29 Mar 2011

مسلمان سائنسدان قسط 1

ليکڪ؛ افتخار علي چوهاڻ

ابن بيطار
ابن بيطار هڪ عظيم ماهر نباتيات هيو جيڪو ٻارنهن صدي عيسوي ڌاري جي پڇاڙي ۾ اسپين جي شهر ملاغا ۾ پيدا ٿيو. ۽ دمشق ۾ 1248 ء ۾ انتقال ڪيائين. هن روم سمنڊ جي ساحلي علائقي جو دورو هن ڪري ڪيو هو جو اهي ڄڙي بوٽي ۽ پودا گڏ ڪري جيڪي هن ساحل ۾ ڦٽندا هئا.
ابن بيطار جي شهره آفاق تصنيف ”الجامع في الادويه المفرده“ آهي۽ عربي ٻولي ۾ پهنجي نوعيت جو عظيم ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ ٻه سو(200) کان به وڌيڪ پودن جو ذڪر آهي جيڪي هن کان اڳ ماڻهن کي خبر نه هيو . هن کان سوا هن ۾ ڀاڄين ۽ ٻين پودن جون خرابين کي ختم ڪرڻ لاء بهترين آسان نسخه درج ڪيل آهن. هن ۾ مفرد دوائن ۽ مختلف قسمن جون غذائن جو ذڪر پڻ آهي. هن ڪتاب جي خوبي اها آهي جو هن ۾ ترتيب جو وڏو خيال رکيو ويو آهي ۽ هر ڳالھ کي تجربي ۽ مشآهدي سان ڪئي وئي آهي . ابن بيطار جي ٻي تصنيف ”ڪتاب المغني في ادويه المفرده“ آهي. هن ڪتاب ۾ ويھ کن باب آهن جن ۾ اهڙن مفرداتن جي خصوصياتن کي تفصيل سان بيان ٿيل آهن جيڪـو مٿو ، ڪن ، اک ۽ ٻين بيمارين ۾ استعمال ٿيندو آهي.
ابن بيطارجي هن ٻنهن تصنيفن کي بعد وارا ماهر نباتيات جي لاء رهنمائي ۽ علم نباتات جي ترقي جوذريعو بڻيون جهڙوڪ ، ليمن جي متعلق ”اينڊريا الپاگي“ جو مشهور مضمون درحقيقت بيطار جو الجامع جو ترجمو کان کنيون ويو آهي.

No comments: