ليکڪ؛ افتخار علي چوهاڻ
ابن الهيثم
ابن الهيثم

ابن الهيثم جو پورو نالو ابو علي حسن ابن الهيثم هيو. هن جي پيدائش 965 ء ۾ بصره ۾ پيدا ٿي ۽ 1039ء ۾ قاهره جي شهر ۾ انتقال ڪيائين. هو اسلامي دنيا جا عظيم رياضي دان ، ماهرطبيعات ۽ ماهر نوريات هئا.
علم نوريات جي متعلق هن جي شهره آفاق نتصنيف هاڻي عربي ۾ موجود ناهن. پر هن جا لاطيني زبان ۾ ترجمه موجود آهن. هو پهريون شخص هيو جن بينائي جي متعلق يونانين جي غلط نظريعي کي صحيح ڪيو . هن ٻڌايو ته روشني جي شعائون شين کان اکين جي طرف اينديون آهن نه ڪي اکين جي ڏسڻ سان شين ڏانهن وينديون آهن . هن جو هي نظريو رڳو قياس تي مبني ڪون هيو بلڪ هن خلياتي تحقيقن سان هن کي ثابت ڪيو. هن کان سوا هن روشني جي شعائن جو شفاف شي جئين؛ حوا کان پاڻي جو گزارڻ جو مطالعو ڪيائين ۽ پاڻي سان ڀريل شيشن جي ٿائن تي تجربه ڪيا. جنهن جي نتيجي سان هن خوردبيني جي ايجاد جو رستو هموار ڪيو ۽ هو هن جو پيش رو ثابت ٿيو. هن جو ڪتاب ”ڪتاب المناظر“ جو 1852 ء ۾ لاطيني زبان ۾ ترجمو ٿيو. هن ئي سال شفق(آسمان) جي متعلق هن جي ڪتاب جو پڻ لاطيني زبان ۾ ترجمو ٿيو. ابن الهيثم ٻيا به کوڙ ڪتاب لکيا . هنن ۾ان چند ڪتاب انڊلٺ ”قوس قزح“ جي متعلق آهن جنهن ۾ انڊلٺ پيدا ٿيڻ جا سبب ٻڌايا آهن. پاڇو ۽ گرهڻ (سڄ توڙي چنڊ) جي متعلق ڪتاب لکيا. هن شين جي الٽو عڪس نظر اچڻ تي ، نقطن ، شين جووڏو نظر اچڻ جي نظرياتن جو وڏي وضاحت سان ۽ درست بيان ڏنا آهن. هن جا نظريات گهڻو ڪري انگ اکر تي مبني آهن ۽ تجربن سان ثابت آهن.
ابن الهيثم زمين جي بلندي ساڍا اٺونجاھ ميل ٻڌايو آهي جيڪو لڳ ڀڳ صحيح ثابت ٿيو آهي هن کان سوا هن زمين جي ڪثافت سان بحث ڪيو ۽ زمين جي بلندي ۽ هن جي تبديل ٿيندڙ ڪثافت جي متعلق بحث ڪيو آهي. هن تجربي سان ثابت ڪيو ته جسم جو وزن زمين جي ڪثافت سان بدلجي ٿو . هن مرڪزي ڪشش جي مسئلن تي به روشني وڌي ۽ ميزان تي هن جو تجربو ڪيو ۽ ڪشش کي هڪ طاقت تسليم ڪيو.هن جي هنن نظرين جي نيوٽن وظاحت ڪئي.
No comments:
Post a Comment