29 Mar 2011

مسلمان سائنسدان قسط 2

ليڪڪ؛ افتخار علي چوهاڻ


محمد موسى الخوازمي

جن عظيم مفڪرن مختلف علمن جي ترقي ۾ حصو ورتو انهن مان محمد موسى الخوازمي ممتاز حيثيت رکي ٿو. هن
رياضي ، موسيقي ، جغرافي ، تاريخ ۾ لافاني ڪارنامه سرانجام ڏنا آهن.هن جي پيدائش 780ء ۾ خوارزم ۾ ٿي. ننڍپڻ ۾ ئي هن جو خاندان بغداد جي ڪنارن تي اچي آباد ٿي ويو هيو.هن جي ابتدائي زندگي جي تمام ٿورڙي ڄاڻ ملي ٿي. هن جو لاڏاڻو847ء ۾ ٿيو.
علم رياضي جي ميدان ۾ لافاني ڪارنامه سرانجام ڏنائي هو دنيا جي عظيم رياضي دانن منجھان هيو. هن جو
ڪتاب ”الجبر و المقابله“ جو ٻارهين صدي ۾ ترجمو ٿيو ء سورهن صدي تائين يورپي يونيورسٽين ۾ رياضي نصاب ۾
شامل رهيو. هنئي ڪتاب يورپ وارن کي الجبرا کان متعارف ڪرايو ۽ خوارزمي جي ئي ڪتابن يورپ وارن کي ”اعشراريه“ کان روشناس ڪرايو.
خوارزمي جو سڀ کان نمايان ۽ لافاني ڪارنامو ٻڙي (صفر)(zero) جي ايجاد آهي. هو پهريون ماڻهو هيو جن هندسن ۾ صفر(zero) استعمال ڪيو. جنهن کان پوء حساب ڪتاب ۾ سولائي اچي وئي. هن جي حساب ۾ ڪتاب نالي”ڪتاب الجمع و التفريق“سان مشهور هئي هن جا گهڻائي ترجمه ڇپيا. اطلالين زبان ۾ هن ڪتاب جا ترجمه اڄ به موجود آهن.
خوارزمي علم مثلث (TRIGNOMETRY) ۾ به بي ملھ خدمت سرانام ڏنو. هن علم ۾ هن جو سڀ کان نمايو خدمت
اهو شيڏول هيو جيڪو زاويي (sine) ۽ مماس (TANGENT) جي تفاعل جي متعلق آهي . 1926ء ۾ لاطيني زبان ۾ هن جو ترجمو ٿيو.
خوارزمي علم فلڪيات جو به ماهر هيو. مامون رشيد درياء فرات جي ڏکڻ ۾ اهڙو طريقو اختيار ڪيو هيو جڏنهن
عين زوال جي درجي جو پيمائش ڪيو هيائين ته هنن جي ماهرين فلڪيات اهڙو طريقو اختيار ڪيو هيو جيڪو
يونانين جي طريقي کان بهتر هيو ۽ هنن جو مقصد زمين جو پيمائش ڪرڻو هيو. ماهرينن جي قيادت خوارزمي ڪري
رهيو هيو ۽ تقريبن صحيح نتيجو ڪڍيائين هوء هن ڪري جو هن ڄگھ جي زمين جي اصل ڊيگھ هن جي کنيل ڊيگھ
کان رڳو 960 گز وڌيڪ آهي..خوارزمي فلڪيات تي هڪ ننڍو ڪتابڙو لکيائين ۽ ”زج“ نالي پنهنجو شيڏول به ترتيب
ڏنائين. جنهن جو ٻه سو سال بعد اسپين ۾1132ء ۾لاطيني زبان ۾ ترجمو ٿيو. بعد ۾ مشرق ۽ مغرب ۾ به فلڪيات تي
تحقيق ٿي هن سڀنن م هن شيڏول کي بنيادي اهميت حاصل آهي،
خوارزمي ” اصطرلاب“ نالي هڪڙو آلو به ايجاد ڪيائين جنهن سان اجرام فلڪي جي گردش جي پيمائش ڪئي
ويندي هئي. هن تي هن ٻه ڪتاب پڻ لکيا.. هڪ ڪتاب ۾ هن هن آلي کي ٺاهڻ جو طريقو ۽ ٻئي ۾ استعمال ڪرڻ
جا طريقه لکيا هئا. هن ” تپش جي گهڙي“ تي پڻ ڪتاب لکيو جيڪو هاڻ ناياب آهي.
خوارزمي جغرافيه ۾ ”صوت الارض“ نالي ڪتاب لکيو هيو جنهن ۾ جغرافيي جا نقشه به ڏنل هئا. هن جو ترجمو اڄ به جرمني ۾ محفوظ آهي.”سي اي نيليسو“ لاطيني زبان ۾ هن جو ترجمو ڪيو ۽ اعتراف ڪيائين ته ” اهو ڪتاب اهڙو
ڪارنامو آهي جيڪو اڄ تائين ڪنهن به يورپي قوم ترقي جي آغاز ۾ پيش نٿي ڪري سگهي
 “.

No comments: