15 Sept 2011

ظالمن جو انجام


ظالمن جو انجام

قرآن شريف ۾ الله تعالى فرمائي ٿو ته ؛ يَوْمَ لَا يَنفَعُ الظَّالِمِينَ مَعْذِرَتُهُمْ وَلَهُمُ اللَّعْنَةُ وَلَهُمْ سُوءُ الدَّارِ (سورت المومن آيت 52)


ترجمو ؛ جنھن ڏينھن ظالمن کي سندن بھانو نفعو نه ڏيندو ۽ کين لعنت آھي ۽ انھن لاءِ (اُتي) بُڇڙي جاءِ آھي. (امروٽي رحمة الله عليه)

۽ ٻي جگه فر،ائن ٿا ؛ مَا لِلظَّالِمِينَ مِنْ حَمِيمٍ وَلَا شَفِيعٍ يُطَاعُ
( سورت المومن آيت 18

ترجمو ؛ (اُن ڏينھن) ظالمن جو ڪو دوست ۽ نه ڪو پارت ڪندڙ ھوندو جنھن جي ڳالھ مڃجي. (امروٽي رحمة الله عليه)

اڄ ڪلھ اسان جي ميڊيا ۽ اخبارن ۾ گهڻيون قباحتون ۽ فحش و عريانيت لڌي وڃي ٿي . ڪوڙيون خبرون ، افواهون ، هر درست ۽ غلط خبر کي جاءِ ڏئي ٿي پر هن قباحتن جي هوندي ڪڏهن ڪڏهن خير جو پهلو به ملي ٿو پوي ، گهٽ ۾ گهٽ قوم ۽ ملڪ جي حالتن کان اگاهي جيڪو اسان کي آئيني جو ڪم ڏئي ٿي . اخبارن جي مطالعي سان اسان کي پنهنجن اخلاقي حالت جو پتو پوي ٿو .
اوهان ڪنهن به ڏينهن جو اخبار کڻي ڏسو ظلم ۽ ستم جا داستان ملندا . ڪٿي ڀاءُ ڀاءُ جي جائيداد تي قبضو پيو ٿو ڪري ، ڪٿي مڙس زال کي زنده پيو ٿو ساڙي ، ڪٿي سڳي چاچي ۽ ڀائيٽي ۾ امين جي قبضي تي جهڙو ، ڪٿي بي گناه قيدي سالن ۾ جيل پيو ڪاٽي ، ائين ٿو معلوم ٿئي ته هر جاءِ تي ظلم ئي ظلم آهي . گهرن ۾ ظلم ، بازارن ۾ ظلم ،ڪارخانن ۾ ظلم ، حڪومت جي ايوانن ۾ ظلم ، غرض هر جاءِ تي ظلم ئي ظلم آهي .
حالانڪي ظلم اهو ناسور آهي جيڪو معاشري جي خاندانن ، حڪومتن ۽ ملڪن ۽ تهذيبن کي ٻوڙي ٿو ڇڏي . عالمن لکيو آهي ته گناهن جو اصل سزا ته آخرت ۾ ملندي پر ظلم اهڙو گناه آهي جنهن جي سزا ڪڏهن ڪڏهن دنيا ۾ به انسان پنهنجي اکين سان ڏسي ٿو .
دنيا ۾ جيترا به ظالم گذريا آهن انهن جي تاريخ پڙهو اوهان ڏسندو ته انهن جو انجام سٺو نه ٿيو ، آئون مختصر مثالون پيش ڪرڻ جو سعيو ڪندس جنهن ۾ اوهان جي آڏو ڳالھ چٽي اچي بيهبدي.

قابيل جو انجام ؛
قابيل اهو شخص هو جنهن کي پهريون ظالم سڏيو ٿو وڃي ، جنهن پنهنجي نيڪ ۽ صالح ڀاءُ کي ناحق قتل ڪيو ۽ِ هابيل جي قتل ڪرڻ کان پوءِ هن ڪي هڪڙي پل لاءِ به سڪون ڪون مليو ، هن جي دل ۾ ندامت جي باه ٻڙندي رهي عظيم والد جيڪو انسانن جو پهريون پيغمبر هو اهو الگ ناراض ، ڀاءُ ڀينرون الگ ناراض ۽ ذهني قلبي سڪون برباد هن جو مقدر بڻيو . ڀاءَ جي قتل ڪرڻ کان پوءِ هن جي آڏو هڪڙو مسئلو اهو هو ته ڪئين هن جي لاش کي ٺڪاڻو لگائي ، الله تعالى چاهي ها ته هن جي دل ۾ دفن ڪرڻ جو طريقو ٻڌائي پيو سگهي پر هن جي قابيل جي ڪمينگي ۽ بي عقلي جو احساس ڏيارڻ لاءِ الله تعالى هڪڙي جانور کي هن جو رهنما بڻايو جيڪو ڪمينگي ۽ عياري ۽ مڪاري ڪري ضرب المثل آهي ، ۽ قابيل حسرت منجهان اهو چيو ته ....31 فَبَعَثَ اللَّهُ غُرَابًا يَبْحَثُ فِي الْأَرْضِ لِيُرِيَهُ كَيْفَ يُوَارِي سَوْءَةَ أَخِيهِ ۚ قَالَ يَا وَيْلَتَا أَعَجَزْتُ أَنْ أَكُونَ مِثْلَ هَـٰذَا الْغُرَابِ فَأُوَارِيَ سَوْءَةَ أَخِي ۖ فَأَصْبَحَ مِنَ النَّادِمِينَ

ترجمو ؛ پوءِ الله ھڪ ڪانوَ کي موڪليو جنھن زمين ۾ ھن لاءِ کوٽيو ٿي ته کيس ڏيکاري ته پنھنجي ڀاءُ جي لاش کي ڪئن لڪائي، (ڪانوَ کي ڏسي) چيائين ته مون لاءِ ارمان آھي ڇا آءٌ ھن ڳالھ کان (به) عاجز ٿيس جو ھن ڪانوَ جھڙو ھُجان ھا ته پنھنجي ڀاءُ جو لاشو لڪايان ھا، پوءِ پشيمانن مان ٿيو.


فرعون جو انجام ؛

اهو فرعون جيڪو پاڻ کي وڏي طعني سان چوندو هو ته؛ أَنَا رَبُّكُمُ الْأَعْلَىٰ (سورت نازيات آيت 24)

ترجمو؛ آءٌ اوھان جو تمام مٿاھون پالڻھار آھيان. (امروٽي رحمة الله عليه)

اهو فرعون جيڪو موسى عليه السلام جي قوم جي مردن کي ۽ عورتن کي غلام ۽ لونڊيون بڻائي رکيو ويٺو هو ، هن ظآلم جو اجنام ڇا ٿيو؟؟
هو دريا ۽ نهرن کي پنهنجي ملڪيت چوندو هو الله تعالى انهن منجهان هڪ جي اندر هن کي ٻوڙايو ، هن جا فوجي ، هن جا سپاهي ، هن جي رعايا سب جا سب بي بسي جو منظر ڏسي رهيا هئا ۽ فرعون ملائڪن جو عذاب ڏسي ڪري چئي رهيو هو ته؛ قَالَ آمَنتُ أَنَّهُ لَا إِلَـٰهَ إِلَّا الَّذِي آمَنَتْ بِهِ بَنُو إِسْرَائِيلَ وَأَنَا مِنَ الْمُسْلِمِينَ سورت اليونس آيت 90
ترجمو ؛ (فرعون) چيو ته ايمان آندم سچ آھي ته جنھن تي بني اسرائيلن ايمان آندو آھي تنھن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي ۽ آءٌ مسلمانن منجھان آھيان. (امروٽي رحمة الله عليه)
مگر موت جو منظر ۽ ملائڪن کي ڏسڻ کان پوءِ هن جون رڙيون ۽ ڪيهون ڪنهن ڪم نه آيون .
(امروٽي رحمة الله عليه)
قاتلانِ عثمان جو انجام؛
اوهان ضرور مظلوم حضرت عثمان بن عفان رضيه الله عنه جي مٿان ٿيندرظلم جو داستان ٻڌو هوندو . اهو عثمان غني رضيه الله عنه جنهن کي رسول ڪريم ﷺ جو به دفعه ناٺي هجڻ جو شرف مليو هو ، اهو عثمان غني رضيه الله عنه جنهن سختي تلڪيف جي زماني ۾ رومه جي ڪوھ کي خريد ڪري مسلمانن مٿان آساني ڪئي هئي ، اهو عثمان غني جنهن کي جامع القرآن هجڻ جو شرف حاصل آهي ، اهو عثمان غني جنهن کان فرشته به حيا ڪندا هئا جڏهن هن مظلوم مٿان جنهنن ظلم ڪيا اهي نشان عبرت بڻجي ويا ، انهن ظالمن مان هڪ سودان به حمران کي جناب ذوالنورين عثمان رضيه الله عنه جي غلام قتل ڪيو ، ٻيو اشتر هو هن کي زهر ڏئي تڙپائي ترپائي ماريو ويو، محمد بن ابي بڪر( رض) کي ۾ تاريخ ۾ اچي ٿو ته قتل ڪري گڏه جي کل ۾ وجهي ساڙيو ويو . عمرو بن الحمق جنهن خليفي ثالث حضرت عثمان رضيه الله عنه جي سيني مٿان چڙهي لڳاتار وار ڪيا هئا اهو مرض استسقاء ۾ مبتلا ٿي ويو ، هن جي سيني ۾ باھ اٿندي رهندي هئي جيڪا ڪنهن به نموني نه وسامندي نه هئي هن کي تيرن جو ڪاڄ بنايو ويو .
قاتلانِ حسين رضيه الله عنه جو انجام ؛
حضرت حسين رضيه الله عنه جي قاتلن جو به عبرتناڪ انجام ٿيو . حضرت حسين رضيه الله عنه جي مقام کان ڪير شخص ناواقف هوندو هو هن کي صحابيت جي شرف حاصل هو ، هو نبي ڪريم ﷺ جو نواسو هو ، ابنِ بتول هو ، حيدر قرار جو فرزند ، هن جو زهد ۽ تقوى ڪمال جو هو . هو سيرت ۽ صورت ۾ پنهنجي ناني رسول الله ﷺ سان گهڻي مشابهت رکندا هئا ، پر ظالمن کي الائجي ڇا ٿي ويو جو سب ڪجه فراموش ڪري ڇڏيو ۽ مذهبي رشتي جي لاڄ به نه رکيائون ، پر هن مان ڪو به ظلم جي انجام مان بچي نه سگهيو هنن مان ڪو انڌو ٿي وي ، ڪو خوفناڪ بيماري ۾ مبتلا ٿي وي ، ڪي ڇريا ٿي ويا ، ڪن کي اذيتون ڏئي ڪري ماريايو ويو .
حجاج بن يوسف جو انجام ؛
حجاج بن يوسف جنهن جي دور ۾ اسلامي رياست جي پکيڙ وڌندي وڌندي وڃي سنڌ ، چين هندستان تائين وڃي پهتي جن پنهنجي دور ۾ قرآن مجيد کي اعراب ڏيارڻ جو سهرو پنهنجي سر تي کنيو ، فصاحت ۽ بلاغت ۾ ڪمال حاصل هئس ، سٺو حافظ قرآن هو ، شراب خوري ۽ نشي کان پرهيز ڪندو هو ، هو جهاد ۽ فتحون ماڻڻ ۾ اڳڀرو هوندو هو ، پر هن جي هن سڀني خوبين جي هوندي هڪڙي برائي اها هئي جا هن جي سڀنن نيڪين تي پردو ڌڪي ڇڌيو اها برائي هئي ، ظلم!!
حجاج بن يوسف هنن سڀني خوبين سان گڏ پڻ هڪ وڏو ظالم هو هن پنهنجي زندگي ۾ درندگي جي صورت اختيار ڪري ورتي هئي هڪڙي طرف هن جا نامور مجاهد قتيبه بن مسلم ، موسى بن نصير ۽ محمد بن قاسم رح ڪافرن جو سسيون لاهن پيا ته ٻئي طرف هو پاڻ وري ولين ۽ عالمن جو سسيون پيو لاهي .
امام ابن ڪثير رحمة الله عليه ” البدايه والنهايه“ ۾ هشام بن حسان کان نقل ڪن ٿا ته حجاج بن يوسف هڪ لک انسانن جو قتل ڪيو ، هن جي جيل خانن ۾ اسي هزار قيدي قيد هوندا هئا .
هن آخري جيڪو قتل ڪيو هو اهو شخص عظيم تابعي ۽ زاهد هو جنهن جو نالو سعيد بن جبير رحمة الله عليه هو ، هن جي قتل کان پوءِ حجاج بن يوسف کي وحشت گهيرو ورتو هو نفسياتي مريض ٿي ويو هن جي ڪليجي مان سيءُ اٿندو هو جيڪو سڄي جسم کي وڪوڙي ويندو هئس ،ائين هن کي ڪپڪپي پيدا ٿي ويندي هئي هن جي چوطرف باھ مچائي ويندي هئي پوءِ به هن کان سيءُ گهٽ نه ٿيندو هو . حڪيمن کي گهرايو ويو ته هنن چيو ته هن جي پيٽ ۾ سرطان (ڪينسر) جي بيماري ٿي وئي آهي هڪڙي حڪيم هن جي پيٽ ۾ گوشت جوٽڪڙو ڏاڳي سان ٻڌي پيٽ ۾ وجهي ٻاهر ڪڌيو ته هن ۾ ڪيڙا نڪتا ’ جڏهن حجاج بن يوسف لاعلاج ٿي ويو ته حضرت حسن بصري رحمة الله عليه کي گهرايائين ۽ دعا لاءِ درخواست ڪيائين ، حضرت حسن رحمة الله عليه جي اکين ۾ لڙڪ ٽڙي آيا ائين حجاج کي چيائين ته (قد نهيتڪ ان تعرض الصالحين) مون توکي منع ڪيو هو ته نيڪ ٻانهن سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪجائين ، انهن کي تنگ نه ڪجائين ، انهن تي ظلم نه ڪڄائين پر تون باز نه آئين . حضرت سعيد بن جبير جي شهادت کان پوءِ چاليهن ڏينهن جي اندر هن جو موت ٿيو.

ظالم الله جي نظر ۾ ؛ وَسَيَعْلَمُ الَّذِينَ ظَلَمُوا أَيَّ مُنقَلَبٍ يَنقَلِبُون (سورت الشعراء آيت 227)

ترجمو؛ ۽ ظالم سگھو ئي ڄاڻندا ته ڪھڙي موٽڻ جي ھنڌ وري موٽندا. (امروٽي رحمة الله عليه)

ظلم ڪرڻ وارن جو انجام جلد پنهنجي پڄاڻي تي پهچندو پر اها الڳ ڳالھ آهي ته انسان پنهنجي بري انجام کي وساري ٿو ڇڏي ، هو پنهنجي دولت کي لافاني ۽ پنهنجي اقتدار کي لازوال ڀائيندو آهي ، حالانڪه اهي سڀئي شيون فاني آهن .
ظالم تي الله تعالى جي لعنت ۽ ڦٽڪار وسندي آهي ۽ هو الله جي رحمت کان پري هوندو آهي ، ۽ جنهن کي الله جي لعنت ۽ ڦٽڪار ٿئي هن کي ڪو حيلو يا تدبير ڪم ناهي ايندي .

سورت الاعراف ۾ آهي ته؛ لَّعْنَةُ اللَّهِ عَلَى الظَّالِمِينَ (سورت الاعراف آيت 44)
ترجمو؛ اُنھن ظالمن تي الله جي لعنت آھي. (امروٽي رحمة الله عليه)

سورت المومنون ۾ آهي ته ؛ فَبُعْدًا لِّلْقَوْمِ الظَّالِمِينَ ( سورت المومنون آيت41)
ترجمو؛ پوءِ ظالمن جي قوم تي لعنت ھجي. (امروٽي رحمة الله عليه)
سورت البقره ۾ آهي ته؛ قَالَ لَا يَنَالُ عَهْدِي الظَّالِمِينَ ( سورت البقره آيت 124)
ترجمو؛ الله) فرمايو ته ظالمن کي اھو منھنجو انجام نه پھچندو. (امروٽي رحمة الله عليه)
ظالم تي جڏهن برو وقت ايندو آهي ته هن جو ڪو به مددگار نه هوندو آهي سڀئي هن جو ساٿ ڇڏي ڏيندا آهن ، دنيا اندر به ائين ٿيندو آهي ۽ آخرت ۾ به ائين ئي ٿيندو ، الله تعالى جو فرمان حق آهي ته ؛ يَوْمَ لَا يَنفَعُ الظَّالِمِينَ مَعْذِرَتُهُمْ وَلَهُمُ اللَّعْنَةُ وَلَهُمْ سُوءُ الدَّارِ (سورت المومن آيت 52)
ترجمو؛ جنھن ڏينھن ظالمن کي سندن بھانو نفعو نه ڏيندو ۽ کين لعنت آھي ۽ انھن لاءِ (اُتي) بُڇڙي جاءِ آھي. (امروٽي رحمة الله عليه)

ظالم رسول الله ﷺ جي نظر ۾؛

ترمذي ۾ حضرت ابو سعيد خذري رضيه الله عنه جي روايت آحي ته رسول الله ﷺ فرمايو سخت عذاب ظالم بادشاه کي ڏنو وينو.

حاڪم حضرت طلحه رضيه الله عنه بن عبيد الله کان روايت ڪن ٿا ته رسول الله ﷺ فرمايو ته ظالم امير جي نماز قبول نٿي ٿئي .

طبراني ۾ آهي ته حضرت ابو هريرة رضيه الله عنه روايت ڪن ٿا ته رسول الله ﷺ فرمايو ته ٽن شخصن کي سڀ کان گهڻو عذاب ڏنو ويندو هڪڙو اهو جنهن ڪنهن نبي کي قتل ڪيو هجي ٻيو هو جنهن کي نبي پاڻ قتل ڪيو هجي ٽيون ظالم امام.

رسول الله ﷺ جن جي فرمودات اڳيان رکي پنهنجي زندگي جو جائزو وٺون ته ڪٿي اسين هنن ظلمن جو ارتڪاب ته نه پيا ڪريون

1 . الله جي حقن تي ظلم ،
2 . رسول الله ﷺ جي حقن تي ظلم .
3 . ٻارن ۽ ٻچن تي ظلم .
4 . پاڙيسيرين ۽ مٽ مائيٽن تي ظلم .
5 . مزدورن ۽ نوڪرن تي ظلم .
6 شاگردن تي ظلم.
7 . خاص طور تي جيڪي پنهنجي ماتحت آهن هنن جي حڪن تي ظلم
عزيز دوستو ٿورو پنهنجي ذهن کي سڀنئي مصروفيتن ۽ ڳالهين کان آجو ڪري سوچيو ڪٿي اسين هنن ظالمن ۾ ته شامل نه پيا ٿيون ، ڪٿي اڻڄاڻائي ۾ اسين اهڙي ڪڍي گناه جو مرتڪب ته نه پيا ٿيو ، تازو ڀلارو ماه رمضان گذريو آهي ڇا اسين هن ماه مبارڪ جو حق ادا ڪيو آهي ڪٿي اسان جي نافرمانين جي ڪري ته نه اڄ اسان جي مٿان طرحين طرحين جا عذاب نازل نه پيا ٿين ، ڪٿي اهي ٻوڏون ، اهي برساتن جون تباهيون اسان جي اعمالن جو شامتون ته نه آهن . اچو دوستو پنهنجي اندر کي صاف ڪريو ، مثبت تبديلي جي شروعات پاڻ کان ڪريون ، پنهنجي گناهن کان سچي دل سان توبه ڪريون ، اهي ڪم ڪريون جنهن سان الله تعالى ۽ هن جو پيارو رسول ﷺ جي فرمابرداري هجي جنهن ۾ الله تعالى جي رضا هجي ، اچو سڀئي گڏجي هنن آزمايشن ۽ عذابن کان ڇٽڪاري لاءِ دل سان دعا ڪريون ، من الله تعالى ڪنهن جي دعا قبول ڪري اسان مٿان ٻاجھ ڪري ، آمين

اقتباسات؛ ندائي ممبر و محراب
محمد اسلم شيخوپوري
سنڌيڪار ۽ ترتيب افتخار علي چوهاڻ

.

No comments: