ليلة البرات
برات جي معنى آهي ڇٽڪارو پائڻ واري رات ، هن رات جئين ته گنهگارن جي مغفرت ۽ ڏوهارين جي برات ٿيندي آهي هن ڪري هن رات کي شب برات چيو وڃي ٿو ۽ گهڻي استعمال جي ڪري اهو نالو زبان زد عام ٿي ويو آهي ۽ اها رات وچ شعبان المعظم جي رات آهي جيڪا چوڏنهن تاريخ جي سڄ لهڻ کان پوءِ شروع ٿي ٿئي.
حديث مبارڪه ۾ اچي ٿو ته ” الله تعالى وچين شعبان جي رات پنهنجي سڀنن مخلوقن ڏانهن متوجه ٿيندا آهن ۽ مشرڪ ۽ ڪيني رکندڙن کان سواءِ سڀنن جي مغفرت ڪندا آهن ۽ هن مضمون کي امام احمد بن حنبل رح پنهنجا مسند ۾ حضرت عبدالله بن عباس رضيه الله عنهما جي روايت کان به نقل ڪيو آهي ( ترغيب و ترهيب)
ٻئي حديث جي مفهوم ۾ اچي ٿو ته جنهن کي امان عائشه رضيه الله عنها روايت ڪري ٿي ” هڪڙي رات حضرت محمد ﷺ تهجد لاءِ اٿي ڀيٺا ، نماز شروع ڪيائين ۽ ۽ سجدي مهل ايترو ڊگهو سجدو ڪيائين جو مان پريشان ٿي ويس ۽ مونکي ڀوءَ اچي ٿيو ته ڪٿي اوهان ﷺ جو روح ته قبض نه ٿي ويو آهي مان پريشاني جي عالم ۾ اٿي ڪري وڃي اوهان ﷺ جي انڳوٺي کي حرڪت ڏني جنهن تي اوهان ﷺ چر پر ڪئي ، پوءِ مونکي اطمينان ٿيو ۽ مان پنهنجي جاءِ تي واپس وريس، جڏنهن اوهان ﷺ نماز کان فارغ ٿيا ته (ٿورو ڳالهايڻ کان پوءِ) فرمايائون ته توکي خبر آهي ته اها رات ڪهڙي آهي ؟ مون چيو ته الله ۽ هن جي رسول کي خبر آهي . اوهان ﷺ فرمايو ته اها وچ شعبان جي رات آهي ، الله تعالى هن رات خاص طور تي اهلِ علم وارن ڏانهن متوجه ٿين ٿا ۽ مغفرت گهرڻ وارن کي مغفرت ۽ رحم گهرڻ وارن تي رحم فرمائيندا آهن پر جيڪي پاڻ ۾ ڪينو رکندڙ آهن (هن وقت به) پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيندو آهي ( ترغيب و ترهيب)
هڪ ٻي حديث ۾ اچي ٿو جنهن کي ابن ماجه حضرت علي رضيه الله عنه روايت ڪن ٿا ته نبي ڪريم ﷺفرمايو ته ؛ ”جڏهن وچ شعبان جي رات اچي ته رات جو جاڳيو۽ نماز پڙهو ۽ روزو رکو هن ڪري جو الله تعال هن رات ڏنيهن لهڻ کان وٺي هيٺين آسمان تي تجلي فرمائن ٿا ۽ ارشاد فرمائن ٿا ته آهي ڪو استغفار ڪرڻ وارو جو اسان هن جي مغفرت ڪريون ، آهي ڪو رزق گهرڻ وارو جو اسان هن کي رزق ڏيون اها صدا هن ئي طرح برابر جاري رهندي آهي ايسيتائين جو صبح ٿي وڃي . ( ڪذا في الترغيب ص 21)
هنن حديثن جي روشني ۾ خلاصو نڪري ٿو ته هن رات جا مسنون عمل هي آهن .
1 . رات جاڳي نماز پڙهڻ ۽ ذڪر تلاوت ۾ مشغول رهڻ .
2 . الله تعالى کان مغفرت ۽ عاقبت ۽ پنهنجي ٻنهي جهانن جي ڀلي لاءِ دعا گهرڻ .
3 . هن ڏينهن روزو رکڻ .
اهو ئي سبب آهي جو هن رات جاڳڻ ۽ هنن سنتن تي عمل ڪرڻ قابل اعتماد رايتن کان ثابت ٿيو آهي ، جئين مواهب اللدنيه جي پڇاڙي ۾ لکيل آهي
۽ ابن حاج مڪي ” مدخل ص 248 ۾ تحرير فرمائن ٿا ته سلف سالحين هن رات جي تعظيم ڪندا هئا ۽ هن لاءِ اڳ ۾ ئي تياري ڪندا هئا.
هن رات ۽ ڏينهن جا خرافات ؛
اهڙي ڀلاري ڏينهن ۾ بلڪه مهيني جي شروعات کان وٺي آتش بازي پنهنجي عروج تي ٿئي ٿي خصوصن ننڍا ٻار هن جڍي ڪم ۾ مصروف هوندا
آهن لکين روپيه باه جي نظر ٿين ٿا ، والدين کي گهرجي ته هن ڳالھ ڏانهن ضرور توجه ڏين ۽ اهڙي ڪمن جو سدِباب ڪن جو هن عمل سان انسان ذات کي وڏي تڪليف ٿئي ٿي .
هن کان سواءِ حلوي جي رسم ، چراغان ، نفل نماز باجماعت جو اهتمام جيڪو تاڪيدي نموني ڪيو ٿو وڃي وغيره اهڙن عملن کان پاسيرو ٿيڻ گهرجي جو اهي ڳالھيون ڪنهن به حديث ۽ قابل اعتماد روايتن مان نٿو ملي ،
باقي قبرستان زيارت لاءِ وڃڻ جي ۽ هتي وڃي دعا گهرڻ جي ثابتي آهي ۽ مسلمانن کي وڃڻ به گهرجي ، الله تعالى اسان کي صحيح دين سمجهڻ ۽ هن تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ، آمين يا رب العالمين
تحرير ؛ افتخار علي چوهاڻ
No comments:
Post a Comment