8 Apr 2011

فري ميسن تحريڪ _ تعارف ۽ طريقيڪار

فري ميسن تحريڪ _ تعارف ۽ طريقيڪار

يهودي تحريڪن ، تنظيمن ، ادارن ۽ حلقن جو تفصيل سان ذڪر ڪرڻ ته وڏي ڳالھ پر سرسري ذڪر به هڪڙي هنڌ ممڪن ناهي تنهن ڪري سڀني کي ڇڏي ڪري رڳو هڪڙي تحريڪ جو ذڪر ٿا ڪريون جيڪا هنن سڀني مان گهڻي ڳجهي سڀ کان گهڻي موثر ۽ سڀ کان گهڻي خطرناڪ آهي . اها تحريڪ آهي ” انٽرنيشنل فري ميسنري “ يعني ” بين الاقوامي فري ميسنري تحريڪ “ (INTERNATIONAL FREE MESONARY) انٽرنيشنل فري ميسن مان مراد ڪا هڪڙي تحريڪ يا تنظيم ناهي هن واٽ تي دنيا ۾ سوين نه پر هزارين ”تحريڪون“ ، ”تنظيمون“ ۽ ”حلقا “قائم ٿيل آهن . فري ميسن تحريڪ بلڪل ئي ڳجهي تحريڪ آهي . هن جو اصل گهيرو ”مٿائون طبقا“ ، ”بادشاھ“ ، ”شهزادا “، ”امير “( جمهوري نظام ۾ صدر مملڪت ، وزير اعظم ، فوجي آفيسر) ”وڏيون مذهبي شخصيتون“ ، ”وڏا واپاري“ ۽ ”با اثر ماڻهو“ هن جي نشاني تي هوندا آهن .


سڀني ملڪن ۾ هنن جا مرڪز ٺهيل آهن جن کي ”لاج“ چوندا آهن مختلف آزمائشن (tests) مان گذرڻ کان پوءِ ئي ڪنهن کي لاج جو مستقل ميمبر بڻايو ويندو آهي . هن رڪنيت جا گهڻا درجا (ڏاڪا) آهن جنهن کي ”ڊگري“ چوندا آهن . هر ڊگريءَ جي رڪنيت لاءِ ڪي شرط آهن ۽ هر ڊگريءَ جو ميمبر رڳو پنهنجي برابر جي ڊگريءَ وارن سان ڳانڏاپو رکي سگهي ٿو ۽ هن درجه بندي تي ايتري قدر سختي سان عمل ڪيو وڃي ٿو جو هڪ ڊگريءَ جو ميمبر ٻي ڊگريءَ جي ميمبرن جي مقصدن ۽ ڳجهين منصوبن کان ڪنهن به طريقي سان واقف ٿي نٿو سگهي . مٿائون درجو رکندڙ ميمبرن جا مقصد ٻين ميمبرن کان پوءِ ڇو نه پوري زندگي فري ميسن تنظيم جي ميمبر جي حيثيت سان گذري هجي نهايت ڳجه ۽ رازداريءَ ۾ رکيا وڃن ٿا .

هن تنظيم جو طريقه ڪار ايترو ته ڳجهو آهي جو هن جي باري ۾ جانڪاري حاصل ڪرڻ نهايت ڏکيو آهي. لاجن جي لکڻين کي غير معمولي طور تي ڳجهو ۽ نهايت رازداري ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ هنن جي ميمبرن کان سواءِ ڪنهن ٻي کي هوا تائين نٿا لڳڻ ڏين .

گهڻي ڳولا کان پوءِ مختلف ذريعن کان جيڪا معلومات حاصل ڪري گڏ ڪري سگهجي ٿو ان مطابق لاج جا ميمبر هڪ ٻئي سان ڳجهي ڪوڊ ۾ ڳاله ٻوله ڪندا آهن ۽ هڪ ٻئي کي ڳجهن اشارن ۽ ڳجهن لفظن جي ذريعي سڃاڻيندا آهن . حد اها آهي ته پنهنجي برادري جي ميمبرن جي دروازن کي کڙڪائڻ جو به هڪ مخصوص انداز اٿن ۽ اهي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هليا وڃن هڪ ٻئي کي سولائي سان سڃاڻي وٺندا آهن .جيڪڏنهن ڪو فري ميسن ٻاهرين ملڪ جو سفر ڪري ته هن کي پنهنجي ميمبر کي سڃاڻڻ جي لاءِ ڪنهن تعارف جي ضرورت نٿي پوي .

سوشل اجتماعن ، جلسن يا تقريبن ۾ مختلف ملڪن ۾ به اهي هڪ ٻئي کي بنا ڪنهن ڏکائي ۽ سواءِ ڪو لفظ وات مان ڪڍڻ جي رڳو پنهنجي هٿن يا جسم جي ڳجهن اشارن جي زبان سان سڃاڻي وٺندا آهن . مثال طور تي هن جو هڪڙو اشارو عام” ٽڪنڊي “جو نشان آهي جنهن کي اک چيو ويندو آهي .

جيڪڏنهن ڪنهن اوپري ماحول ۾ ڪو فري ميسن اهو معلوم ڪرڻ چاهي ته هتي هن جي برادري جا گهڻا افراد موجود آهن يا ڪنهن اوپري ماحول ۾ پاڻ کي سڃاڻائڻ چاهي ته هو رڳو پنهنجيون آڱريون پنهنجي ڪوٽ يا واسڪوٽ جي بٽڻ جي وچ ۾ رکي ڪري هڪ طرف پنهنجي آڱرين کي ٽڪنڊو ٺاهي ۽ ٻئي طرف به پنهنجي ڪوٽ جي پاسي تي اهڙو ٽڪنڊو ٺاهي ته ” برادريءَ جا سڀئي ميمبر جيڪي هن جاءِ تي موجود هوندا هن کي هڪدم سڃاڻي وٺندا آهن ۽ هنن کي هڪ ٻئي جو تعارف ڪرائڻ لاءِ وات مان ڪو لفظ به ڪڍڻ جي ضرورت نه ٿيندي .

فري ميسن عام طرح تي ملڪ جي مٿائين درجي جي آفيسرن کي پنهنجو ميمبر بنائيندا آهن . غير ملڪي وڏين وڏين ڪمپنين جي مالڪن ۽ عهديدارن کي رڪن بنائڻ لاءِ ڪنهن خاص رنگ ، مذهب ، نسل يا قوميت جو قيد ناهي بلڪه هر ملڪ جي شهرين کي ميمبر بنائڻ جي همت افزائي ڪئي ٿي وڃي ۽ هن کان پوءِ منصوبي مطابق هنن کي پنهنجي ونگ تي آڻيندا آهن .

هنن ماڻهن کي اهڙي نموني استعمال ڪيو ٿو وڃي جو هنن کي اهو پتو به نٿو پوي ته هنن کي ڪهڙي مقصد لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ، برادري جي ميمبرن جي وچ زبردست جذبو محنت ۽ همدردي پيدا ڪري ڇڏيو ٿو وڃي . ڇڙو لاج جي رڪنيت ڪنهن سرڪاري آفيسرن کي هن جو حقدار بنائي ٿي ڇڏي جو هن کي ٻين آفيسرن جي ڀيٽ ۾ جلد ترقي ملي ٿي .

اهو عين ممڪن آهي ته لاج جي ميمبرن ۾ رڳو هڪ اڌ به يهودي نه هجي پر هن جي تنظيم اهڙي نموني تي رکيل آهي جو اها آخرڪار عالمي صهيونيت ( يهوديت) جي مقصدن جي خدمت ڪندي آهي .

ڪنهن ڳجهي تنظيم جي مختاريت جنهن کي رڳو محسوس ڪري سگهجي ٿو پردي پويان ڪم ڪرڻ جي سببان گهڻي بي ضمير ٿيندي آهي . اها تنظيم پاڻ پردي پٺيان رهي ڪري پنهنجي ڪارندن جي ذريعي ڪم هلائي ٿي .

جنهن کي ضرورت جي ڪري تبديل ڪري سگهجي ٿو . هنن جا چهرا بدلائڻ سان تنظيم کي نقصان جي بدران ابتڙ فائدو رسندو آهي . مستقل تبديلين ڪري ڪي ماڻهو منظر مان هٽائي ڪري وسيلن ۾ اضافو ڪرڻ خاطر ٻين کي هنئي خدمتن جي لاءِ معاوضي طور تي آندو ٿو وڃي .

اهڙي طاقت کي جيڪا نظر نٿي اچي شڪست ڏيڻ گهڻو ڏکيو آهي . هن تنظيم جي طاقت اها ئي آهي .


سنڌيڪار ۽ ڪمپوزر ؛ افتخار علي چوهاڻ
( ماهوار الفاروق سنڌي جمادالاول 1430 هجري ۾ ڇپيل)

ورتل ؛ عالمي يهودي تنظيمين ( مفتي ابو لبابه شاھ منصور )
پيغام ختم/ترميم ڪريو

No comments: