انسان جي دلين جا چار قسم .
مسند امام احمد ابنِ حنبل رحمة الله عليه ۾ منقول آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته ؛ دليون چار قسم جون ٿينديون آهن .
هڪ ته صاف دل جيڪا ٻرندڙ ڏئي جيان روشن هوندي آهي . ٻي دل جنهن تي پردو پيل هوندو آهي ، ٽين دل اها جيڪا اونڌي هوندي آهي ، چوٿين دل جيڪا ڳنڊيل هوندي آهي .
پهرين دل ته مومن جي آهي جيڪا پوري طرح سان روشن ۽ نوراني آهي . ٻي دل ڪافر جي دل آهي جنهن تي پردو پيل آهي . ٽين دل خالص منافق جي آهي ، جيڪو هاسيڪار انڪار ڪندو آهي . چوٿين دل ان منافق جي آهي جنهن ۾ ايمان ۽ نفاق ٻئي گڏيل آهن . ايمان جو مثال ان باغ جيان آهي جيڪو پاڪ پاڻي سان وڌي ۽ نفاق جو مثال ان ڦرڙي وانگر آهي جنهن ۾ رت ۽ پونئه وڌندي رهي ٿي . پوءِ ٻنئي مان جيڪو وڌي ويندو آهي اهو ٻئي تي غالب اچي ويندو آهي ( تفسير ابنِ ڪثير ج 1 ص 88 )
ڄوڙيندڙ ؛ افتخار علي چوهاڻ
تفسير ابن ڪثير (رحمة الله عليه)
21 Jul 2011
انسان جي دلين جا چار قسم .
تبصرن جا اطلاع حاصل ڪرڻ لاءِ:
هتي ڪلڪ ڪريو
No comments:
Post a Comment