شريعت جا پنج بنيادي مقاصد ۔
شريعت جا پنج بنيادي مقصد آهن
1 . دين جي حفاظت.
2 . مال جي حفاظت.
3 . عقل جي حفاظت.
4 . نسل جي حفاظت.
5 . مال جي حفاظت.
1 . سب کان پهريون مقصد آهي دين جي حفاظت ، دين مان مراد الله ۽ ٻانهي جي وچ ۾ جيڪو رشتو آهي ، الله ۽ ٻانهي جي وچ ۾ جيڪا نوعيت آهي ،جنهن جي حد بندي ۽ تعين قرآن مجيد ۽ سنت کان ٿئي ٿي جنهن کي منظم ڪرڻ لاءِ قرآن مجيد ۽ سنت ۾ بي شمار حڪم ڏنا ويا آهن ، جئين نماز ،روزو ،تلاوت ، الله کي ياد ڪرڻ ، ذڪر ڪرڻ وغيره هنن سڀنن جو مقصد الله ۽ ٻانهي وچ ۾ تعلق قئم ڪرڻ آهي ، اها شريعت جي سڀ کان وڏي ۽ بنيادي مقصد آهي .
2 . ٻيو بنيادي مقصد انسان جي جان جي حفاظت آهي . شريعت جي اصطلاح ۾ هر انسان ”معصوم الدم“ آهي ،هن جو رت محفوظ ۽ معصوم آهي. هڪ انسان جي جان وٺن پوري دنيا جي انسانن جي جان وٺن برابر آهي ۽ هڪ انسان جي جان بچائڻ پوري انسانيت جي جان پچائڻ برابر آهي . ها جيڪر پاڻ شريعت ئي جي آڌار تي هن جان کي واجب القتل قرار ڏنو ويو ته اها ٻي ڳالھ آهي .
3 . شريعت جو ٽيون مقصد آهي انساني عقل جو تحفظ . انسان الله جو جانشين ۽ خليفو آهي ، الله جي حڪمن جو پابند ۽ مڪلف آهي . هن ڪائنات ۾ الله تعالى جا گهڻائي صفاتن جا مظهر آهن . انهن سڀنن ذميدارين جو انجام عقل تي رکيل آهي . جيڪر انسان کي عقل نه هجي ها ته هن جو درجو جانورن کان مختلف نه هجي ها ، تنهڪري شراب نوشي ، منشيات کي استعمال ڪرڻ حرام قرار ڏنو ويو آهي . جيڪي به شيون انساني عقل کي متاثر ڪن ٿيون جهڙوڪ مسريزم ، جادو وغيره ۽ اهي سب شريعت جي آڌار تي حرا م آهن .
4 . شريعت جو چوٿون بنيادي مقصد آهي انسانجي نسل ۽ خاندان جي بقا جي حفاظت . نسل انساني جي بقا ۽ تسلسل هن ڳالھ تي رکيل آهي ته خاندان جو ادارو موجود هجي ، خاندان جو ادارو مقصود نه هوندو ته نسل انساني جي تربيت ۽ بقا جو سلسلو ختم ٿي ويندويا وري اخلاقي بنياد تي قائم نه رهي سگهندو، جنهن کي اسلام قائم ڪرڻ چاهي ٿو .
5 . شريعت جو پنجون بنيادي مقصد انسان جي جائداد ۽ مال جي حفاظت آهي . جائئداد يا مال ، فرد جو هجي ، فردن جو هجي ،گروهن جو هجي ،حڪومت جو هجي ، رياست جي ملڪيت هجي يا وري ڪنهن اداري جي هنن سڀنن جو تحفظ شريعت جو بنيادي مقصد آهي .
.
سنڌيڪار ؛ افتخار علي چوهاڻ
ورتل ، محاضرات فقه( ڊاڪٽر محمود غازي رحمة الله عليه)
21 Jul 2011
شريعت جا پنج بنيادي مقاصد ۔
تبصرن جا اطلاع حاصل ڪرڻ لاءِ:
هتي ڪلڪ ڪريو
No comments:
Post a Comment