قائداعظم محمد علي جناح: هڪ عظيم اڳواڻ
برصغير جي سياسي تاريخ ۾، ڪيترائي ناليوارا اڳواڻ ٿي گذريا آهن پر ويهين صديءَ جي شروعاتي پنجاهه سالن ۾ جيڪي سياسي اڳواڻ اڀريا، انهن مان قائد اعظم محمد علي جناح پڻ هڪ هو، جيڪو پنهنجي شخصيت ۽ سياسي بصيرت ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکندڙ عظيم اڳواڻ طور سامهون آيو، قائد اعظم محمد علي جناح اهو اڳواڻ هو،
جيڪو پنهنجي نظرياتي عزم سان
پُختي عقيدي جو مالڪ هو، جنهن هندوستان جي مسلمانن ۾ شعور ۽ جذبو پيدا ڪيو ۽
انهن کي هڪ هنڌ ۽ هڪ جهنڊي هيٺيان گڏ ڪيو ۽ پنهنجي لازوال جدوجهد جي ذريعي
مسلمانن لاءِ هڪ عليحده وطن پاڪستان جو وجود آڻي، دنيا جي نقشي تي هڪ آزاد
مسلم ملڪ جو نالو روشناس ڪرايو، قائد اعظم محمد علي جناح 25 ڊسمبر 1876ع
تي پيدا ٿيو، هي عظيم انسان جيتوڻيڪ وڪالت جي شعبي ۾ وڏي مهارت رکندو هو پر
سياسي حوالي سان سندس سوچون ايندڙ وقت جي طرف مائل هونديون هيون، جنهن
ڪانگريس جي پليٽ فارم تان مسلمانن کي پنهنجا حق وٺڻ جي لاءِ پنهنجي جدوجهد
کي اڳتي وڌايو ۽ سندن حقن جي تحفظ لاءِ عملي طور قانوني رستا اختيار ڪري،
مسلمانن ۾ حوصلو پيدا ڪيو ۽ سندن شعور جو اهڙو ته ڏيئو روشن ڪيو، جنهن پوري
برصغير ۾ پنهنجي روشني پکيڙي مسلمانن ۾ سُجاڳيءَ جو جذبو پيدا ڪيو، سياسي
جدوجهد جي ان ڊگهي سفر کي هلائيندي 1921ع ۾ ڪانگريس سان ذاتي اختلافن سبب
استعيفا ڏئي مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ان پليٽ فارم تان پنهنجي
جدوجهد کي اڳتي وڌائيندي، رات ڏينهن مسلمانن جي بهتر مستقبل لاءِ ڪم ڪرڻ
لڳو، 1930ع ۾ مسلم ليگ جي سالياني اجلاس ۾ علام محمد اقبال مسلمانن لاءِ هڪ
الڳ ۽ آزاد ملڪ جو تصور پيش ڪيو، مارچ 1940ع ۾ الهه آباد جي جلسي ۾ مسلم
ليگ قرارداد پاڪستان پيش ڪري هڪ آزاد وطن جو مطالبو ڪيو، 22 مارچ 1947ع تي
لارڊ لوئيس مائونٽ بئٽن ان قسم جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، محسوس ڪيو ته
مسلمان هڪ آزاد ۽ مستقل وطن جي قيام جو عزم ڪري چڪا آهن، اهڙي صورتحال کان
هن برطانوي پارليمنٽ کي پڻ آگاهه ڪيو ۽ هندوستان ۾ پيدا ٿيل صورتحال جي حل
لاءِ پنهنجي هڪ رٿ حڪومت کي اماڻي، جنهن جي روشنيءَ ۾ آخرڪار برطانوي حڪومت
3 جون 1947ع تي هندوستان ۾ جدا جدا آزاد حڪومتن پاڪستان ۽ هندستان جي قيام
جو اعلان ڪيو، 18 جولاءِ 1947ع تي برطانوي رائل ڪميشن، ان تجويز کي بل جي
صورت ۾ قانوني حيثيت ڏيارڻ لاءِ بل کي هائوس آولارڊس ۾ پيش ڪيو ۽ اهڙيءَ
طرح 15 ڏينهن کانپوءِ ان بل جملي مرحلا طئي ڪري پارليمنٽ جو هڪ نرالو رڪارڊ
قائم ڪيو، 13 آگسٽ 1947ع تي هند وائسراءِ لارڊ مائونٽ بئٽن پڻ پنهنجي
اهليه سميت ڪراچي پهتو ۽ ٻي ڏينهن تي شاهي فرمان موجب سنڌ سيڪريٽريٽ ۾
حڪومت پاڪستان جي ڪاروبار جا سمورا اختيار قائداعظم محمد علي جناح جي حوالي
ڪيائين ۽ اهڙيءَ طرح دنيا جي نقشي تي هڪ آزاد مملڪت جو وجود ۾ اچڻ،
مسلمانن جي ٻڌي ۽ مضبوطي جي علامت جو هڪ نادر مثال سامهون آيو. اڄ جيتوڻيڪ
هي عظيم اڳواڻ اسان وٽ ظاهري طور موجود نه آهي پر اسين سندس پيش ڪيل
دانشمندانه ڳالهين تي هلندي دعاڳو آهيون ته سندن حاصل ڪيل حڪومت پاڪستان کي
خوشحال ۽ آزاد رکي ته جيئن سندن ياد کي هميشه تازو ۽ نالي کي سدائين زنده
رکي سگهجي.برصغير جي سياسي تاريخ ۾، ڪيترائي ناليوارا اڳواڻ ٿي گذريا آهن پر ويهين صديءَ جي شروعاتي پنجاهه سالن ۾ جيڪي سياسي اڳواڻ اڀريا، انهن مان قائد اعظم محمد علي جناح پڻ هڪ هو، جيڪو پنهنجي شخصيت ۽ سياسي بصيرت ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکندڙ عظيم اڳواڻ طور سامهون آيو، قائد اعظم محمد علي جناح اهو اڳواڻ هو،
ياسر عبدالغني خاصخيلي
ڪاوش جي ٿورن سان
No comments:
Post a Comment