فلسطين جو مسئلو يهودي مذهبي پيشوا جي نظر ۾
يهودي مذهبي پيشوا ايسرائيل ڊيوڊ فائس نيويارڪ ۾ لبنان جي اخبار ”المستقبل“ کي انٽرويو ڏيندي اسرائيلي رياست کي غير شرعي ۽ غير قانوني ڪوٺيو آهي . هن چيو ته يهودي مذهب ۾ قوميت جو تصور موجود ڪونهي ، هن ڪري يهودي اسٽيٽ جو قيام توريت جي خلاف هجڻ ڪري درست ناهي ، هن چيو آهي ته ” صهيونيت“ جي نالي تي فلسطين ۾ يهودي نو آبادي قائم ڪرڻ جي تحريڪ کي رڳو سو سال ٿيا آهن جڏهن ته توريت جي تعليمات چار هزار سال پراڻي آهي . يهوديت ، ديني تعليمات جو مجموعو آهي جڏهن ته صهيونيت تحريڪ هن ديني مفهوم کي بدنام ڪري رهي آهي . صهيوني تحريڪ جو يهودي مذهب کي اهڙي نموني استعمال ڪرڻ توريت جي تعليمات جي ابتڙ ۽ چريائپ جي نشاني آهي
.
هن وضاحت ڪندي چيو آهي ته صهيوني تحريڪ جي قيام کان اڳ يهود سرزمين عرب ۾ امن ۽ سڪون سان رهندا هئا ۽ فلسطين جي سرزمين بابت هنن جو ڪو به مطالبو ڪون هو . صهيوني تحريڪ يهودين کي فلسطين ڏانهن هجرت ڪرائڻ لاءِ پاڻ به پنهنجن جو قتل عام ڪيو . هن ڇيو ته هن ڳاله جو اسان وٽ ثبوت به آهن ته صهيوني تحريڪ عرب ملڪن ۾ خاص ڪري عراق ۾ يهودين جو قتل عام ڪيو ۽ بم ڌماڪا ڪرايا تان ته يهودي فلسطين ڏانهن هجرت ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي وڃن . اهڙي ئي نموني جرمني ۾ صهيوني تحريڪ ۽ نازين جا وچان يهودين جي باقاعدي قتل عام طي ٿيو .
هن مسئلي فلسطين جي حل لاءِ گفتگو ڪندي چيو ته اسين اسرائيل کي بطور رياست جي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪريو ٿا . رهيو سرزمين فلسطين ۾ يهودين جي قيام جو معاملو سو عوامي نمائندن جي صوابديد تي منحصر رکيو ٿا . سرزمين فلسطين ۾ فلسطينين جو حق آهي ۽ گذريل سالن ۾ صهيوني تحريڪ جيڪي نقصان ڪيا آهن ، فلسطينين کي هن جو حرجانو ڏنو وڃي ، هن اهو به چيو ته يهودين ۽ عربن جي وچان نزاعي صورت جو منصفاني نموني حل ٿيڻ گهرجي تان ته خونريزي جو سلسلو بند ٿي وڃي .مسجد اقصى جي هيٽان هيڪل سليماني جي موجودگي صهيوني دعوى غلط ۽ بي بنياد قرار ڏيندي هن چيو آهي ته هن جاءِ تي مسلمانن جو حق آهي . توريت جي حڪم مطابق يهودين کي هن جاءِ تي ملڪيت جو حق ته ٺيو ، هنن کي هن ۾ داخل ٿيڻ جي به ممانعت آهي .
ماهنامه الشريعة گوجران والا تان ترجمو ڪيل
No comments:
Post a Comment