعني 36 سالن ۾ هن 238 ڪتاب لکي ڇڏيا. هن جي لکڻي جي اوسط 50 صفحه روزانو هئي. هن جي تصنيفون علم ۽ فن جي وسيع دائري تائين کنڍيل آهي. جنهن۾ طب ، سياست ، منطق ، رياضي ، هئيت ، ڪيمياء ، تفسير ، اخلاقيات ، تصوف ، ادب ، موسيقي شامل آهي. پر سندس حقيقي شهرت علم طب سببان هئي، طبيب جي حيثيت سان هن جي شهرت ايسيتائين کنڍجي وئي هئي جو هن وقت جا وڏا وڏا طبيب پيچيده مرضن جي متعلق هن سان مشوره ڪندا هئا. ۽ پري پري کان هن سان ملڻ ايندا هئا.
ابن سينا جي لافاني تصنيف ”القانون في الطب“ 5 جلدن ۾ آهي ءٌ طب جي لاثاني ڪتاب آهي. هن ۾ 760 مرڪبن کان سوا عام دوائن ۽ مٿي کان پير تائين سبنن بيمارين جي تفصيل ۽ هن تشخيص ۽ هن جو علاج درج ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ پيچيده وبائي مرضن جو علاج ۽ هن کي روڪڻ جا طريقه پڻ درج ٿيل آهن.هڪ يورپين مصنف جو چوڻ آهي ته دنيا جي طبي ڪتابن جو ايترو مطالعو نه ڪيو ويو آهي جيترو هن ڪتان جو مطالعو ڪيو ويو آهي.
ابن سينا هڪ وڏو فلسفي به هيو.هن فلسفي کي عقل جي بنياد تي توريو جنهن تي امام غزالي هن تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي. هن روح جي لافاني هجڻ جي نظريعي کي به وضاحت سان بيان ڪيو. هو زمين جي بيروني ماحول جي حقيقت کي تسليم ڪندو هيو. ۽ وقت ۽ حرڪت جي ربط کي مڃيندو هيو. هن جو چوڻ هيو ته وقت جو تصور رڳو حرڪت سان ئي ٿي سگهي ٿو. جٿي حرڪت ناهي هتي وقت جو به تصور نٿو ٿي سگهي. مشهور مستشرق بري فالٽ جو قول جي مطابق هن حوا جي ٿرماميٽر استعمال ڪيو.هن زمين جي ماحول جي تبديلي . جبلن جي ٺهڻ ۽ زلزلن جي سائنسي سبب ٻڌايا . مغربي زبانن ۾ هن جي ڪتابن جا ترجمه ٿيا ۽ گهڻا پڙهيا ويندا آهن.
No comments:
Post a Comment