24 Jul 2011

ڪينو ۽ حسد کان پاڪ هجڻ جنتي هجڻ جي نشاني آهي .



حافظ ابنِ ڪثير رحمة الله عليه مسند احمد جي حوالي سان روايت ڪن ٿا ته حضرت انس رضيه الله عنه کان اها روايت آهي ؛
” اسين رسول الله ﷺ سان گڏ ويٺا هئاسين ، نبي ڪريم ﷺ فرمايو ؛ “ هاڻي توهان جي آڏو هڪ شخص اچڻ وارو آهي جيڪو جنت جي اهل منجهان آهي “ .
چنانچ هڪ صاحب انصار وارن مان آيو، جنهن جي ڏاڙهي کان تازي وضو جا ڦڙا ڪري رهيا هئا ۽ هن جي کاٻي هٿ ۾ چپل کنيل هئي ، ٻئي ڏينهن به اهڙوئي واقعو ٿيو ، اهوئي شخص هن ئي حالت ۾ آيو ، ٽئين ڏينهن به ساڳيو واقعو پيش آيو ۽ اهوئي شخص پنهنجي ساڳي حالت ۾ داخل ٿيو .


جڏهن رسول الله ﷺ اٿيا ته حضرت عبدالله به عمرو رضيه الله عنه هن شخص جي پويان لڳو ( جئين هن جي اهلِ جنت هجڻ جو راز معلوم ڪري سگهي) ۽ هن انصاري کي چيائين ته مون ڪنهن جهيڙي ڪري قسم کاڌي آهي ته ٽن ڏينهن تائين گهر ڪون ويندس ،جيڪر اوهان مناسب سمجهو ته ٽي ڏينهن پاڻ وٽ رهڻ جي اجازت ڏيو ، هن منظور ڪيو .
حضرت عمر بن عمرو رضيه الله عنه اهي ٽئي راتيون هن سان گڏ گذاريون ، ته ڏٺائين ته اهو شخص رات تهجد لاءِ نٿا اٿن ، پر جڏهن رات سمهڻ لاءِ بستر تي وڃن ٿا ته ڪجه الله جو ذڪر ڪن ٿا ، پوءِ صبح جي نماز لاءِ اٿي وڃن ٿا ، البته هن پوري عرصي ۾ سواءِ خير جي ڪلمي جي ڪجه به نه ٻڌو.
جڏهن ٽي راتيون پوري ٿيون ۽ ويجهي هو جو منهنجي دل ۾ هن عمل تي حقارت اچي مون پنهنجو راز کولي ڇڏيو ، ته منهنجي گهر ۾ ڪو به جهيڙو نه ٿيو هو ، پر آئون رسول الله کان ٽن ڏينهن تائين ٻڌندو رهيم ته توهان وٽ هڪ شخص ايندو جيڪو جنتي آهي ۽ هن ٽن ئي ڏينهن ۾ اوهان ئي آيا ، هن ڪري مون چاهيو ته اوهان جو اهو عمل معلوم ڪريان جنهن جي ڪري اوهان کي اها فضيلت حاصل ٿي ، پر عجيب ڳالھ آهي ته مون اوهان جو ڪو به اهڙو وڏو عمل ڪندي نه ڏٺو ، ته اوهان وٽ ڪهڙي شي آهي جنهن اوهان کي اهڙو درجو ڏياريو؟

هن فرمايو ؛ مون وٽ ٻيو ڪو عمل نه آهي سواءِ جيڪي تو ڏٺا آهن ، مون اهو ٻڌي واپس اچڻ لڳس ته هن مونکي سڏ ڪري چيو ، هائو هڪڙي ڳالھ آهي ” آئون پنهنجي دل ۾ ڪنهن مسلمان ڏانهن ڪينو يا برائي نٿو رکان ۽ نه ڪنهن تي حسد ڪندو آهيان ، جنهن تي الله ڪا خير عطا فرمايو هجي “ .
حضرت عبدالله بن عمرو رضيه الله عنه فرمايو ؛ ” بس اهائي اها صفت آهي جنهن جي ڪري اوهان کي اهو مقام عطا ٿيو آهي.
(مسند امام احمد بن حنبل رحمة الله عليه، ص 645)

سنڌيڪار افتخار علي چوهاڻ

No comments: