30 Mar 2011

مسلمان سائنسدان قسط 8

ليکڪ؛ افتخار علي چوهاڻ
ابو القاسم الزهراوي
 
زهراوي 936ء ۾ قرطبه جي ويجهڙ علائقي ۾ پيدا ٿيا. هو هڪ عظيم ترين مسلمان سرجن هيو. هن جي گهڻي شهرت جي باعث هن جو ڪتاب ” التصريف“ آهي.جيڪو ٽيھ جلدن تي مشتمل هڪ انسائڪلوپيڊيا آهي ۽ هن جا آخري ٽي جلد سرجري جي متعلق آهي. هن ۾ هڪڙي حصي ۾ سرجري جي ذريعي اک ، ڪن ۽ ڏندن جي علاج تي بحث ڪئي وئي آهي. هن ڪتاب مغرب ۾ ڏاڍي مقبوليت ماڻي ۽ صدين تائين هتي جي نصاب ۾ شامل رهي.
زهراوي سرجري جا ڪيترائي آله ايجاد ڪيا . هن ۾ ٽي آله ڏاڍا سودمند آهن. هڪ هو آلو آهي جنهن جي چونڀ ۾ فوم (اسپنج) جو ٽڪڙو هوندو آهي ۽ هن سان حلق جي اندران ڪنهن شيَ کي ڪڍڻ لاء ڪم آڻبو آهي . ٻيو آلو زخم جي گهرائي معلوم ڪرڻ ۽ پيشاب جي نالي جي اندرين حصي جي معائني لاء ڪتب آڻبو آهي ۽ ٽيون آلو ڪن جي معائني لاء هو. هو هڪ ممتاز ڏندن جو ڊاڪٽر به هو ۽ خراب ڏندن جي جگھ تي مصنوعي ڏند لڳايڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو. هن جي ڪتاب ۾ ڏند سازي جي متعلق آلن جي تصويرون به ڏنيون ويون آهن. هن جا ڪتاب ڪيترن زبانن ۾ ترجمه ٿيا ۽ يورپ ۾ پڻ سرجري جو بنياد وڌو
.

No comments: