ذهني غلامي
تاريخ عالم ۾ ائين بار بار ٿيندو پيو اچي ته پنهنجي وقت جون طاقتور قومون ڪمزور قومن کي فتح ڪري پنهنجو غلام بڻائينديون رهيون آهن ، پر جيئن جيئن سوڀاريون قومن جو سڄ لهڻ لڳندو آهي تيئن غلامي جون زنجيرون به ڌڙيون ٿينديون رهيون آهن .
هن جديد دور جون طاقتور قومون وري ڪمزور قومن تي بنا علائقي کي فتح
ڪندي انهن کي غلام بڻائي ڇڏن ٿيون ۽ اها غلامي بدترين غلامي هوندي آهي سوڀ
ماڻيندڙ قوم جي مٽڄڻ کان پوءِ به جيئن جو تيئن باقي رهن ٿيون ۽ اها آهي
ذهني غلامي .تاريخ عالم ۾ ائين بار بار ٿيندو پيو اچي ته پنهنجي وقت جون طاقتور قومون ڪمزور قومن کي فتح ڪري پنهنجو غلام بڻائينديون رهيون آهن ، پر جيئن جيئن سوڀاريون قومن جو سڄ لهڻ لڳندو آهي تيئن غلامي جون زنجيرون به ڌڙيون ٿينديون رهيون آهن .
جيڪر ڏٺو وڃي ته جسماني غلامي ايتري نقصان ده ۽ معيوب نه آهي جيتري ذهني غلامي آهي ، ڇو ته جيڪر ڪنهن قوم جي فڪر ۽ سوچ آزاد هجي ته اها ڪڏهن به شڪست تسليم نه ڪندي آهي ۽ موقعو ۽ وجه ملندي ئي پاڻ کي آزاد ڪري وٺنديون آهن، جڏهن ته جنهن قوم جو ذهني غلامي ۾ مبتلا ٿي وڃڻ هنن جي اندر سوچڻ جي صلاحيت کي مورڳو ختم ڪري ٿي ڇڏي.
اسلام جي چوڏهن سو ساله زندگي ۾ مسلمانن تي نازڪ حالات گذرندا رهيا آهن ، نبي ڪريم ﷺ جي وصال کان يڪدم پوءِ اٿندڙ فتنو ڪو گهٽ فتنو نه هو ، جيڪر اسلام کان سوا دنيا جو ٻيو ڪو مذهب هجي ها ته ان جو نالو ۽ نشان ئي نه بچي ها ، پر هن خطرناڪ فتني مان مسلمان سرخرو ٿي نڪتا .
1258 ع ۾ تاتاري فتنو درحقيقت سڄي دنيا مان مسلمانن جي وجود مٽائڻ جي سازش هئي ، تاتاري هڪ کان پوءِ ٻيو مسلم علائقو فتح ڪندا پيا رهيا ، ائين لڳي پيو ته هن تباهي مچائيندڙ سيلاب کي ڪير به روڪي نه سگهندوڇو ته مسلمانن جي گادي جو هند کي تباھ ڪيو ويو هو ۽ خليفه وقت کي چادر ۾ ويڙهي گهوڙن هيٽيان لتاڙيو ويو ، پر هن جي باوجود به مسلمانن همت نه هاري ۽ تاتارين خلاف ميدان جهاد ۾ اچي نڪتا ۽ آخرڪار انهن کي شڪست ڏنائون . غرض اهو ته جيسيتائين مسلمانن وٽ خلافت رهي مسلمان ڪنهن به قوم جا ذهني غلام نه بڻيا بلڪه هنن جو سوچون هميشه آزاد هيون پر خلافت ٽٽڻ کان پوءِ جتي هڪ پاسي مسلم علائقن تي ڪافر قبضه ڪيا اتي ذهن به غلامي ڏانهن ويندا رهيا ، هن غلامي جا اثر ايترا ته سگهارا ثابت ٿيا جو جسماني آزادي جي باوجود به مسلمان ذهني طور تي ڪافرن جا غلام ٿي رهيا . ذهني غلامي جي سڀ کان وڏي نحوست (adversity) اها هوندي آهي جو ذهني طور تي غلام قوم سٺي کي برو ۽ بري کي سٺو ، نفع کي نقصان ۽ نقصان کي نفعو ، دوست کي دشمن ۽ دشمن کي دوست سمجنهدا رهن ٿا .
هن ئي ذهني غلامي مسلمانن کي قرآن پاڪ ۽ حديث مطابق سوچڻ جي صلاحيت کان
پري ڪري ڇڏيو جيئن اهي حالتن کي قرآن پاڪ ۽ حديثن جي روشني ۾ تجزيو (analyesis)
نه ڪري سگهن ، بلڪه اڄ اڪثر پڙهيل لکيل ماڻهو به حالتن کي مغربي (اوله)
ميڊيا جي نظر سان ڏسي تجزيه ڪندا آهن ، موجوده دور جا هٿ ٺوڪيا، (intellectuals) مفڪر (thinker,s)
۽ اديب حضرات پنهنجي قلمن کي انهيءَ رستن تي ڊوڙائيندي نظر ايندا جيڪي
مغربي مفڪرين جي هٿن جا ٺاهيل آهن ۽ اهي جنهن منزل تائين پهچندا آهن اها
مغربي مفڪرن پهريان ئي طي ڪري چڪا هوندا آهن ، جڏهن ته اهي حضرات سمجهندا
آهن اسان وڏو ڪو ڪمال ڪيو آهي اوهان اهو ضرور ڏٺو هوندو :
مثال : روس جو افغانستان ۾ اچڻ ، افغان مجاهدين جو جهاد ۽ سوڀ ، طالبان جي اسلامي حڪومت ڄڙڻ ۽ امريڪه جو افغانستان تي حملو ، امريڪي جو خليج ۾ اچڻ ۽ عراق تي قبضو ، اسرائيل ۾ فلسطينين سان ظلم ، يارنهن سيپٽيمبر تي امريڪه تي حملو ۽ اهڙن واقعن ۾ اهي دانشور جا تجزيه ۽ انهن جو خلاصو اهڙو هوندو جنهن سان مسلمانن جي حوصله افزائي بدران حوصله شڪني نظر ايندي ، الله تعالى کي سپر پاور ثابت ڪرڻ جي ابتڙ ڪنهن ڪافر ملڪ کي سپر پاور ثابت ڪيو ويندو ۽ جيڪو ڪجه ٿئي ٿو ، بس ڪافرن جي مرضي مطابق ٿيندو آهي وغيره وغيره .
اسان کي گهرجي ته قرآن پاڪ ۽ حديث جي روشني ۾ پنهنجو آئيندو ڄوڙيون ۽ مغربي ميڊيا جي هٿ ٺوڪيا تجزيه نگارن جون رپورٽون پڙهي انهن تي تجزيه ڏيڻ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪريون ، يا وري قيامت تائين اسان حالتن جو صحيح اندازو نه ڪري سگهنداسين ۽ اچانڪ قيامت اسان مٿان اچي بيهندي ، نبي ڪريم ﷺ قيامت تائين پيش اچڻ وارن واقعن کي کولي بيان ڪيو آهي ،اهڙن حديثن کي اڳيان رکي اسان کي لائحه عمل ڄوڙڻون پوندو ، ايندڙ وقت لاءِ پاڻ کي به تيار ڪريون ۽ حقيقت کان نظر ڦيرائڻ بدران ان سان مقابلي جي سگه حاصل ڪريون .
الله تعالى امت مسلمه کي دين جي سمجه عطا فرمائي ۽ اسان سڀني کي دين ۽ دنيا جو ڪاميابي سان همڪنار فرمائي . آمين

No comments:
Post a Comment