شب برات جي شرعي حيثيت حديثن جي روشني ۾
شعبان المعظم جي پندرنهن تاريخ جي ڏينهن رات جي اهميت ۽ افاديت جي سلسلي ۾ جيڪي حديثون آيون آهن هنن ۾ بعض حديثون صحيح ۽ ڪي حسن درجي جون ۽ هڪ مرسل جيد حديث آهي . هن کان سواءِ سڀنن حديثن جون سندون ضعيف آهن ، پر هن سلسلي ۾ لڳ ڀڳ سو صحابن سڳورن رضيه الله عنهم جون روايتون موجود آهن جن ۾ پاڻ ڪريم ﷺ هن ڏينهن جي فضيلت بيان فرمائي آهي. رڳو حضرت حسن بصري رحمة الله عليه کان ٽيٽيه ،چوٽيه اصحابن سڳورن رضيه الله عنهم کان روايتون موجود آهن ۽ علامه سيوطي رحمة الله عليه هن سلسلي ۾ پنهنجي ڪتاب ” الدرر المنثور“ ۾ پندرنهن کان وڌيڪ حديثون مرفوع ۽ موقوف آنديون آهن ، هن ئي ( تعدد ۽ طرق ۽ ڪثرت روايتن جي) آڌار تي هنن روايتن کي هڪڙي طرح جي قوت حاصل ٿئي ٿي ، هن ڪري اڪابرين امت هنن جون روايتون قبول ڪيون آهن ، تنهڪري علامه ابن صلاح رحمة الله عليه وغيره بعض اڪابر محديثين لکيو آهي گهڻو ڪري هن جي بنياد اهائي آهي ( معارف الحديث)
مشهور اهل حديث عالمِ دين شارح ترمذي مولانا عبدالرحمان مبارڪ پوري رحمة الله عليه فرايو آهي ٿه؛ اهي حديثون مجموعي اعتبار کان هنن ماڻهن جي خلاف حجت ۽ دليل آهن ، جنهنن جو خيال آهي ته پندرنهن شعبان جي فضيلت جي سلسلي ۾ ڪجه به ثابت نه آهي .
(تحفة الاحودي 2؛53)
علامه الباني رحمة الله عليه هن موضوع تي محققانه بحث ڪئي آهي ۽ فرمائن ٿا ته ؛ جن ماڻهن اهو چيو آهي ته پندرنهن شعبان جي رات متعلق ڪا به صحيح حديث موجود نه آهن ، هنن تي اعتماد نه ڪيو وڃي ، جيڪر ڪنهن اها ڳالھ ڪئي آهي ته اها جلد بازي جو نتيجو آهي ۽ اهڙي طرح حديثن جي طريقن جي جستجو ۽ تحقيق نه ڪئي وئي آهي ، جهڙي طرح جي تحقيق اوهان جي اڳيان آهي
(سلسلة الاحاديث الصحيحه 4؛242)
ذڪر ڪيل اقوالن جي هوندي به امت جي هڪ وڏي تعداد شبِ برات جي مشروعيت جي منڪر آهي ۽ هن ڏينهن رات ۾ اعمالِ خير ( نفلي نماز ، روزو ، ذڪر تلاوت ۽ دعا مناجات) کي لغو ۽ بدعت قرار ڏئي ٿي ۽ هن سلسلي جي سڀني حديثن کي ضعيف ، موضوع ۽ من گهرٽ خيال ٿي ڪري .
هنن ديني ڀائرن لاءِ ٻه حديثون ۽ مشهور حديثن جي امامن جي راءِ نقل ڪيو وڃي ٿو ، انشاءالله هن کان پوءِ ” قولِ فيصل“ ثابت ٿيندو .
1 . حضرت مُعاذ بن جبل رضيه الله عنه کان روايت آهي ته نبي ڪريمﷺ فرمايو ته ” پندرنهن شعبان جي رات ۾ الله تعالى سڀنن مخلوقن تي خصوصي توجه فرمائن ٿا ۽ سڀنن جي مغفرت ڪن ٿا سواءِ مشرڪ ۽ عداوت رکندڙن جي (طبراني)
علامه هيثمي رحمة الله عليه لکي ٿو ته محدث طبراني رحمة الله عليه هن حديث کي پنهنجي معجم ڪبير ۽ اوسط ۾ نقل ڪيو آهي ۽ هن جا راوي قابلِ اعتماد آهن (مجمع الزوائد 8 ؛ 65 )
هن حديث کي امام بهيقي رحمة الله عليه (شعب الايمان 7 ؛ 415 ۽ فضائل الاوقات ص 119) ۾ نقل ڪيو آهي ۽ هن جي محقق عدنان عبدالرحمان لکيو آهي ته هن جون سندون جيد آهن .
محدث ابنِ حبان به هن حديث کي روايت ڪن ٿا ۽ هن جي محقق شعيب ارناوط رحمة الله عليه لکن ٿا ته اها حديث صحيح آهي ۽ هن جا رجال ثقه ۽ قابلِ اعتماد آحن (ابنِ حاجب 12 ؛ 481 )
امام ابنِ ماجه پنهنجي سنن ۾ هن حديث (نمبر 1390 ) کي بروايت ابو موسى اشعري رضيه الله عنه عن رسول الله ﷺ فرمائن ٿا ۽ هن حديث کي حسن قرار ڏين ٿا .
2 ؛ ام المومنين حضرت عائشه رضيه الله عنها کان روايت ڪيل هڪ حديث آهي ته ؛ الله تعالى شعبان جي پندرنهن رات دنيا جي آسمان طرف نزول ڪندا آهن ۽ بنو ڪلب جي ٻڪرين جي وارن جيترو ماڻهن جي مغفرت فرمائن ٿا ( ترمذي)
امام ترمذي هن حديث کي نقل ڪري ٿو ۽ سند جي حيثيت ضعيف قرار ٿو ڏي پر متعدد ذريعن کان روايت جي تائيد هجڻ ڪري هن ۾ قوت اچي وڃي ٿي ، تنهنڪري علامه الباني رحمة الله عليه لکن ٿا ته ” حاصل گفتگو اهو آهي ته حديث هنن سڀنن طرق جي لحاظ کان بلاشڪ صحيح آهي ۽ حديث جي صحت هن کان گهٽ ۾ به ثابت ٿي ويندي آهي جڏهن هن کان به وڌيڪ ضعف نه لڌو وڃي ، جئين هن حديث جو معاملو آهي (سلسلة الاحاديث 2 ؛148)
هن روايت کي علامه بهيقي رحمة الله عليه شعب الايمان (7 ؛ 410 ) ۾ نقل ڪيو آهي ۽ هن جي محقق علامه عبدالعلي رحمة الله عليه فرمائن ٿا ته ” هن جا راوي قابلِ اعتماد آهن .
عصرِ حاضر جي محقق علامه عثيمين رحمة الله عليه فرمائن ٿا ته بعض تابعين هن موقعي تي نماز ۽ ذڪر جي صورت ۾ رات جاگڻ جو ثبوت ملي ٿو ” ( فتاوى برائي خواتين ص 56 )
مولانا تقي عثماني مد ظله فرمائن ٿا ته ” امت مسلمه جي خير القرون ( دورِ صحابه رضيه الله عنهم ، دورِ تابعين ۽ دورِ تبع تابعين رحمة الله عليهم ) ۾ به هن رات جي فضيلت مان فائدو وٺن جو اهتمام ڪيو ويندو هو ، ماڻهو هن رات اندر عبادت جو خاص اهتمام ڪن ٿا تنهنڪري هن کي بدعت جون بي بنياد ، بي اصل چوڻ صحيح نه آهي ( اصلاحي خطبات 4 ؛265)
هن سلسلي ۾ حضرت ابنِ تيميه رحمة الله عليه جو فتوى ” اتمام حجت “ جي حيثيت رکي ٿو ، هو فرمائن ٿا ته ” شعبان جي پندرنهن رات متعلق گهڻيون حديثون ۽ آثار مروي آهن ۽ سلف جي هڪ جماعت کان منقول آهي تنهنڪري رات جو اڪيلي نماز پڙهڻ وارن لاءِ اهڙي عملي نمونو موجود آهي . هن ۾ هنن لاءِ دليل آهي ، تنهنڪري اهڙي عمل تي گرفت ڪرڻ ۽ نڪير نٿو ڪري سگهجي ( مجموع الفتاوى )
سڌي واٽ ؛
شبِ برات جي سلسلي ۾ اڄ ڪلھ افراط ۽ تفريط آهي . هڪ جماعت غلو جي حد تائين هن نيڪ عملن تي بزد آهي ۽ بدعتن کان به پاسو نٿي ڪري ۽ ٻي جماعت هنن نيڪ عملن کي مورڳو بدعت ڪوٺي ٿي ۽ ذڪر ٿيل ” صحيح ، حسن ۽ مرسل حديثن جو ذرو برابر لحاظ نٿي ڪري ، اهڙي صورت ۾ معتدل ، مناسب عمل اهو آهي ته شبِ برات جا منڪر ” صلواة الخير“ بدران “ صلواة التسبيح“ جو گهٽ ۾ گهٽ اهتمام ڪري ۽ هن ڏينهن جي روزي بدران هن مهيني جي ايام بيض (12 ، 13 ،15 ) جي روزن جو معمول بنائن ، اهي ٻئي عمل صحيح ۽ حسن حديث مان ثابت آهن ( فقه السنة 208 ، معارف الحديث سوم ص 371 ، زاد المعاد)ن۽ شبِ برات جي متشدد قائلين کان اها گذارش آهي ته حديثن ۽ آثارن کان هن ڏينهن رات جي اعمالِ خير جي سلسلي ۾ جيترو ۽ جنهن طرح ثابت آهي ايترو ئي ۽ بلڪل اهڙي طرح عمل ڪن پنهنجي طور طريقي تي غير قومن جي اختلاط ۽ خير القرون ( صحابه ڪرامن ، ۽ تابعين) ۽ خير الامڪنه ( مڪو مدينو) کان زمان ۽ مڪان جي دوري جي آڌار ذري برابر هن ڏينهن رات جي عملن ۾ اضافو ۽ زيادتي نه ڪن .
الله تعالى کان دل جي گهرائي سان دعا آهي ته اسين سڀنن مسلمانن کي صراط مستقيم تي هلائي ۽ هن مهيني مبارڪ جي ڏينهن رات ۾ گهڻو عملِ خير جي توفيق عطا فرمائي ۽ هن ڏينهن ۾ ٿيندڙ خرافتن ۽ بدعتن کان محفوظ رکي . ( آمين)
جوڙيندڙ ( افتخار علي چوهان
حواله جات ؛ رساله ختمِ نبوت
No comments:
Post a Comment