ذوالفقار علي ڀٽو ۽ قاديانيت
” نصرت! توکي خبر آهي ته مان ڪنهن به فرقه واريت جو قائل نه آهيان ،پر قادياني مونکي قتل ڪرڻ جي پويان آهن “. اهي الفاظ جناب ذوالفقار علي ڀٽي شهيد جن جا آهن ، جيڪي هن پنهنجي گهرواريءَ نصرت ڀٽو سان جيل ۾ ملاقات وقت چيا هئا ؛
i can sacrifice my thousand levies for the sake of Holy Prophet(Peace be upon him)
” مان نبي ڪريمﷺ مٿان هزار جانيون قربان ڪري سگهان ٿو“ .
جناب ذوالفقار علي ڀٽي شهيد پنهنجي دور حڪومت ۾ گهڻائي اسلامي ڪم ڪيا ، جن ۾ شراب نوشي تي پابندي ، ڳهوڙن جي ريس تي پابندي ، جمعي جي ڏينهن موڪل ڪرڻ ۽ ملڪ جي وزير اعظم لاءِ مسلمان هجڻ لازمي قرار ڏيڻ آهن . پر قاديانين کي غير مسلم قرار ڏيارڻ اهو شهيد ڀٽي جو اهڙو ڪارنامو آهي جنهن ۾ سندس نالو تاريخ ختم نبوت ۾ سنهري اکرن سان لکيو ويندو . قاديانين کي غير مسلم قرار ڏيارڻ ڪو سولو ڪم ڪون هو ، بلڪه پنهنجي موت تي دستخط ڪرڻ برابر هو ، چنانچ جناب ذوالفقار علي ڀٽي شهيد حضرت محمد يوسف بنوري رحمةالله عليه کي چيو هو ته ” قاديانين کي غير مسلم قرار ڏيڻ هن لاءِ ڦاهي جو ڦندي برابر آهي “. ڇو ته قادياني عالمي طاقتن جو زرخريد غلام آهن ،تنهنڪري اهي هنن جي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪاروائي کي هرگز قبول نه ڪندا . چنانچ جناب ذوالفقار علي ڀٽي شهيد چون ٿا ته ؛ ” برسراقتدار اچڻ کان پوءِ جڏهن آئون سربراه مملڪت جي حيثيت سان پهريون ڀيرو امريڪا ويس ته امريڪي صدر مونکي هدايت ڏني ته پاڪستان ۾ قادياني جماعت اسان جو سيڪٽ (فرقو) آهي . اوهان انهن جو هر لحاظ سان خيال رکندا ، ٻئي دفعو دوري تي ويس ته تڏنهن به اهائي ڳالھ ورجائي وئي . اها ڳالھ مون وٽ امانت هئي ۽ ريڪارڊ خاطر پهريون ڀيرو وائکو ڪري رهيو آهيان “.
جناب ذوالفقار علي ڀٽي شهيد جي دور ۾ قاديانين جون حرڪتون چوٽ تي هيون ، حڪومت جي ڪليدي عهدن تي قادياني قابض هئا . فضائيه جو ائير مارشل ظفر چوڌري به قادياني هو ، جڏهن به ڀرتي جو موقعو ايندو هو ته هن قادياني نوازيت جو عملي مظاهرو ڪندي پنهنجي ئي قاديانين کي ترجيح ڏيندو هو . امريڪا وغيره ۾ جيڪڏهن ڪنهن نوجوان کي تربيت لاءِ موڪلڻو هوندو هو ته قاديانين جو ئي انتخاب ڪيو ويندو هو ، چنانچ فضائيه ۾ مرزائين جو اثر رسوخ وڌندو ويو .ظفر چوڌري جي ڪريل ذهنيت جي ور چڙهيل هڪ فضائيه جي افيسر جڏهن جناب ذوالفقار علي ڀٽي شهيد کي هن جي ڪريل ذهنيت ۽ اسلام دشمي سرگرمين کان آڳاھ ڪيو ته هو حيرت ۾ پئجي ويو ۽ هن جي مٿي تي پريشاني نمايان اچي ٿي ۽ چيائين ته اهو آهي ظفر چوڌري جو اصلي روپ .
پوءِ هڪ ٻيو واقعو پيش آيو جنهن جناب ذوالفقار علي ڀٽي شهيد کي ظفر چوڌري جي خلاف قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو . ٿيو ائين، جو سيپٽيمبر 1973ء ۾ ربوه ( چنيوٽ نگر) ۾ قاديانين جو سالانو جلسو ٿي رهيو هو ، مرزا ناصر جي تقرير جي دوران پاڪ فضائيه جو جهاز آسمان کي چيريندي آيو ۽ مرزا ناصر کي سلامي پيش ڪندي گذري ويو ۽ ٻيو جهاز آيو وري ٽيون جهاز آيو ائين ساڳي حرڪتون ڪندا هليا ويا . اهي ٽئي جهاز هلائيندڙ قادياني هئا ۽ انهن هن گندي حرڪت ظفر چوڌري جي چوڻ سان ڪيو . مرزا ناصر جي خوشي جو ڪو ٺڪاڻو نه هو ، هن پنهنجي دامن کي ڦيلايو ۽ حاضرين سان مخاطب ٿيو ؛ . “ مان ڏسي رهيو آهيان ته احمديت (قاديانيت) جو ڦل پڪجي چڪو آهي ۽ جلد منهنجي جهولي ۾ ڪرڻ وارو آهي “ .
اها رپورٽ جلد اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي پڌري ٿي . ڳجهين ذريعن سان به جناب ذوالفقار علي ڀٽي شهيد تصديق ڪري چڪا هئا ۽ پوءِ چوڌري جي هن ڪارنامي جي پاداش ۾ رخصت ڪيو ويو .
18 آگسٽ 1973ء جي ” نوائي وقت“ ۾ لکيل آهي ته گروپ ڪيپٽن عبدالستار جي بقول هن جناب ذوالفقار علي ڀٽي شهيد کي هن جي تختي الٽائڻ واري قادياني سازش بابت آگاه ڪيو هو . 25 جولائي 1974ء ڻ جسٽس صمداني جي عدالت ۾ فوجي نوعيت جو بيان ڏنو ويو . فاضل ٽريبونل 31 آگسٽ ۾ هن بيان جي اهم جزئن کي اخباري اجينسين جي حوالي ڪيا ، هن مطابق ” جماعت احمديه “ جي سربراه ناصر احمد کي صدارت جا بعض سرڪرده قادانين جناب ذوالفقار علي ڀٽي شهيد کي هڪ تقريب ۾ قتل ڪرڻ جي سازش جو پروگرام بڻايو. هن کان اڳ ائير مارشل ظفر چوڌري جيڪو ڪٽر قادياني آهن ۽ رشتي جي لحاظ سان سر ظفر الله خان قادياني جو حقيقي ڀائٽو ۽ ميجر نذير احمد قادياني جو هم زلف هو ڀٽي صاحب جي حڪومت جي تختو الٽڻ جي سازش ڪئي جيڪا ناڪام بڻائي وئي ،قتل جي سازش جو علم حڪومت کي آهي ، مزيد تفتيشي ادارا مسٽر ايم ايم احمد قادياني جي هڪ رشتيدار مان وائرليس ٽرانسميٽر وصول ڪري چڪا آهن “ . (رپورٽ جسٽس صمداني ٽريبونل ، مندرجه اردو اخبار 1 اڪتوبر 1974ء )
1979 ء جي هفت روزي ” چٽان“ لکي ٿو ته ؛ ” 1974ء جي تحريڪ ختم نبوت جي دوران آغا شورش ڪشميري پنهنجي دوست مولانا تاج محمود رح سان گڏ وزير اعظم سان ملڻ ويا ، وزير اعظم جناب ذوالفقار علي ڀٽي شهيد چون ٿا ته شورش پنهنجي دوست سان مولانا تاج محمود سان گڏ مون وٽ آيا ، شورش چار ڪلاڪن تائين مسئلي ختم نبوت ۽ قاديانين جي پاڪستان بابت ۽ عقيدن تي گفتگو ٿي . دوران گفتگو شورش هڪ عجيب حرڪت ڪئي ، شورش ڳالھين ڳالهين ۾ نهايت جذبات ۾ اچي منهنجي پير پڪڙي ورتا ، شورش جهڙي بهادر شخص کي اهڙي حالت ۾ ڏسي مان اچرڄ ۾ اچي ويس ، شورش جي عظمت کي ڏسي مان اٿي بيهي هن کي سيني سان لڳايو ، پوءِ هو هٿ ملائيندي واپس وريو ۽ چوڻ لڳو ؛ ” ڀٽو صاحب ! اسان جهڙي ذليل قوم ڪنهن به ملڪ ۾ اڄ تائين نه پيدا ٿي هوندي جيڪر اسين نبي ڪريمﷺ جي تاج ۽ تخت ختم نبوت جي حفاظت نه ڪري سگهياسي“ .
پوءِ شورش روئيدي منهنجي اڳيان پنهنجي جهولي ڦيلائيدي چيو ؛ ” ڀٽو صاحب ! مان اوهان کان ۽ پنهنجي ۽ اوهان جي نبي ڪريم ﷺ ختم المرسلين پنيا ٿو ، اوهان منهنجي زندگي جي سڀنن خدمتون ۽ نيڪيون وٺي ڇڏيو ، مان خدا جي حضور خالي هٿ هليو ويندم . خدا جي لاءِ محبوب خدا جي حفاظت ڪريو ، هن کي منهنجي جهولي نه سمجهيو بلڪه فاطمه بنت محمد ﷺ جي جهولي سمجهيو“ .
هاڻي مونکي هن کان وڌيڪ ٻڌڻ جي طاقت نه رهي هئي . منهنجو بدن ڏڪي ويو مون شورش سان وعدو ڪيو ته مان قاديانين جو مسئلو ضرور به ضرور حل ڪندس . ( عشق خاتم النبيين ﷺ از طاهر عبدالرزاق)
هن تاريخي ملاقات ۾ ڀٽي صاحب چيو هو ؛ ” قادياني خطرناڪ آهن . هن جو احساس اڄ مونکي ٿيو آهي ، مون ڪڏهن به سوچيو نه هو ته قادياني مذهب جا ماڻهو ايترا خطرناڪ ارادا رکن ٿا “ . جناب ذوالفقار علي ڀٽي شهيد قاديانين کي غير مسلم قرار ڏئي سڄي امت مسلمه ۾سرخرو ٿي ويا پر هن کي اهڙي ڪم جي وڏي قيمت چڪائڻي پئي ، مارشل لاءِ لڳو ۽ ڀٽو صاحب کي جيل جي سلاخن پويان وڌو ويو هن کان پوءِ سندس تختو الٽو ڪيو ويو ۽ پوءِ ڦاهي جي تختي تي پهچائڻ لاءِ نهن چوٽي جو زور لڳايو ويو هفت روزه ”لولاڪ “ جي هڪ رپورٽ مطابق قادياني پيشوا مرزا ناصر قادياني ۽ ظفر علي خان قادياني هن وقت جي لاهور هائيڪورٽ جي جج سان ڳجهي ملاقات ڪئي . اها ملاقات 12 وڳي رات کي پوءِ ٿي ، هن ملاقات ۾ ڇا ٿيو والله اعلم. پر اها ڳالھ پڌري آهي ته قادياني هن مقدمي ۾ خصوصي دلچسپي ورتي جنهن جو اهم ثبوت ڀٽي جي خلاف وعدا معاف گواھ مسعود محمود جو قادياني هجڻ آهي جنهن جي گواهي سان ڀٽي صاحب مٿان ڦاهي جي سزا جو فيصلو ٿيو .
مارشل لاءِ حڪومت اليڪشن ڪميشن سيڪيٽري مسٽر زيڊ اي فاروقي کي تحفظ ڏيارڻ لاءِ هڪ وائيٽ پيپر جاري ڪيو ، جنهن ۾ ڀٽي صاحب تي ڌانڌلي جو الزام لڳايو ويو ، چنانچ ڀٽي صاحب if i am assasienated ۾ لکن ٿا ته ؛ ” هن وائيٽ پيپر کي اها به خبر نه آهي ته بسم الله ڪئين شروع ڪئي ويندي آهي جنهن جي شروعات هڪ ڪافر (زيڊ اي فاروقي) جي نوٽ سان ٿئي ٿي ڪوڙ کان جيڪر شروعات ڪجي ته پڄاڻي سچائي تي نٿي ٿي سگهي “ .
در حقيقت هن ڳالھ مان هن جو مراد اهو هو ته ڪافر جي گواهي مسلمان خلاف ڪئين قبول ڪري سگهجي ٿي ۽ ڪافر به اهڙو جنهن کي هن پنهنجي قلم سان ڪافر ۽ مرتد قرار ڏنو ، جناب ذوالفقار علي ڀٽي شهيد تي جڏهن قاديانين جي حقيقت وائکو ٿي ته هن جي نفرت جو اهو عالم هو جو هڪ ڀيري مفتي محمود رح کي چيائين ته هو آئيني ترميم ۾ مرزا غلام احمد قادياني جو نالو لکي آئين پاڪستان کي پليد نه ڪرائين . ۽ هن پنهنجي دور ۾ پاسپورٽ فارم ۾ هڪ عهد نامو شامل ڪرايو ته ” مان مرزا غلام احمد قادياني کي ڪوڙو نبوت جو دعويدار ۽ هن جي مڃڻ وارن کي ڪافر سمجهان ٿو “ .
اڄ هڪ دفعو ٻيهر وطن عزيز ۾ قادياني سازشن جو عروج آهي ، تنهنڪري وقت ڀٽي صاحب جي جانشينن کان هن ڳالھ جي تقاضه ٿو ڪري ته غدار وطن ۽ ملت کي آئين پاڪستان جي دائري ڪار کان تجاوز ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏني وڃي ۽ پنهنجي قائد جناب ذوالفقار علي ڀٽي شهيد جي نقش قدم تي هلندي هر گز اندرين ۽ ٻاهرين دباو کي قبول نه ڪيو وڃي “ .
روزانه اسلام اخبار ۽
هفت روزه خرم نبوت جي ٿورن سان
ليکڪ؛ محمد وقاص سعيد
سنڌيڪار ؛ افتخار علي چوهاڻ
No comments:
Post a Comment