ليکڪ ؛ افتخار علي چوهاڻ
عمر خيام
عمر خيام1048ء ۾ ايران جي صوبي خراسان جي گادي واري هند نيشاپور ۾ پيداٿيا. نيشاپور ۾ ئي تعليم حاصل ڪيائين ۽ هتي ئي لاڏاڻو ڪيائين. هن جي وڏن جو تعلق عرب جي هڪ قبيلي الخيامي سان هيو جيڪي خيمه ٺاهيندا هئا ۽ نقل مڪاني ڪري نيشاپور ڏانهن هليا ويا هئا. عمر خيام ، عالم اسلام جو عظيم ترين وزير نظام الملڪ طوسي ۽ اسماعيليه فرقي جو باني حسن بن صباح ٽيئي هم جماعت هئا ۽ امام موءَقف جا شاگرد هئا. پهنجي وطن ايران ۾ عمر خيام شاعر جي حيثيت سان مشهور ڪون هئا بلڪ هتي هن جي شهرت ۽ عظمت هڪ رياضي دان ۽ علم هئيت جي ماهر جي حيثيت سان آهي. شاعر جي حيثيت سان هو مغرب (اولھ وارن) ۾ ڏاڍا مشهور ٿيا. ۽ مغرب وارا ئي هئا جن هن جي شاعري کي سڄي دنيا ۾ متارف ڪرايو. عمر خيام جي الجبرا ڪتاب جو ترجمو يورپ 1851ء ۾ ڪيو جڏنهن ته يورپ ۾ ئي هن جي رباعيات (اشعار) 1857 ء ۾ شائع ٿي. اسلامي دنيا ۾ هن جي شهرت علم رياضي ، هئيت ، طب ، طبيعات ۾ لافاني تصينفن جي بدولت آهي. الجبرا ۾ هن الخوازمي جي ڪم کي وڌايو ۽ هن ۾ گهڻا اضافه ڪيائين. جنهن کان پوء نئي الجبرا جي بنياد پئي.علم طبيعات ۾ عمر خيام جي تحقيق سون ۽ چانديء جي اوزان جي متعلق آهي . هن جو مشهور ڪتاب ”ميزان الحڪماء“ ۾ اهڙين شين جي وزن معلوم ڪرڻ جا طريقه درج ٿيل آهن جن مان قيمتي پٿر ڄريل هجن هن کي ڌار ڪرڻ بنا هنن شين جو وزن معلوم ڪيو وڃي. شاھ شلجوقي جو وزير ” نظام الملڪ طوسي“ هڪ رسدگاھ تعمير ڪرائڻ جو ڪم عمر خيام کي سونپيائين جيڪي پنجن سالن ۾ شهر ”ري“ ۾ تعمير ٿيو هن جو مقصد اهو هيو ته هن سان نظام شمسي جي اجرام جي گردشن جو حساب رکيو وڃي ۽ هڪ صحيح شمسي سال جو تعين ڪيو وڃي. عمر خيام جون ڪوششون ڪامياب ٿيون۽ هن هڪ نئي تقويم(جنتري) نالي” تاريخ جلالي“ مرتب ڪري ورتي جيڪو موجودو ”گريگورين“ ڪيلينڊر کان به گهڻي صحيح آهي جيڪو 600 ڇھ سو سال اڳ مرتب ٿي. هن کان سوا عمر خيام ڪل 10 ڪتاب لکيا ۽ ٽيهارو کن رسالا( ڪتابڙا) تصنيف ڪيا آهن. هن ۾ رياضي جا 4 ، سائنس جا 3 ، طبيعات جا 3 ، الجبرا جو هڪ تصيف شامل آهن . عمر خيام جا اهم سائنسي ڪتاب لنڊن ، پيرس ۽ جرمني جي لائيبريرين ۾ موجود آهن. هو هڪ مشهور طبيب به هيو ۽ شاه شلجوقي جي دربار سان وابسته هيو. هن جو انتقال مغرب جي نماز پڙهندي سجدي
جي حالت ۾ ٿيو .(انا لله و انا اليه راجعون
)
جي حالت ۾ ٿيو .(انا لله و انا اليه راجعون
)
No comments:
Post a Comment