هِن پُل تي يا هُن پُل تي .
پراڻي زماني جا ماڻهو جڏهن پاڻ ۾ ملندا هئا
ته هڪ ٻئي کي الله جو خوف ڏياريندا هئا ( اوصيڪم بتقوة الله) اصل ۾ الله
پاڪ جو خوف ئي اهڙو ڪيميائي نسخو آهي جيڪو ماڻهن کي مختلف برائين کان بچائي
سگهي ٿو هي ٻن ٽنگن وارو جانور چئن ٽنگن واري جانور کان وڌيڪ بي حياءُ ،
وڌيڪ بدمعاش ، وڌيڪ ظالم ۽ وڌيڪ درندو هوندو آهي جيڪڏهن ان جي دل ۾الله جو
خوف نه هجي . دنيا جي تاريخ تي نظر ڪيو اوهان کي پوري تاريخ ۾ هڪ واقعو به
اهڙو نظر نه ملندو جو جهنگ جي جانورن گڏجي ڪري هڪ شهر تي حملو ڪيو هجي ۽
سڄي شهر کي برباد ڪري ڇڏيو هجي ، پر اهڙا ڪجه نه هزارين واقعه توهان کي
ملندا جنهن ۾ انسانن شهرن جا شهر تباه ڪري ڇڏيا . هيروشيما ، ناگاساڪي ،
افغانستان ، عراق ۽ ويٽ نام انجي ويجهي زماني جا مثال آهن . مطلب الله
تعالى جو خوف ۽ آخرت جو پڇاڻو انسان کي ظلم ، جبر ، زيادتي ۽ درندگي کان
روڪي ٿو .
ملڪ شاه سلجوڪيءَ جي زماني جو واقعو آهي ته
ان جي سپاهين هڪ غريب پوڙهي عورت جي ڱئون ذبح ڪري کائي ڇڏيو . پوڙهي بادشاه
کي پنهنجي دانهن ڏيڻ ڇاهي پئي پر پٽيوالا ۽ چوڪيدار ان کي بادشاه تائين
پهڇڻ نه پيا ڏين . هڪ ڏينهن بادشاه سلجوڪي جي سواري هڪ پل تان گذري رهي هئي
ته پوڙهي اڳواٽ اچي پل تي بيٺي ، بادشاه جي گهوڙي جو لغام پڪڙي چوڻ لڳي : “
اي بادشاه ! منهنجو ۽ تنهجو فيصلو هِن پل تي ٿيندو يا هُن پل (صراط) تي ؟”
بادشاه پوڙهي جي ان جملي تي ڏڪي ويو. گهبرائجي سواري تان لٿو ۽ چيو: “
امان هُن تي ڪنهن کي جرئت آهي جو بيهي سگهي ، بهتر آهي ته منهنجو ۽ تنهنجو
انصاف هِن پل تي ٿئي .”
ان کان پوءِ پوڙهيءَ ٻڌايو ته تنهجي سپاهين
منهنجي ڱئون ذبح ڪري کائي ڇڏي آهي . مان توکان ان ظلم جو انصاف گهران ٿي .
بادشاه ان جاءِ تي معاملي جي تحقيق ڪئي ، جڏهن پوڙهي جي شڪايت صحيح ثابت ٿي
ته ان وقت مجرمن کي سزا ڏنائين ، پوڙهي کان معافي گهري ۽ ڱئون جي اصل قيمت
کان به وڌيڪ ڏئي پوڙهيءَ کي رازي ڪيو .
ماهوار الفاروق سنڌي جي ٿورن سان
No comments:
Post a Comment