15 Sept 2011

اي منهنجا ٻانها ۔

اي منهنجا ٻانها ۔

اي منهنجا ٻانها

مونتي ڀروسو رکي ته ڏِس
سڀني کان بي نياز نه بڻائي ڇڏيائين ته چئجانءِ

مون ڏانهن وک وڌائيءِ ته ڏس
ٻه وکون وڌي نه اچانءِ ٿه چئجانءِ


منهنجي خوف ۾ نيڻن مان نير وهائي ته ڏس
معافي جا دريا نهوهائي ڇڏيانءِ ته چئجانءِ


منهنجي راه ۾ خرچ ڪري ته ڏس
غني نه بڻائي ڇڏيانءِ ته چئجانءِ

مونکان رحم گهري ته ڏس
عطا جا خزانا نه لٽائي ڇڏيانءِ ته چئجانءِ

منهنجي حڪمن تي هلي ته ڏس
حاڪم نه بڻائي ڇڏيانءِ ته چئجانءِ

مونکي حيّ القيوم مڃي ته ڏس
ابدي زندگي جو امين نه بڻائي ڇڏيانءِ ته چئجانءِ

منهنجو بڻجي ته ڏس
سڀني کي تنهنجو نه بڻائي ڇڏيانءِ ته چئجانءِ

منهنجي خاطر بر قدر ٿي ته ڏس
ڪرم ناوزي جي انتها نه ڪري ڇڏيانءِ ته چئجانءِ

منهنجي گهٽيءَ ۾ وڪامي ته ڏس
امله نه ڪري ڇڏيانءِ ته چئجانءِ

ديندار بڻجي ته ڏس
علم ۽ حڪمت جا موتي وکيري نه ڇڏيانءِ ته چئجانءِ

پنهنجي هستيءَ کي مٽائي ته ڏس
درجا بلند نه ڪري ڇڏيانءِ ته چئجانءِ

منهنجي راه ۾ جان نثار ڪري ته ڏس
ڪائنات جي محبت نڇاور نه ڪري ڇڏيانءِ ته چئجانءِ
حديث قدسي جو مفهوم
ڪمپوز ؛ افتخار علي چوهاڻ

No comments: